تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

مذهبي متڀيد ختم ڪرڻ لاءِ رياست ڪردار ادا ڪري!

هندستان جي پنج هزار سالن جي تاريخ ۾ لڳ ڀڳ هڪ هزار سال مسلمانن جي حڪمراني رهي آهي. مغل حڪمراني جي دور ۾ مسلمان عدالتي ۽ انتظامي سرشتي مٿان حاوي رهيا. انگريزن جڏهن هندستان ۾ پنهنجو قبضو وڌائڻ شروع ڪيو ته انهن انگريزي کي پنهنجي دفتري ٻولي بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، نتيجي ۾ هندن جو انگريزي ڏانهن لاڙو وڌيو ۽ مسلمان، جيڪي بادشاهن جي درٻارن جا اهم عهديدار هئا ۽ عربي يا فارسي تي دسترس رکندا هئا، تن جي ٻولي جي گنجائش نئين نظام ۾ ختم ٿي رهي هئي، ان وقت جي مسلمان عهديدارن پنهنجي ختم ٿيندڙ اجارادري جو متبادل ڳولهڻ بدران انگريزي ٻولي جي ئي مخالفت شروع ڪري ڇڏي. ان وقت جي گهڻن مسلم اڳواڻن انگريزي ٻولي کي فرنگين يا ڪافرن جي ٻولي قرار ڏنو ۽ انهي علم کي دين جي خلاف قرار ڏنو نتيجي ۾ اترپرديش جي ڪجھه علائقن کانسواءِ مسلمانن جي وڏي اڪثريت کي انگريزي کان محروم رکيو ويو. برطانوي هندستان ۾ مسلمانن جو اثر زائل ٿيندي ويو ۽ ان جي جاءِ هندو طبقي حاصل ڪري ورتي.
مسلم برتري ۽ برهمڻ برتري واري ذهنيت خطي ۾ سياست سميت هرشعبي ۾ پنهنجيون پاڙون مضبوط ڪيون، ۽ ان جا اثر انيڪ ڏهاڪا گذرڻ جي باجود سڄي ننڍي کنڊ ۾ ڪٿي شدت سان ته ڪٿي ڪمزور ئي سهي پر موجود ضرور آهن. جوگندر ناٿ منڊل پاڪستان جي پهرين دستور ساز اسيمبلي جو صدر هو، جيڪو دلت هو ۽ هن هندستان بدران پاڪستان جي چونڊ ڪئي. جناح صاحب پاڻ هن کي دستور ساز اسيمبلي جو صدر ٺاهيو ته جيئن ان تاثر کي ختم ڪري سگهجي ته پاڪستان رڳو مسلمانن جو ملڪ آهي. دستور ساز اسيمبلي ۾ جناح صاحب کي قائد اعظم جو لقب ڏيڻ لاءِ جيڪا قرارداد پاس ٿي اها جوگندر ناٿ منڊل جي سربراهي ۾ ٿي هئي.
ورهاڱي کانپوءِ انگريزن سان گڏ ڪم ڪرڻ ۽ انهن جي سوچ رکندڙ مسلم بيورو ڪريسي پاڪستان آئي، جنهن پنجابي بيورو ڪريسي سان اتحاد ڪري سڄي ملڪ جو ڪنٽرول پنهنجي هٿ ۾ کنيو ۽ خطي اندر موجود قومن جي بنيادي سوالن کي نظر انداز ڪيو. نئين وجود ۾ آيل ملڪ جي قومن پاران جڏهن سياسي آزادين، سياسي حقن ، وفاق ۽ صوبن ۾ سرڪاري نوڪرين ۽ بنيادي ضرورتن جا مطالبا ڪيا ته هنن اهو موقف اختيار ڪيو ته پاڻ سڀ مسلمان ڀائر آهيون، پاڪستان نازڪ دور مان گذري رهيو آهي، اسلام کي خطرو آهي، ان ڪري ملڪ ۽ اسلام کي بچائڻ هن وقت انتهائي ضروري آهي. جوگندر ناٿ منڊل پاڪستان جو وزير قانون به هو، هن سمجهيو هو ته هندستان ۾ طبقاتي تضاد ۾ پيڙهجڻ کان بهتر آهي ته پاڪستان ۾ وڃي رهجي، هن ان جذبي سان اهو فيصلو ڪيو هو. هن جو اندازو غلط ثابت ٿيو. چوڌري محمد علي، جيڪو ان وقت گورنر جنرل جناح صاحب کانپوءِ پاڪستان جو ٻيو نمبر طاقتور ترين عهديدار هو ۽ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي فائز هو ، تنهن کي جوگندر ناٿ منڊل جي وفاداري تي شڪ هو، هن ان قسم جو مختلف هنڌن تي اظهار به ڪيو. منڊل سان جڏهن متڀيد واري روئي ۾ شدت آئي ۽ قائد اعظم به نه رهيو ته هو واپس ڪلڪتي هليو ويو. جتي اڳ ۾ ئي هن لاءِ گاريون تيار هيون،باقي سڄي ڄمار هن پنهنجن جا مهڻا سهندي گذاري!
ان وقت جي اسٽيلشمينٽ پاڪستان جي پاليسي جا جيڪي بنيادي خدوخال ترتيب ڏنا هئا، انهن ۾ وقت سان گڏوگڏ شدت ايندي رهي آهي، پاڪستان ۾ آمريتي دور هجن يا جهڙا تهڙا سويلين دور ، سمورن حڪمرانن ان پاليسي جي پوئواري ڪئي آهي. ان کانپوءِ پاڪستان ۾ هڪ پاليسي تحت معاشري ۾ تشدد ۽ شدت پسندي کي هٿي ڏني وئي. ان پاليسي جي نتيجي ۾ پاڪستان اندر طبقاتي فرق تي اٿندڙ سوالن کي ختم ڪرڻ جي به ڪامياب ڪوشش ڪئي وئي آهي. هاڻي ماڻهن کي مذهب ۽ قوم پرستي جي سحر ۾ ڦاسائي انهن کي مصروف رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ماڻهو هاڻي اسڪولن، گهٽين جي تعمير ۽ ڊرينيج سسٽم جهڙن بنيادي حقن لاءِ احتجاج نٿا ڪن، ماڻهو ٻين معاملن ۾ ڦاٿل آهن. جڏهن به عوامي زندگي کي تبديل ڪرڻ جي مطالبن ۾ واڌ اچي ٿي ته ڪو نه ڪو نئون معاملو ملڪ ۾ ڀڙڪي اٿي ٿو. ٻيا سڀ مطالبا پوئتي رهجي وڃن ٿا.
تازو اسلام آباد ۾ ڪرشنا مندر جي تعمير واري فيصلي مذهبي فورسز کي پريشان ڪري وڌو آهي. اسلام جي بنيادي فڪر جي ابتڙ مذهبي فورسز جو زور ان ڳالھه تي آهي ته پاڪستان جي رياست ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي خزاني مان اهو مندر تعمير نٿي ڪرائي سگهي. قومي اسيمبلي ۾ جڏهن اهو معاملو اٿيو هو ته ڪنهن به مذهبي ميمبرن کي اهو نه ٻڌايو ته ڪرتارپور جي سڄي تعمير رياست پاڪستان پاڻ ڪئي آهي، پر ڇاڪاڻ ته هندن جي گهڻائي جو تعلق سنڌ سان آهي، ان ڪري انهن جي وڪالت ڪرڻ به خطري کان خالي ناهي. هڪڙا هندو ۽ ٻيا سنڌي !اسلام آباد ۾ جڏهن ڪرشنا مندر جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو ته ان ۾ به سڀ سنڌي هندو ئي شامل هئا. پر اهو معاملو ائين ڀڙڪي پيو، جو اسان جا ايم اين اي سنڌي دوست ان مندر جي حمايت ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو به ست نه ساري سگهيا، ڇاڪاڻ ته هنن سميت اسان سڀن کي اندازو هو ته پنهنجي عبادت گاھ جي وڪالت ڪرڻ جو ڪهڙو نتيجو نڪري سگهي ٿو. ملڪ جي مرڪزي سياسي منظرنامي ۾ پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي فوري طور ويڊيو بيان جاري ڪري مندر جي تعمير شديد مخالفت ڪري ٻي مخالف قوتن کي هٿي ڏني، جڏهن ته جي يو آءِ ف ۽ ٻين مذهبي تنظيمن جي ٻئي يا ٽئين درجي جي قيادت مندر جي تعمير جي فنڊن تي هڪ طرف پر ان جي تعمير جي به شديد مخالفت ڪئي. ان مخالفت ۾ لفظي تشدد جو عنصر به واضح طور تي محسوس ٿي رهيو هو. اهو تاثر اڀاريو ويو ته ڪرشنا مندر جي حمايت مسلم دشمني آهي، نتيجي ۾ سوشل ميڊيا تي اهي ويڊيوز به وائرل ٿيون جنهن ۾ ايمان جي جذبي سان سرشار مسلمان نوجوان مندر جي بنياد جون سرون ڪڍي رهيا هئا.
پاڪستان ۾ ان روئي کي هڪ رٿابندي سان پيدا ڪيو ويو آهي. هندو برهمڻ هجي يا دلت، ٻنهي کي پنهنجي پنهنجي مسلم طبقن ۾ مختلف موقعن تي متڀيد جو شڪار ٿيڻو پوي ٿو. ننڍي عمر ۾ جسماني ۽ ذهني تشدد جو شڪار ٿيندڙ نسل جڏهن عملي زندگي ۾ داخل ٿئي ٿو ته هو به هر مقصد جي تڪميل پويان زباني ۽ جسماني جبر جو رستو اختيار ڪري ٿو. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سرڪاري پرائمري اسڪولن ۾ خاص طور تي ۽ هيٺيئن طبقي جي نجي اسڪولن ۾ عام طور تي استادن پاران ننڍي ڄمار جي شاگردن مٿان جسماني تشدد ڪا نئين ڳالھه ناهي، اهي ٻار مختلف ڪلاسن مان ٿيندا جڏهن پنجين ڪلاس تائين پهچندا آهن ته انهن مان گهڻي اڪثريت تشدد جي عادي ٿي ويندي آهي. انهن ئي اسڪولن ۾ ٻارڙن کي جيڪا تعليم ڏني وڃي ٿي، ان اندر به هڪ قسم جو تشدد موجود هوندو آهي، جيڪو وقت سان گڏوگڏ انهن جي ذهنن ۾ جاءِ والاريندو رهي ٿو. اسان جي فلمن ۽ ڊرامن ۾ تشدد ۽ سازشون ته عام ڳالھه آهي، پر درسي ڪتابن، فلمن ۽ ڊرامن ۾ غير مسلم ڪردار يا ته شامل ئي نه هوندا آهن ۽ جيڪڏهن اهي شامل به ڪيا وڃن ته انهن کي سازشي، وياج خور، ۽ وطن دشمن طور ڏيکاريو وڃي ٿو. سنڌ ۾ ته هندن جي اڪثريت هجڻ جي ڪري ان قسم جو متڀيد ناهي، جيڪو ملڪ جي ٻين صوبن ۾ هنن لاءِ نظر اچي ٿو، اسلام آباد ۾ اوهان کي سَون جي تعداد ۾ اهڙا نوجوان ملندا، جيڪي ان وقت گهڻا حيران ٿيندا آهن جڏهن انهن جي ملاقات ڪنهن هندو نوجوان سان ٿئي ٿي. هتي اها ڳالھه نوٽ ڪرڻ جهڙي آهي ته سِکن جي باري ۾ انهن نوجوانن جي حيرانگي ان حد تائين نه هوندي آهي، جيتري هو هندن جي باري ۾ اظهارين ٿا.
پاڪستان جو موجوده نوجوان نسل جيڪو هاڻي 25 سالن کان ٽپي رهيو آهي، انهن لاءِ هندو اڄ به پاڪستان ۽ مسلم دشمن آهي، ان ڄمار جا ٿورڙا ئي ڪي نوجوان هوندا، جيڪي سياست يا روايتي ڪتابن کان علاوه ٻيا ڪتاب پڙهن ٿا انهن جي راءِ عام راءِ کان مختلف آهي، باقي ست خير لڳا پيا آهن. اهي اڄ به هندن سان گڏ کائڻ پيئڻ کي خراب يا حرام سمجهن ٿا. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۾ نئين نسل جي ذهني تربيت ڪرڻ لاءِ رياستي سطح تي تمام گهڻي محنت ٿيندي رهي آهي. اهو ئي سبب هو ته پاڪستان جي گادي واري شهر ۾ جڏهن ڪرشنا مندر جي تعمير جو اعلان ٿيو ته مذهبي ڌرين پاران سخت ردعمل آيو. جيڪو مڪمل طور تي ملڪ جي آئين جي روح جي ابتڙ هو، پر پاڪستان جي سول سوسائٽي رڳو ٽوئيٽر تي ئي پنهنجو موقف ڳڻائي آڱر ڪٽائي شهيدن ۾ نالو لکرايو. مسلم ليگ ن جي خواجا آصف جڏهن ان معاملي کي قومي اسيمبلي ۾ اٿاريو ته ايوان اندر موجود مولوي صاحبان مٿس ڪاهي پيا، هن رڳو اها ڳالھه ڪئي ته پاڪستان جي آئين ۾ سمورن شهرين جا حق برابر آهن، ڪنهن کي به ڪنهن تي فوقيت ناهي، هن پنهنجي ڳالھه ۾ آئين جو ذڪر نه ڪيو ته کيس مذهب جي توهين جي فتوا ذري گهٽ مٿس لڳڻ واري هئي، هن وضاحت ڪري جان ڇڏائي، ان بعد پيپلزپارٽي به حمايت ڪئي، پر تحريڪ انصاف جهڙي جماعت ۾ شيرين مزاري مندر جي تعمير جي حمايت ۾ انتهائي چٽو موقف رکيو ۽ هندو مذهب جي توهين آميز خاڪن خلاف جاچ ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي.
جيتوڻيڪ هاڻي هي معاملو اسلامي نظرياتي ڪائونسل هليو ويو آهي، جيڪا فيصلو ڪندي ته اسلام آباد ۾ مندر تعمير ٿئي يا نه ٿئي ، جيڪڏهن تعمير ٿئي ٿو ته ان جي رقم سرڪار ڏئي سگهي ٿي يا نه؟ پر اها ڳالھه ذهن ۾ رهي ته اهو فيصلو ڏکيو ٿي پيو آهي. پاڪستان کي هڪ وچٿرو ۽ مذهبي رواداري وارو ملڪ بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سيڪيولر سوچ رکندڙ ماڻهن وٽ حوالي طور قائد اعظم جي 11 آگسٽ 1947ع ۾ دستور ساز اسيمبلي ۾ ڪيل هڪ ئي تقرير موجود آهي. جنهن کي بنياد بڻائي پاڪستان جو آئين بڻايو ويو . اڄ به پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي ويب سائيٽ تي ملڪ جي باني جي اها ئي تقرير پيل آهي جنهن ۾ واضح طور تي اهو چيل آهي ته پاڪستان ۾ هاڻي نه ڪو مسلم آهي نه هندو، سڀ پاڪستاني آهن ۽ پنهنجي پنهنجي عبادتگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهن. پر بدقسمتي سان پاڪستان ۾ اسٽيبلشمينٽ جي اتحادين گڏجي قائد اعظم جي ان بنيادي تصور کي داغدار ڪري ڇڏيو آهي. پاڪستان ۾ ذهني سوڙھ وڌي رهي آهي، معاشري جي اندر ٻوسٽ سبب نفرت جي بدبو وڌي رهي آهي، دليل جتي کُٽي ٿو اتي ڪفر ۽ غداري جون فتوائون جاري ٿين ٿيون، نتيجي ۾ ماڻهو ماٺ رهڻ ۾ ئي پنهنجي عافيت سمجهن ٿا، ۽ فتوائن وارا طاقت ور ٿين ٿا. اسلام آباد ۾ مندر تعمير ٿيڻ يا نه ٿيڻ سان گهڻن ماڻهن کي ڪو فرق محسوس نه ٿيندو، پر جيڪي ماڻهو دنيا ۾ اچن وڃن ٿا، دنيا سان رابطي ۾ رهن ٿا انهن کي خبر آهي ته پاڪستاني هجڻ جي ناتي اسان لاءِ دنيا جي ٻين شهرين وٽ ڪهڙو تصور آهي. مذهب جو حقيقي تصور ته هڪ ٻئي کي برداشت ڪرڻ نه پر خوشي سان گڏ کڻي هلڻ ۾ آهي، جيئن معاشرو امن جو نمونو بڻجي، جيڪو اسلام جو بنيادي جُز آهي. هن ملڪ ۾ اڳي ئي مسلڪ جي بنيادن تي شهرين کي هڪ ٻئي کان پري ڪيو ويو آهي ، متڀيد جي نتيجي ۾ سوسائٽي اندر وڇوٽيون وڌي ويون آهن، هن ملڪ مان الائي ڪيترا جوگندر ناٿ منڊل هليا ويا، آخر اهو سلسلو ڪٿي ته ختم ٿيڻ گهرجي. هڪ مندر تعمير ٿيڻ سان اسلام آباد کي نقصان ته نه ٿيندو پر فائدو ضرور ٿيندو، رڳو ڪرشنا مندر نه پر ملڪ جي گادي واري شهر ۾ سمورن مذهبن جي عبادتگاهن جي تعمير ٿيڻ گهرجي، سرڪار نه رڳو ان جو خرچ پاڻ کڻي پر ان جو انتظام به پاڻ سنڀالي جيئن سمورن شهرين کي عبادت جو هڪ جهڙو موقعو ملي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *