تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

مخالف ڌر خلاف غداري ڪيس، ماسٽر مائينڊ ڪير آهي ؟

موسمي گرمي پد پنهنجي رڌم ۾ آهستي آهستي تبديل ٿي رهيو آهي، گرمي وڃي رهي آهي ۽ سياري جون راتيون پنهنجي ٿڌڪار وکيرڻ لاءِ تيار آهن، آڪٽوبر جي شروعات کان ئي گرمي جو زور گهٽجي ويو آهي ۽ جيئن ئي سج لهي ٿو ته شام سهڻي آهي پر پياري وطن ۾ سياسي گرمي پد وڌي ويو آهي. اپوزيشن جي اي پي سي، اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف جا لنڊن مان سڌي ريت خطاب ۽ اهم عهدن تي رهندڙ ماڻهن بابت انڪشاف ۽ پوءِ حڪومتي وزيرن ۽ حامين طرفان نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جي بيانن ذريعي ڀارتي ايجنٽ قرار ڏيڻ کان ويندي باضابطا غداري جو ڪيس داخل ڪرڻ سان سياسي گرمي پد جون جولاءِ جي گرمي پد کان به مٿي آهي. اپوزيشن گهٽ ۾ گهٽ نقطن تي گڏجي رهي آهي ۽ حڪومت خلاف ميدان ۾ ڀرپور تحريڪ هلائڻ جي حڪمت عملي تي عمل طرف وڃي رهي آهي. پي ڊي ايم جي مرڪزي عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي آهي، صوبائي تنظيمن تي حتمي مشاورت جاري آهي، اجلاس کانسواءِ هاڻي جلسن جون تاريخون به سامهون اچي چڪيون آهن. مسلم ليگ ن لاهور ۾ شهباز شريف جي گرفتاري خلاف مال روڊ سان لاڳاپيل ٽمپل روڊ تي وڏو احتجاجي مظاهرو ڪري پنهنجي ڪارڪنن کي پرجوش ڪري چڪي آهي جڏهن ته ڪراچي ۾ پيپلزپارٽي به ريلي جي شڪل ۾ فل ڊريس ريهرسل ڪري ورتي آهي. مولانا فضل الرحمان ته 2018ع جي چونڊن ۾ پهريون ڀيرو پارليامينٽ مان ٻاهر رهڻ تي لاڳيتو جدوجهد ۾ آهي. پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تي پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن سميت ٻين حڪومت مخالف پارٽين کي گڏ ڪرڻ بيشڪ فضل الرحمان جو ڪارنامو آهي. ماضي ۾ اهڙا اتحاد ٺاهڻ جمهوريت جي ابي نوابزاده نصر الله خان مرحوم جي خاصيت هئي. ماضي ۾ اهڙي قسم جي اتحاد جي پليٽ فارم تان جيڪا تحريڪ هلائي وئي اها اي آر ڊي جي تحريڪ آهي جيڪا فوجي ڊڪٽيٽر پرويز مشرف خلاف هئي. ان دوران اي آر ڊي جي پليٽ فارم تان سڄي ملڪ ۾ وڏا وڏا جلسا، جلوس ۽ ملين مارچ ڪيا ويا. اڄ پي ٽي آءِ ۽ عمران خان جي حڪومت آهي پر پي ڊي ايم جا اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ کي خبردار ڪندي نظر اچي رهيا آهن جنهن مان اهو ئي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته هي اتحاد انهن قوتن خلاف آهي جيڪي حڪومتن تي اثرانداز ٿين ٿيون.
اي پي سي کي خطاب کانپوءِ نواز شريف ملڪي سياست تي هڪ ڀيرو ٻيهر نمايان آهي، شيخ رشيد جي بيانن کانپوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر جو اڳوڻي گورنر سنڌ محمد زبير جي آرمي چيف سان ملاقاتن بابت بيان ڏيڻ، هڪ حساس ايشو آهي، ڊي جي آءِ ايس پي آر جي بيان قومي اداري کي هڪ پاسي بيٺل ظاهر ڪيو آهي ۽ ان کانپوءِ مولانا عبدالغفور حيدري جي بيان اهڙن معاملن کي عام ڪري ڇڏيو آهي جيڪي نه ٿيڻ گهرجن ها. هن بيان کانپوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر ۽ ڪنهن حڪومتي ترجمان طرفان ڪا وضاحت به ناهي ڪئي وئي ۽ ميان نواز شريف پارٽي جي سي اي سي ۽ سي ڊبليو سي جي اجلاسن ۾ هڪ ٻئي پٺيان خطاب ڪري اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جنرل (ر) ظهير الاسلام طرفان پي ٽي آءِ جي اسلام آباد ڌرڻي دوران استعيفيٰ گهرڻ جا انڪشاف ڪيا. نواز شريف کانسواءِ مريم نواز جنرل (ر) عاصم سليم باجوه جي گرفتاري جو مطالبو ۽ سندس ڪٽنب جي پرڏيهه ۾ ڪاروبار جي جاچ جو به مطالبو ڪيو آهي. حڪومتي ترجمان به نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب خلاف بيان ڏيڻ ۾ رڌل آهن. وفاقي وزير شيخ رشيد موجب مريم نواز بابت وٽس اهڙا انڪشاف آهن جو هو ٻڌائي ته سياسي زلزلو اچي وڃي ۽ ڊاڪٽر شهباز گل جو چوڻ آهي ته وٽس اهڙا ثبوت آهن جن مان ثابت ٿئي ٿو ته نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب ڀارت نواز آهي ۽ هي سڀ ڀارتي ايجنٽ آهن. ايجنٽ ايجنٽ جو راڳ آلاپجڻ جي بيانبازي جو سلسلو اڃان ختم نه ٿيو هو ته لاهور جي ٿاڻي شاهدره ۾ بدر رشيد نالي شخص جي درخواست تي ميان نواز شريف، آزاد ڪشمير جي موجوده وزيراعظم راجا فاروق حيدر، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، مريم نواز، اڳوڻي گورنر محمد زبير سميت 40 کان وڌيڪ سينيئر ليگي اڳواڻن خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ سان واسطو رکندڙ گورنر پنجاب چوڌري محمد سرور سميت اهم حڪومتي وزير هن ايف آءِ آر کان لاتعلقي جو اظهار ڪري رهيا آهن. چوڌري سرور جو چوڻ آهي ته حب الوطني جا سرٽيفڪيٽ ورهائڻ کي هو ڪڏهن به پسند ناهن ڪندا. منهنجي خيال ۾ هي ايف آءِ آر هجڻ ئي نه گهرجي ها ان کانسواءِ به هڪ پي ٽي آءِ اڳواڻ هن ايف آءِ آر جي داخل ٿيڻ خلاف پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري چڪو آهي. هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته حڪومت تحريڪ انصاف جي، وزيراعظم، وزيراعليٰ، گورنر ۽ ٻيا وزير سڀ سندن پنهنجا، آءِ جي پنجاب، سي سي پي او سندن پيارا، درخواست ڏيڻ وارو بدر رشيد پارٽي عهديدار ۽ سڀ کان اهم اهو ته غداري جي الزامن تي بنا حڪومتي مشاورت جي ڪيس داخل ئي نٿو ٿي سگهي ۽ پوءِ به هاڻي سڀ وڏا حڪومتي عهديدار ذميواري وٺڻ لاءِ تيار ناهن. ڪٿي ايئن ته ناهي جو حڪومت کان مٿان مٿان اهو سڀ ٿي ويو ۽ جيڪڏهن ايئن آهي ته پوءِ اهو ٻڌائڻ به حڪومت جو ئي فرض آهي ته ڪنهن اهو سڀ ڪجهه ڪيو ۽ ان کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو يا وري ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ حڪومتي ذميوارن کي اهو احساس ٿيو ته ان جا اثر ڪيترا سنگين ٿي سگهن ٿا.
غداري جي ايف آءِ آر پاڻ اسان جي قومي سلامتي جي ادارن کي به ڪٽهڙي ۾ آڻي ڇڏيو آهي. هي ايف آءِ آر سندن ڪارڪردگي تي به سواليا نشان آهي. هڪ موجوده وزيراعظم ۽ اهو به آزاد ڪشمير جو جيڪو انتهائي اهم، عالمي معاملو آهي جيڪڏهن اهو غدار آهي ته اسان جي سلامتي جا ضامن ادارا اڄ تائين ان جو پتو ئي نه لڳائي سگهيا. هڪ شخص ڀارتي ايجنٽ آهي، ان جو ڪٽنب ڀارت جي مفاد جو دفاع ڪري ٿو اهو غدار آهي، اهڙو شخص ٽي ڀيرا ملڪ جو وزيراعظم بڻجي ٿو. اسان جا ادارا ڪٿي ننڊ پيل هئا؟ انهن جي ڪنن تائين اها خبر به نه پهتي. هن ايف آءِ آر ۾ هڪ ٻيو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي به شامل آهي اهو اهڙو غدار آهي جيڪو حڪومت جي سڀني وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن کان وڌيڪ ڪروڙين رپين جو ٽيڪس ڏئي ٿو جڏهن ته اڳوڻن دورن ۾ اهم ترين عهدن تي رهندڙ ماڻهو به هن ايف آءِ آر موجب غدار آهن. هن ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس قانون موجب ڪارروائي اڳتي وڌائي آهي ۽ ان تي جاچ ڪرڻي آهي پر هڪ سادي ڳالهه اها به آهي ته جن سياسي اڳواڻن خلاف هي ايف آءِ آر ڪاٽي وئي انهن جي پوئلڳن جو انگ به ڪروڙن ۾ آهي ۽ غدار جو ساٿي يا حمايتي وفادار آهي يا غدار ان تي به حڪومتي ترجمانن ۽ پوليس آفيسرن کي جواب ڏيڻ گهرجي.
پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائرا نواز شريف سميت ليگي اڳواڻن خلاف غداري جي ڪيس کي اعزاز قرار ڏنو آهي، سندس بقول سياسي اڳواڻن کي غدار قرار ڏيڻ ميڊل هوندو آهي ۽ ان سان سندن عوامي مقبوليت وڌندي آهي. ۽ اهو ڪو پهريون موقعو ناهي جو ڪنهن سياسي اڳواڻ کي غدار قرار ڏنو ويو هجي ان کان اڳ مادر ملت محترمه فاطمه جناح کي به ايوب خان جي دور ۾ غدار قرار ڏنو ويو. خان ولي خان، جي ايم سيد ۽ شيخ مجيب الرحمان به هن ميڊل جا حقدار بڻيا پر ڇا عوامي سطح تي کين غدار مڃيو ويو؟
مسلم ليگ ن سميت اپوزيشن پارٽيون نواز شريف خلاف غداري جي ڪيس کي عوامي سطح تي ڀرپور انداز ۾ آڻڻ ۾ رڌل آهن جڏهن ته وزيراعظم سميت سمورا حڪومتي وزير لاتعلق آهن. پوليس ايف آءِ آر داخل ٿيڻ کانپوءِ خاموش آهي. سوال اهو آهي ته نيٺ ڪنهن ته غداري جي ڪيس جو خيال ڏنو هوندو جنهن سان ملڪ جي وزيراعظم به پاڻ کي پري ڪري ڇڏيو آهي. جنهن ملڪ جو چيف ايگزيڪٽو معاملن کان لاتعلق ٿي وڃي اتي مسئلن کي ڪير حل ڪندو؟ ۽ وڌندڙ ٽڪراءُ ڪٿي پهچندو؟ سوشل ميڊيا تي سپه سالار جو هڪ وڊيو پيغام به وائرل آهي جنهن ۾ هو نالو وٺڻ کانسواءِ لنڊن ۾ويهي قومي ادارن ۽ ملڪ خلاف سازشون ڪرڻ وارن خلاف ڪارروائي جو اشارو ڏئي رهيو آهي ۽ نواز شريف به واضح پاليسي سان کليل نموني سامهون اچي چڪو آهي. نواز شريف “اڀي نهين تو ڪڀي نهين” وارو فارمولا اختيار ڪيو آهي.ميان نواز شريف کي خبر آهي ته ٻنهي صورتن ۾ سندس ته ڪجهه نه ويندو جيڪڏهن نقصان ڀوڳڻو پيو ته حڪومت يا طاقت جي مرڪزن کي ئي ڀوڳڻو پوندو. ان لاءِ هو جارحاڻي رويو اختيار ڪري ٿو ۽ لنڊن ۾ ويهي کليل نموني سياست به ڪندو ۽ پارٽي کي به هلائيندو حڪومت چاهيندي به لنڊن ۾ سندس خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪري سگهندي ۽ جيڪڏهن ڪنهن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي ته اها به هاڻي ميان نواز شريف يا پوءِ سندس نامزد اڳواڻ ئي ڪندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *