Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_iulonc7oe0qpu7jtfh4edorupr, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مخالف ڌر ۽ ناراض اتحادين سبب وزيراعظم دٻاءُ جو شڪار - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مخالف ڌر ۽ ناراض اتحادين سبب وزيراعظم دٻاءُ جو شڪار - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مخالف ڌر ۽ ناراض اتحادين سبب وزيراعظم دٻاءُ جو شڪار

هونئن ته سڄي دنيا ان خوشخبري جي انتظار ۾ آهي جنهن ۾ جوبائيڊن جي ڪاميابي ۽ ٽرمپ جي ناڪامي جو اعلان سامهون اچي، اهڙي خوشخبري يا تبديلي جو انتظار آمريڪا جي اليڪشن جي نتيجن سان سلهاڙيل آهي، پر اسان جي ملڪ اندر تبديلي جو نعرو هڻندڙ سرڪار مخالف ڌر جي تحريڪ کي منهن ڏيڻ لاءِ دعوتن جو اهتمام ڪندي نظر اچي رهي آهي. وزيراعظم جيڪو گذريل ڏينهن تائين لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف کي مخاطب ٿيندي پنهنجي ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي چئي رهيو هو ته مان هن کي نه ڇڏيندس، جيڪو وزيراعظم پنهنجي اڍائي سالن وارن حڪومتي ڏينهن دوران حڪمران اتحاد کي نه گهٻرائڻ جو مشورو ڏيندو رهيو آهي ان وزيراعظم عمران خان جا تازا عمل ٻڌائين ٿا ته وزيراعظم عمران خان مخالف ڌر جي تحريڪ جي نتيجي ۾ سخت دٻاءُ جو شڪار آهي. وزيراعظم هائوس ۾ اتحادي جماعتن جي ميمبرن کي مانجهاندي جي دعوت ڏيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته وزيراعظم مخالف ڌر جي تحريڪ جي مقابلي ۾ پنهنجو سياسي توازن ظاهر ڪرڻ جي عمل مان گذرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جنهن کي هڪ طرف مخالف ڌر جي پي ڊي ايم واري اتحاد ته ٻئي طرف حڪومتي اتحاد جي دائري ۾ به بحث هيٺ آڻي سگهجي ٿو. هينئر تائين حڪومتي اتحاد ۾ شامل پارٽين جي برعڪس مخالف ڌر جي پي ڊي ايم واري اتحاد ۾ موجود پارٽيون منظم صورت ۾ نظر اچي رهيون آهن، جيتوڻيڪ اهڙي مخالف ڌر واري اتحاد ۾ بلاول ڀٽو جي گلگت بلتستان ۾ مصروف هجڻ دوران ڪوئيٽا واري جلسي ۾ سڌو شريڪ نه ٿي سگهڻ کان وٺي اياز صادق جي بيان تائين ڪيترائي مسئلا سامهون آيا آهن جنهن کي پي ڊي ايم کي نقصان پهچائڻ واري بيانيي سان به ڳنڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ساڳئي وقت بلوچستان اندر مسلم ليگ نواز جي بحران کي ن ليگ جي اندروني بحران سان به ڳنڍيو ويو پر اهڙن سمورن بيانن باوجود پي ڊي ايم جا اڳواڻ انتهائي تجربيڪار هجڻ جي نتيجي ۾ انهن بيانن کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندي نظر اچي رهيا آهن. بلاول ڀٽو گلگت بلتستان مان وڊيو لنڪ ذريعي ڪوئيٽا واري جلسي کي خطاب ڪري ان بيانيي کي مڪمل طور بي اثر ڪري ڇڏيو جيڪو پي ڊي ايم جي اندر اختلاف ڳولي رهيو هو، جڏهن ته مولانا فضل الرحمان اياز صادق جي بيان کان پوءِ اياز صادق جي گهر پهچي ساڻس گڏجي پريس ڪانفرنس ڪري اياز صادق خلاف حڪومتي تنقيد جو اثر ختم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۾ پنهنجن اتحادين کي مانجهاندي تي گهرائي پنهنجي حڪومت جي طاقتور هئڻ جو مثال قائم ڪرڻ جي جيڪا ڪوشش ڪئي ان ۾ عمران خان مڪمل طور تي ناڪام ٿيندي نظر اچي رهيو آهي.
حڪومت جي وڏي اتحادي جماعت مسلم ليگ (ق) هن عمران خان واري مانجهاندي ۾ شرڪت ڪرڻ کان انڪار ڪري اهو ثابت ڪري ڇڏيو ته عمران خان کي حڪومت قائم ڪرڻ جي حوالي سان جيڪو ووٽن جو انگ آهي ان ۾ هاڻي اهو اڪثريت وارو وزن ناهي رهيو، جڏهن ته جيڪي عمران خان جي مانجهاندي ۾ شريڪ ٿيا اهي اتحادي به پنهنجن پنهنجن مسئلن جي بنياد تي عمران خان آڏو واعدن جي تڪميل نه ٿيڻ واريون شڪايتون ڪندي نظر آيا. جنهن مان اندازو ٿئي ٿو ته حڪومتي اتحاد سان لاڳاپيل پارٽيون عمران خان سان ڪيترو گڏ بيٺل آهن، اهڙي مانجهاندي ۾ شريڪ ٿيندڙ هڪ ميمبر سان جڏهن ڳالهه ٻولهه ٿي تڏهن سندس چوڻ هو ته هر سال اهڙي بحران جي نتيجي ۾ اهڙو مانجهاندو ٿيندو رهندو آهي جنهن ۾ وزيراعظم صاحب ساڳيو خطاب ڪندي نظر ايندو آهي پر نتيجي ۾ اتحادي يا تحريڪ انصاف جي ميمبرن کي ملندو ڪجهه به ناهي، اتحادي يا تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي ايجنڊا ۾ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ ميگا پروجيڪٽن ۾ حصيدار نه ڪرڻ واريون شڪايتون هيون پر وزيراعظم عمران خان جي ايجنڊا واضح هڪ نقاطي هئي ته مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل ڪري رهي آهي ان مخالف ڌر کي منهن ڪيئن ڏجي؟ خبر ناهي ته وزيراعظم جي خطاب کان پوءِ تحريڪ انصاف جا ميمبر يا اتحادي عمران خان جي خطاب مان ڪيترو متاثر ٿيا هوندا پر حڪومت جي ان ڪوشش مان به حڪومت جي پريشاني جو اندازو لڳائي سگهو ٿا جنهن ۾ وزيراعظم هائوس سردار اختر مينگل جي پارٽي بي اين پي کي به پنهنجو اتحادي سمجهي وزيراعظم هائوس واري مانجهاندي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ فون ڪرڻ تي مجبور ٿي، مطلب ته حڪومت جي ذهن ۾ بلوچستان نيشنل پارٽي هينئر تائين سندن اتحادي پارٽي ۾ شمار ئي رهي آهي، جڏهن ته بلوچستان نيشنل پارٽي ان حڪومت مخالف اتحاد جو هينئر حصو ٿي چڪي آهي جنهن حڪومت مخالف پي ڊي ايم واري اتحاد عمران خان کي وزيراعظم هائوس ۾ اتحادين کي گڏ ڪرڻ تي مجبور ڪيو، پي ڊي ايم ۾ شامل سردار اختر مينگل واري پارٽي گجرانوالا، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا واري جلسي ۾ نه رڳو ڀرپور شرڪت ڪئي پر حڪومت خلاف پنهنجي بيانيي کي به واضح ڪيو. بلوچستان ۾ هينئر جيڪو مسلم ليگ (ن) اندر بحران آهي اهو به بقول ن ليگ جي اڳواڻن جي سردار اختر مينگل جي پارٽي ۽ سردار ثناءُ الله زهري جي پارٽي جي وچ تي اختلافن جو نتيجو آهي، جنهن ۾ پي ڊي ايم سردار اختر مينگل جي موقف کي اهميت ڏيندي ن ليگ اڳواڻن کي ڪوئيٽا واري جلسي ۾ شرڪت کان روڪيو، تڏهن ته سردار اختر مينگل پي ڊي ايم واري اتحاد ۾ گڏ آهي پر اخترمينگل ان وقت به مولانا فضل الرحمان واري اتحاد ۾ شامل ٿي چڪو هو جڏهن مولانا فضل الرحمان وارو اهو اتحاد پيپلزپارٽي ۽ نواز ليگ جي غير موجودگي ۾ رڳو 9 پارٽين تي مشتمل هو، مخالف ڌر جي پي ڊي ايم واري اتحاد کان اڳ باضابطه طور تي اختر مينگل کي مخالف ڌر جو حصو ٿيڻ لاءِ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن دعوت به ڏئي ڇڏي هئي، اهڙي چٽي موقف باوجود وزيراعظم هائوس بلوچستان نيشنل پارٽي کي مانجهاندي واري دعوت ۾ فون ڪري پنهنجي ڪمزور هئڻ جي نشاني ظاهر ڪري ڇڏي آهي،
جڏهن ته مسلم ليگ (ق) پاران هن مانجهاندي ۾ شريڪ نه ٿيڻ حڪومت کي مڪمل طور تي اهڙي ٻه واٽي تي اچي بيهاري ڇڏيو آهي جنهن ۾ بنا ڪنهن عدم اعتماد جي تحريڪ جي عمران خان پنهنجي اڪثريتي ووٽن کي وڃائيندي نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته ان هائوس تبديلي واري آپشن کي وڌيڪ مضبوط پڻ ڪري ڇڏيو آهي. هن مانجهاندي کان پوءِ وارن بحثن ۾ اهو بحث به شامل ٿي چڪو آهي ته جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي حڪومتي اتحادين سان رابطا ڪري ته عمران خان جي حڪومت جنوري تائين قائم رهڻ مشڪل ٿي ويندي، هونئن ته اهڙي صورتحال جو اظهار وزيراعظم عمران خان پاڻ به پارليامينٽ جي فلور تي تقريرن ۾ ڪندو آيو آهي جنهن ۾ عمران خان جو اهو چوڻ رهيو آهي ته جيڪڏهن مان مائينس ٿي به ويس ته منهنجي جڳهه تي ٻيو ڪو به ايندو اهو به احتساب جو عمل جاري رکندو، هنن (پي پي پي ۽ ن ليگ) کي ڪو نه ڇڏيندو. ان وقت تائين ان هائوس تبديلي جو مفهوم اهو هو ته عمران خان جي جڳهه تي تحريڪ انصاف منجهان ئي شاهه محمود قريشي يا ڪنهن ٻئي سينيئر اڳواڻ جي صورت ۾ وزيراعظم ٿي سامهون اچي سگهي ٿو، پر هينئر ان هائوس تبديلي جو مقصد رڳو عمران خان جي مائينس ٿيڻ جو ناهي پر تحريڪ انصاف جي حڪومت جي خاتمي جو اعلان ئي هوندو، جيڪڏهن پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) وارا انهن ملاقاتن کي بدستور قائم رکن جن ملاقاتن ۾ خواجا سعد رفيق ۽ خواجا سلمان رفيق پنهنجي آزادي کان پوءِ چوڌري شجاعت ۽ چوڌري پرويز الاهي سان گهر وڃي مليا هئا. چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر هئڻ جي حيثيت ۾ حڪومت جو ايئن دٻاءُ برداشت نه ڪيو هو جيئن قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر دٻاءُ برداشت ڪندي خورشيد شاهه جهڙن ميمبرن کي قومي اسيمبلي آڻڻ کان لاچار نظر اچي رهيو آهي، نه رڳو اهو پر مسلم ليگ (ق) نيب پاران چوڌري ڀائرن خلاف ڪيسن کي متحرڪ ڪرڻ جي صورت ۾ حڪومت کان الڳ ٿيندي نظر آئي هئي. هي جيڪو جهانگير ترين اچانڪ پنهنجي وطن واپس اچڻ جو اعلان ڪيو آهي ان ساڳئي شگر ڪميشن واري اسڪينڊل ۾ چوڌري ڀائرن جون ملون به شامل رهيون آهن، چوڌري ڀائرن کان علاوه حڪومتي ميمبرن جا معاملا به وفاقي ڪابينا کان وٺي پنجاب جي صوبائي ڪابينا جي فيصلن تائين ان شگر ڪميشن جي رپورٽ جي اندر سواليا نشان بڻيل آهن، جيڪڏهن جهانگير ترين ملڪ واپس اچي احتساب جي عمل مان گذري ٿو ته پوءِ حڪومت جي صورتحال “گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” جهڙي ٿي ويندي، جڏهن ته اهڙي ان هائوس تبديلي کي پرکيندي عمران خان پنهنجي تازي خطاب ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن اسان جي حڪومت هلي به وئي تڏهن به هنن کي نه ڇڏبو، مطلب ته قومي اسيمبلي اندر عمران خان ان هائوس تبديلي کان چونڊ تائين وارن مخالف ڌر جي آپشنز کي مڪمل طور تي رد ڪندي نظر اچي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ قومي اسيمبلي کان ٻاهر هڪڙي پاسي عمران خان ٽائيگر فورس کي متحرڪ ڪندي نظر اچي ٿو ته ٻئي طرف مريم نواز شير جوان موومينٽ کي خطاب ڪري هينئر گلگت بلتستان ۾ چونڊ مهم هلائيندي نظر اچي رهي آهي، ٻئي طرف بيورو ڪريسي جي اهڙي صورتحال نظر اچي رهي آهي جو هينئر جيڪو ڪڻڪ جو بحران آهي ان ۾ وفاقي ڪابينا اهڙي مونجهاري جو شڪار آهي جو اهي سوال اٿي رهيا آهن ته جيڪا ڪڻڪ ڪجهه وقت اڳ تائين وڌيڪ مقدار ۾ هئڻ ڪري ٻاهرين ملڪ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو ساڳي ڪڻڪ جو بحران هينئر ڪڻڪ ٻاهرين ملڪ کان امپورٽ ڪرڻ جي نتيجي واري صورت ۾ ڇو سامهون آيو آهي؟ ٻڌايو پيو وڃي ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس اندر وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي ناراض به ٿيو آهي ته وفاق ۽ سنڌ جي وچ تي ڪڻڪ جي اگهه جا معاملا هڪ ئي ڏينهن طئي ڇو ٿي نه سگهيا آهن، جڏهن ته اهو به چيو پيو وڃي ته بيورو ڪريسي جي طرفان جيڪا بريفنگ ڪڻڪ جي حوالي سان حڪومت کي مليل هئي اها حڪومت کي گمراهه ڪرڻ جي صورت ۾ سامهون آئي آهي، ان نئين بحران سان حڪومت جا صوبن سان ۽ بيورو ڪريسي سان معاملا نئين سري سان بگڙجندي به نظر اچي سگهن ٿا.
حڪومت جتي پنهنجي مختلف ناڪامين جي صورت ۾ اهڙي آپشن جي ڳولا ۾ آهي جنهن ذريعي مخالف ڌر جي بيانيي کي مڪمل طور تي ڪچلي سگهي اهڙي حڪومت پنهنجن وزيرن جي بيانن جي صورت ۾ به مسلسل مشڪلات جو شڪار ٿيندي نظر اچي رهي آهي، اياز صادق جي بيانيي کي ته مخالف ڌر جي ڳچي ۾ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر وفاقي وزير چوڌري فواد جي بيان کان وٺي گهرو کاتي جي وفاقي وزير اعجاز شاهه جي تازو اي اين پي خلاف ڏنل بيان جي نتيجي ۾ مخالف ڌر کان وڌيڪ سول سوسائٽي اندر به ناراضگي جو عنصر نظر اچي رهيو آهي، چيو پيو وڃي ته حڪومت گجرانوالا ، ڪراچي ۽ ڪوئيٽا واري جلسي کان پوءِ مخالف ڌر جي تحريڪ اندر هڪ مهيني جي وقفي هئڻ باوجود ايترو سخت پريشان آهي جو پنجاب اندر فياض الحسن چوهاڻ جي جڳهه تي فردوس عاشق اعواڻ کي آندو ويو آهي ته ٻئي طرف پشاور واري جلسي کان اڳ اي اين پي کي نشانو بڻائڻ شروع ڪيو آهي، ساڳئي وقت اهي اطلاع به حڪومت ڏيڻ ۾ مصروف نظر اچي رهي آهي جيڪي دهشتگردي وارا خدشا ڪوئيٽا واري جلسي کان اڳ ڏنا پئي ويا، فياض الحسن چوهاڻ جي جڳهه تي فردوس عاشق اعواڻ کي ذميواريون ڏيڻ سان جتي حڪومت جي ذهن ۾ اهو هجي ته فياض الحسن چوهاڻ جي مقابلي ۾ فردوس عاشق اعواڻ وڌيڪ مخالف ڌر خلاف بيانيي کي مضبوط بڻائيندي اتي ساڳئي وقت حڪومت خلاف اهي سوال به اٿيا آهن ته جنهن فردوس عاشق اعواڻ کي وفاقي سطح تي ڪرپشن جا الزام ڏئي الڳ ڪيو ويو اها ساڳئي فردوس عاشق اعواڻ پنجاب ۾ قابل قبول ڪيئن ٿي آهي؟ جيتوڻيڪ اڃان پشاور واري جلسي کان جنوري واري لانگ مارچ تائين ڪافي ڏينهن پيا آهن پر هينئر کان ئي اهو بحث به جاري آهي ته جتي نواز شريف حڪومت خلاف سخت لائين وٺي چڪو آهي ته ٻئي طرف عمران خان مخالف ڌر وارن خلاف احتساب واري بيانيي مان هٿ نه ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو آهي اها اهڙي صورتحال آهي جيڪا ملڪ ۾ انارڪي کي دعوت ڏيندي نظر اچي رهي آهي، اهڙي صورت ۾ ان هائوس تبديلي کان وٺي نئين چونڊن تائين وارا وڌيڪ آپشن به ٻين پارٽين وٽ موجود آهن، پر سوال اهو آهي ته ملڪ جو نظام وزيراعظم عمران خان ۽ لنڊن ۾ ويٺل نواز شريف جي وچ تي پل جو ڪردار ادا ڪري اهو دڳ ڪڍي سگهندو جنهن ۾ ٽائيگر فورس يا شير جوان موومينٽ جي ضرورت ئي نه پوي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *