تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

مخالف ڌر جي جارحاڻي انداز آڏو پوئتي ٿيندڙ حڪومت

وزيراعظم عمران خان جي ڪجهه ڏينهن اڳ اسلام آباد ۾ وڪيلن جي ڪنوينشن کي خطاب کانپوءِ اهو اندازو لڳائڻ وڌيڪ ڏکيو ناهي ته وزيراعظم جي ذهن تي اپوزيشن پوري طرح حاوي ٿي چڪي آهي ۽ وزيراعظم کي به مڪمل رپورٽ آهي ته اپوزيشن هاڻي کيس ڪو موقعو نه ڏيندي. هاڻي اپوزيشن چئني پاسن کان حملي آور ٿي رهي آهي ۽ شايد حڪومت کي پاڻ سنڀالڻ جو موقعو نه ملي. ان لاءِ وزيراعظم هڪ پاسي پنهنجي روايتي سياسي مخالف جي انداز ۾ ڌمڪيون ڏئي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ٻئي پاسي سندس ئي ڪابينا جا اهم ترين وزير اسد عمر، فواد چوڌري ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر اپوزيشن کي جمهوري مينڊيٽ جو سبق ياد ڏياريندي احتجاجي تحريڪ نه هلائڻ جي درخواست ڪري رهيا آهن. اپوزيشن کي ٻڌايو پيو وڃي ته ملڪ ۾ دهشتگردي، ڏڦيڙ ۽ افراتفري جو خطرو آهي، ڪورونا جي وبا به ويندي ويندي وري موٽي سگهي ٿي ۽ ٻي لهر اڳ کان وڌيڪ خطرناڪ هوندي. ان لاءِ وڏن ميڙاڪن کان پاسو ڪيو وڃي. ملڪ ڪنهن احتجاجي تحريڪ ۽ ڏڦيڙ جي سٽ نٿو سهي سگهي. اپوزيشن بالغ نظري جو مظاهرو ڪري ۽ پنهنجن جلسن جي فيصلن تي نظرثاني ڪري. اهڙي ريت وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل جو چوڻ آهي ته اسان کي اپوزيشن مان ڪو سياسي خطرو ناهي. پي ٽي آءِ جي ڪجهه ٻين اڳواڻن جو به چوڻ هو ته اڄ به اسان سان عوام جي اڪثريت آهي ۽ اسان ان جو عملي مظاهرو لياقت باغ راولپنڊي ۾ اپوزيشن جي جلسي کان اڳ پنهنجو جلسو ڪري کين ڏيکاري به ڇڏينداسين. هاڻي راولپنڊي لياقت باغ جو جلسو ته سموري قوم ڏسي ورتو ۽ پاڻ وزيراعظم ۽ پي ٽي آءِ جي انهن اڳواڻن به ان ۾ شريڪ عوام جي سمنڊ جو نظارو ڪري ورتو ته هر پاسي ڪرسيون ئي ڪرسيون هيون انهن تي ماڻهو ويٺل نظر نه آيا. هن جلسي پي ٽي آءِ جي سياسي شعور کي به وائکو ڪري ڇڏيو آهي. حيرت آهي جو پي ٽي آءِ جي قيادت اڃان تائين خود فريبي جو شڪار آهي جو جڏهن سندس ٻن سالن کان وڌيڪ جي حڪومتي ڪارڪردگي تي عوام ايتري قدر تنگ آهي جو ڪالهه تائين جيڪي ماڻهو پي ٽي آءِ جا جهنڊا کڻي فخر وچان ماڻهن کي عمران خان جي ويزن تي قائل ڪندا هئا اڄ اهي ئي ان تي نه رڳو شرمسار آهن پر ماڻهن کان معافيون گهرڻ سان گڏوگڏ اعلان ڪندي چون ٿا ته اسان ڪوڙ، دوکي ۽ ٺڳيءَ جو شڪار هئاسين، اسان کي جيڪي ساوا باغ ڏيکاريا ويا اهي تباهي ۽ بربادي جا مينار ثابت ٿيا آهن. اهڙي صورتحال ۾ پي ٽي آءِ جي قيادت اپوزيشن کي پنهنجي سياسي طاقت ڏيکارڻ جو فيصلو ڪيو ۽ لياقت باغ جهڙي وڏي جلسي گاهه ۾ اجتماع جو فيصلو ڪيو. اهڙي سياسي عقلمندي تي افسوس ئي ڪري سگهجي ٿو. لياقت باغ جي جلسي پاڻ پي ٽي آءِ جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي آهي. هاڻي اپوزيشن 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا ۾ پنڊال سينگاري رهي آهي جنهن لاءِ (ن) ليگ جيڪا هن جلسي جي ميزبان پارٽي آهي انهي ڏينهن رات هڪ ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته پي ڊي ايم ۾ شامل ٻين پارٽين کانسواءِ پيپلزپارٽي به ان حوالي سان سرگرم آهي. اپوزيشن پارٽيون 16 آڪٽوبر جي جلسي کي حڪومت مخالف تحريڪ جي شروعات قرار ڏئي رهيون آهن.
ماضي ۾ متحده اپوزيشن جي تحريڪ هلندي رهي آهي پر هي تحريڪ انهن سڀني کان منفرد آهي، ماضي ۾ هليل تحريڪون هڪ مخصوص مدي تي پنهنجي عروج تي پهچنديون هيون ۽ پوءِ وڏا وڏا جلسا، جلوس، ريليون ۽ لانگ ٿيندا هئا پر هن ڀيري اپوزيشن پنهنجي تحريڪ جي شروعات ئي وڏن وڏن جلسن سان ڪري رهي آهي. اپوزيشن هنن جلسن کان اڳ نه ته پهريان ڪا عام راءِ کي منظر ڪرڻ جي تحريڪ هلائي، نه ڪارنر گڏجاڻيون ٿيون،نه ننڍا ننڍا مظاهرا ۽ جلوس ٿيا، وڏن جلسن جي شروعات جو مطلب ئي آهي ته حڪومت کي سڌو ٿيڻ جو موقعو نه ڏجي. ان لاءِ مسلم ليگ ن طرفان 16 ڊسمبر جي جلسي لاءِ گوجرانوالا جي چونڊ به اهم آهي. گوجرانوالا ڊويزن اها واحد ڊويزن آهي جتي مسلم ليگ ن ڪلين سوئيپ ڪيو هو، هي جي ٽي روڊ تي واقع اهڙو شهر آهي جنهن جي هڪ سڃاڻ ديسي پهلوانن، ۽ ٻي مسلم ليگ (ن) جي قيادت سان اڻٽٽ سياسي لاڳاپو آهي. پاناما ڪيس ۾ نااهلي کانپوءِ جڏهن نواز شريف اسلام آباد کان سڌي ريت جي ٽي روڊ لاهور واپس آيو هو ته جي ٽي روڊ تي سڀ کان وڏي آجيان به گوجرانوالا ۾ ٿي هئي ۽ جيڪڏهن ان کي جغرافيائي لحاظ سان ڏسجي ته هي پنجاب ۾ اهڙي هنڌ تي آهي جتي هر پاسي کان اچڻ سولو هوندو ۽ مسلم ليگ (ن) سموري ملڪ جي تنظيمن کي عام طور ۽ سموري پنجاب جي تنظيمن کي خاص طور جلسي ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن جي شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. سموري پنجاب مان ليگي اڳواڻن کي ريلين ۽ جلسن جي شڪل ۾ گوجرانوالا پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. جڏهن ته ان سان گڏوگڏ حڪومت طرفان امڪاني ڪريڪ ڊائون کي به نظر رکيو ويو آهي. ليگي قيادت جي آخري حد تائين اها ئي ڪوشش آهي ته 16 آڪٽوبر کان اڳ اهم اڳواڻ گرفتاري کان بچن ۽ 16 آڪٽوبر تي پنهنجن علائقن مان ريلين جي شڪل ۾ گوجرانوالا لاءِ نڪرن ۽ جيڪڏهن ڪٿي رستي ۾ کين روڪيو وڃي ٿو ته پوءِ ڪارڪن ڀرپور مزاحمت ڪن ۽ هر صورت جلسي واري هنڌ پهچڻ جي ڪوشش ڪن.
اپوزيشن جي حڪمت عملي انتهائي جارحاڻي هوندي جنهن لاءِ پي ڊي ايم جي پارٽين اهم مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي. جيئن ته 16 آڪٽوبر تي مسلم ليگ ن ميزبان آهي ۽ جلسي جي ڪاميابي جي گهڻي ڀاڱي ذميواري به ان تي ئي لاڳو ٿئي ٿي. مريم نواز پاڻ سڀني معاملن جي نگراني ڪري رهي آهي، روزاني جي بنياد تي مشاورتي اجلاس ٿي رهيا آهن. “ووٽ ڪو عزت دو پاسبان” فورس قائم ڪئي وئي آهي جنهن کان هن تحريڪ ۾ اهم ڪم ورتا ويندا. ليگي ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ مريم نواز لاهور کان هڪ ريلي جي شڪل ۾ گوجرانوالا ويندي. هو جاتي امرا کان رواني ٿيندي ۽ ريلي جي اڳواڻي ڪندي شهر مان گذري شاهدره کان جي ٽي روڊ تي ايندي ۽ پوءِ هتان گوجرانوالا طرفان سندس قافلو روان دوان ٿيندو ۽ ٻئي پاسي پيپلزپارٽي جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي اها به حڪومت لاءِ سٺو سنئوڻ ناهي. بلاول ڀٽو زرداري جلسي ۾ شرڪت لاءِ گجرات کان ساڳي ريت ريلي جي شڪل ۾ گوجرانوالا ايندو. انهن ٻن وڏين ريلين کي ڪنٽرول ڪرڻ حڪومت لاءِ ڏکيو ڪم هوندو ۽ جيڪڏهن ان دوران طاقت جو استعمال ڪيو ويو ته اپوزيشن به مزاحمت ڪندي جنهن جو مظاهرو مريم نواز جي نيب آفيس پيشي جي موقعي تي ٿي چڪو آهي. سياسي مبصرن موجب عمران خان حڪومت جي قيام کانپوءِ مسلم ليگ ن جي قيادت دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪئي. نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف ۽ حمزا شهبا زسميت ڪنهن به ليگي اڳواڻ جي گرفتار ۽ نيب پيشي جي موقعي تي مزاحمت نه ٿي . رڳو بيانن جي حد تائين انهن قدمن جي مذمت ڪئي وئي جڏهن ته مولانا فضل الرحمان پهرين ڏينهن کان جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو مريم نواز جي نيب ۾ پيشي دوران مولانا جي تجويز کي اختيار ڪيو ويو ته نيب کي دفاعي پوزيشن اختيار ڪرڻي پئي. جيڪا نيب هر پيشي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ ئي طلبي جو ايندڙ نوٽيس جاري ڪندي هئي هن ٻيهر مريم نواز کي طلب ئي ناهي ڪيو ۽ اپوزيشن جي پارٽين طرفان پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي گڏجڻ ۽ 16 آڪٽوبر تي گوجرانوالا ۾ جلسو ڪرڻ جي اعلان کانپوءِ وزيراعظم ڀلي اپوزيشن جي دٻاءُ ۾ نه اچڻ جو چوندو رهي پر حڪومتي قدم ته ڪجهه ٻيو ئي ٻڌائي رهيا آهن.
وزيراعظم جنهن جي وڏي خواهش مخالفن کي جيلن ۾ وجهڻ آهي ۽ هن جو وري وري هو اظهار به ڪندو رهيو آهي سندس حڪومت نواز شريف کانسواءِ بغاوت ڪيس ۾ نامزد مريم نواز، راجا فاروق حيدر، پرويز رشيد سميت ٻين سڀني اڳواڻن جا نالا خارج ڪري ڇڏيا آهن. مطلب حڪومت ڪيس جي فريادي جي بيان کانپوءِ ئي پاڻ هن ڪيس کي ڪمزور ۽ غيراثرائتو ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته ان حوالي سان به مسلم ليگ ن جي قيادت جي حڪمت عملي حڪومت لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي رهي هئي. ايف آءِ آر ۾ نامزد ليگي اڳواڻن پاڻمرادو ڌار ڌار ڏينهن ۾ ٿاڻي تي پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو هو پهرئين ڏينهن سنڌ جو اڳوڻو گورنر محمد زبير، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل عطا تارڙ ٿاڻي پيش ٿيا ته ايس ايچ او ۽ جاچ آفيسر ئي گم ٿي ويا پر پوءِ ايس ايڇ او کي اڳوڻي گورنر سنڌ سان ملڻو پيو پر ايس ايڇ او کيس گرفتار ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ حڪومت ايف آءِ آر تي جاچ لاءِ گڏيل ڪاميٽي ٺاهي جنهن فريادي بدر رشيد جو بيان رڪارڊ ڪيو ۽ پنهنجو فيصلو صادر ڪري ڇڏيو. هاڻي ليگي اڳواڻ ته گهٽ ۾ گهٽ ٿاڻي شاهدره نه ايندا ۽ هر ڏينهن ايس ايڇ او يا ٻئي عملي کي ٿاڻي مان فرار نه ٿيڻو پوندو. ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جي استعيفا به اپوزيشن جي دٻاءَ جو نتيجو سمجهي وڃي ٿي ان بابت نواز شريف ۽ مريم نواز کانسواءِ ٻين حڪومت مخالف پارٽين جي اڳواڻن مطالبو ڪيو هو ته کيس عهدي کان الڳ ڪري مٿس لڳل الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي. هاڻي عاصم سليم باجوه اطلاعات واري صلاحڪار جي عهدي تان هٽايو ويو آهي. سياسي مبصرن موجب نيازي حڪومت دٻاءُ جو شڪار ٿي رهي آهي. ايندڙ ڏينهن ۾ اپوزيشن کي ڳالهين جي دعوت به ڏئي سگهجي ٿي جڏهن ته اهي ڳالهيون اپوزيشن سان ڪير ڪندو ۽ ڇا هڪ ڀيرو ٻيهر هي ڳجهي انداز ۾ ٿينديون يا سرعام؟
پنهنجي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي سبب نيازي حڪومت ڪمزور پچ تي کيڏي رهي آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت باوجود هو اپوزيشن جي بائونسرز سبب دٻاءُ جو شڪار نظر اچي رهي آهي اپوزيشن حڪومت ۽ ان جي حمايتي طاقتن سان مزاحمت لاءِ سنجيده لڳي ٿي. 16 آڪٽوبر کانپوءِ 18 آڪٽوبر تي پيپلزپارٽي سنڌ ۾ پاور شو ڪندي ۽ ان کي به پي ڊي ايم جي پارٽين جي ليڊرشپ خطاب ڪندي. آرمي چيف به آئين تحت چونڊيل حڪومت جي حمايت جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. حالتون ڳنڀير ۽ نازڪ آهن حالتون انتهائي سياسي تدبر ۽ بردباري جون گهرجائو آهن. ذرڙي غلطي هڪ وڏي الميي جو سبب به بڻجي سگهي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *