Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_e0en29kd4lp440pj5gmg0kqqvv, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مخالف ڌر جي دلجاءِ ۽ مائنس ون جو موقعو! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مخالف ڌر جي دلجاءِ ۽ مائنس ون جو موقعو! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مخالف ڌر جي دلجاءِ ۽ مائنس ون جو موقعو!

هوءَ جيڪا مخالف ڌر ٿئي ٿي، تنهن جي ان کانسواءِ ڪا خواهش نٿي ٿئي ته حڪومت وڃي، گهٽ ۾ گهٽ وزيراعظم ته وڃي. اها خواهش اهي اهي غلط فهميون ٿي پيدا ڪري جو وڃي ٿيا خير!! اڳي ان خواهش سان ڪنهن دور ۾ حڪومت مخالف تحريڪون هلنديون هيون، وڏا ڌوڙ ڌڪاءُ ٿيندا ها، ڪامياب رڳو 1977ع واري تحريڪ ٿي، باقي موقعن تي رڳو ڌوڙ اڏري، واچوڙي کان وڌيڪ ڪجهه نه ٿيو. هي ته اهڙو دور اچي ويو آهي جو دل ۾ خواهش رکي وڃي ٿي تحريڪ نٿي هلائي وڃي، رڳو پنهنجي مخالفت کي تحريڪ ڪوٺيو ٿو وڃي ۽ پوءِ حڪومت جي وڃڻ جو انتظار! هن دور جي حڪومتن جي مخالفن رڳو اهڙا انتظار ڪيا آهن، حڪومتن جي ٽينوئر جيڏا انتظار!!! انهيءَ قسم جي انتظار جو نالو آهي “مائنس ون فارمولا”!!
جيڪڏهن مان ڀلجان نٿو ته اهڙي انتظار جي ڇٺي ڪري 1993ع ۾ اهو نالو رکيو ويو هو. ميان نواز شريف جي حڪومت هئي، حامد ناصر چٺه سندس ساٿ ڇڏي نئينءَ مان مخالف ٿيو هو. توائيءَ ۾ تيسو کائي هڪ ڀيري چيائين “نواز شريف جي جاءِ تي ڀلي کٽورام اچي به قبول هوندو، هي قبول ناهي” ان ڏهاڙي “مائنس ون” جي ٿيوري ايجاد ٿي، وقت جي اسٽيبلشمينٽ ملوث ٿي هئي ۽ ميان نواز شريف کان استعيفا ورتي وئي هئي! اهو ڏينهن اڄ جو ڏينهن مخالف ڌريون ٻي هر ڳالهه کان وڃي آخر ۾ اهو فرمائينديون آهن ته “مائنس ون” ٿئي! اسان جي ملڪ ۾ ڪا جا ڳالهه هيڪر ڪامياب ويندي آ ۽ ڪو جو ڪم هڪ ڀيري ٿي ويندو آ ته هر ڀيري ان کي ئي ورجايو ويندو آ، چاهيو ويندو آ ته هاڻي به ايئن ئي ٿئي! ۽ ايئن ٻيهر ناهي ٿيندو. تحريڪ سان حڪومت جو خاتمو به هڪ ڀيري ٿيو، مائنس ون جي سازش به هڪ دفعي ڪامياب ٿي.
مخالف ڌر کي ڪير سمجهائي ته اهي ڪم احتجاج توڙي سازش سان مناسب ناهن، انهن لاءِ ته بلڪل به ناهن جن کي اڃان سياست سکڻي آهي، ڊگهي محنت ڪرڻي آهي. ايئن حڪومت هٽائڻ اهڙو آهي جهڙو ڪاپي ڪري امتحان ۾ پاس ٿيڻ! اقتدار جڏهن ڏيڻو ۽ کسڻو عوام کي آهي ته عوام کي ڪرڻ ڏيو، اهو اگر سٺي سياست جي ميرٽ آهي ته ميرٽ تي حاصل ڪيو وڃي. ان لاءِ سيڙجي سازشون ڪرڻ يا گهٽ ۾ گهٽ انهن ۾ يقين رکڻ جو ڪهڙو لاچار آهي! افواهه تي يقين رکڻ، ڦهلائڻ، هٿ جي معنيٰ ڪڍڻ کان بهتر آهي ته ميرٽ تي حڪومتي ڪارڪردگي تي تنقيد ڪجي، عوام کي اهڙي تنقيد ئي تيار ڪندي آهي ته ايندڙ اليڪشن ۾ هن جي ووٽ جو حقدار هي حڪومت ناهي. ان سان ئي پاڻ کي متبادل طور پيش ڪبو آهي، ان سان ئي حڪومت کي اڪيلو ڪبو آهي!
وزيراعظم پارليامينٽ ۾ هڪ ئي وقت اسامه بن لادن واري واقعي جو ذڪر ڪري آمريڪا تي جيڪا تنقيد ڪئي، اجايو ان مان هٿرادو اها معنيٰ ڪڍي وئي ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ ۾ اختلاف پيدا ٿي پيا آهن. ان مان مخالف ڌر “مائنس ون” جو فارمولو ڪڍي ورتو، هو جمالو هڻڻ شروع ڪيو آهي، تصور ئي تصور ۾ سندس وات ۾ لڏون پوڻ شروع ٿي ويا، هڪ ٻئي کي خوشخبريون ۽ عوام کي اڳواٽ مبارڪون ڏيڻ لڳا آهن ته وزيراعظم اجهو ٿو وڃي، وڏا ڪاوڙيا اٿس، واهه واهه ٿيڻ واري آهي. مخالف ڌر جا هڪ ئي وقت تي ڪم ٿيڻ وارا آهن، احتساب مان آجپو، حڪومت مان نجات ۽ پنهنجي اقتدار لاءِ راهه هموار.
جيڪا مخالف ڌر ڪورونا جيان ڪيسن ۾ ورتي پئي آ، اها ٿي اسان کي دلجاءِ ڏئي ته وزيراعظم مائنس ٿيڻ وارو آهي. سارو ڏينهن صابڻ سان هٿ ڌوئڻ وارو ٿو اعلان ڪندو وتي ته ڪورونا ڏينهن ٻن جي مهمان آهي ۽ حڪومت کي وري هن مخالف ڌر مان ايترو خطرو آهي جيترو سينيٽائزر جي بوتل مان ڪورونا کي خطرو ٿي سگهي ٿو. هن قسم جي “سنامڪي” جهڙي حزب اختلاف عوام کي صحت جي دلجاءِ ٿي ڏيندي نظر اچي!! انهيءَ “حزب اختلاف شريف” وزيراعظم کي جڏهن مائنس ڪيو اهو به ڏسي وٺنداسين، تيستائين کيس عرض آهي ته پنهنجن تجربن ۾ لڳي رهي، اسان کي هروڀرو هٿرادو دلجايون عطا نه ڪري!
جيترا سال ملڪ کي ٿيا آهن ايترن سالن جو تجربو آهي ته سياست جا عطائي اڳواڻ ڪنهن مسئلي جو حل ناهن بلڪه خود هڪ مسئلو آهن. اقتدار نالي مرض جا هو خود بيمار آهن، هن ملڪ کي خوشحالي نالي هو صحت نٿا ڏئي سگهن، جن جي سياست اقتدار جي گرد گهمندي هجي اهي عوام کي فائدو نٿا ڏئي سگهن، هي ويڄ ناهن ڪويڄ آهن، تن طبيب ناهن، سور جي سڌ نٿا لهن، ويتر سور ٿا ڏين، هي اقتدار کان ٻاهر آهن ته عوام سان گڏ اقتدار جا مخالف بڻيا بيٺا آهن، اقتدار ۾ هوندا آهن ته عوام جي هر شڪايت جو مخاطب هوندا آهن، ايئن ئي بي حس ۽ ٻوڙا هوندا آهن جيئن هيءَ حڪومت!
عمران خان اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ اڳواڻ هو، هاڻي وزيراعظم آهي، هو اهي گر سکي ويو آهي اهي داءَ پيچ ڄاڻي ويو آهي جيڪي اقتدار ۾ اچڻ لاءِ اهم هوندا آهن، هاڻي هو اهي ڳالهيون ڪرڻ به سکي رهيو آهي جيڪي اقتدار کي ڇڪڻ لاءِ لازمي هونديون آهن. هو شايد اهي اٽڪلون به سکي وڃي جيڪي وري وري اقتدار ۾ اچڻ لاءِ اهم هونديون آهن. انهيءُ ڪري جن جو به اهو تجزيو آهي ته عمران خان مائنس ٿيڻ وارو آهي تن جي اها خواهش آهي، اهڙن جي اطلاع لاءِ عرض آهي ته هن حڪومت جي ڪابه شئي مائنس ٿيڻ واري ناهي، هونئن به ناهي ۽ ان ڪري به ناهي ته هن حڪومت کي اهڙي مخالف ڌر ملي آهي جيڪا رسمي سياست ۽ رسمي مخالفت پئي ڪري. وڏي عرصي کان پوءِ انٽري ڏئي وڏي ننڊ ستل مخالف ڌر ۾ اهو دم ئي ڪونهي جو حڪومت کي هيڏي هوڏي ڪري سگهي. مخالف ڌر ڪيس ۾ ڪورونا وانگي ورتي پئي آهي. هن کي وري به حڪومت ۾ ئي آسرو آهي ته سندس ٽيسٽ نيگيٽو قرار ڏئي! جيڪا ڌر پنهنجا ڪيس مائنس ڪرائڻ جي فڪر ۾ هجي اها حڪومت يا ان جي وزيراعظم کي مائنس ڪرڻ جي چڪر ۾ نٿي پئجي سگهي. سو مخالف ڌر به اتي آهي ۽ حڪومت به اتي آهي.
ڪوئي مائنس فارمولو ڪا معنيٰ نٿو رکي. انهيءَ فارمولي سان نه ڪو مائنس ٿيندو آهي نه ئي ٿيندو، اهڙي هوا ڇڏڻ وارا پنهنجو پيٽ هلڪو ڪندا آهن، ان کان اڳتي ڪا ڳالهه نه هوندي آهي، جيڪي مائنس جي ڳالهه ڪندا آهن ميڊيا کي خبرون ٺاهي ڏيندا آهن ۽ ٽاڪ شوز کي اشوز بڻائي ڏيندا آهن، هوا ۾ هر وقت اهڙا تنڪا اڏامندا آهن، ضروري ناهي ذرا وزن ڌاري ڪنهن تي ڀاري ٿي سگهن، عمران خان مائنس ڪونه پيو ٿئي، عمران خان جهڙي حال ۾ آهي اهڙي ۾ ئي رهندي نظر پيو اچي، حڪومتون هن ملڪ ۾ ايئن هلنديون آهن، هي به هلي پئي. هلندي کي هلائيندا آهن، حڪمران هر دور ۾ پنهنجي ڪم کي ٽپائيندا آهن، جن ڪي اميدون رکيون هيون تن جو مايوس ٿيڻ يقيني هو، جن توقع رکي هئي تن جي غلطي هئي، درست اهي ثابت ٿيا جن سمجهيو هو ته هيءَ ملڪ جيئن هلندو آيو آهي تيئن ئي هلندو پيو. جيئن 72 سال هليو آهي ايئن هي پنج سال به هلي ويندو جهڙا پنج سال هوندا اهڙا ڪيئي ڏهاڪا ڪڍي ويندو. ملڪ مڙئي هلندو پيو جهڙي قسم جي سياست آهي، سسٽم آهي تهڙي حڪمراني به ٿيندي پئي، موقعن جي تلاش ۾ ويٺل مخالف ڌر پنهنجي مخالفت جاري رکندي، حڪومت انهن جي ئي هٿن ۾ واري ڦيري ايندي پئي جيڪي نسل در نسل حڪمراني ڪندا آهن، ماڻهو اهي ئي هوندا پارٽيون بدلبيون پيون.!!!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *