تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

مذهب جي تبديلي ۽ ننڍي عمر جا پرڻا

سنڌ اندر جڏهن 2013ع ۾ ننڍي عمر جي شادين کي روڪڻ لاءِ قانون پاس ڪيو ويو هو ته ان وقت اهو بل پيش ڪندڙ پي پي اڳواڻ ۽ ايم پي اي شرميلا فاروقي ۽ سول سوسائٽي نمائندن پاران اها اميد ظاهر ڪئي وئي هئي ته هاڻي ڪنهن حد تائين ننڍپڻ جي شادين کي روڪي سگهبو، پر وقت گذرڻ سان گڏ ايئن نه ٿيو، جيتوڻيڪ اهو چئي سگهجي ٿو ته ڪنهن حد تائين ان رسم کي روڪڻ لاءِ ڪجهه ڪوششون تيز ٿيون ۽ ڪجهه واقعن ۾ پوليس جي اعليٰ عملدارن اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن سبب تمام گهٽ ئي سهي پر اهڙين شادين کي روڪيو ويو ۽ ان ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو پر اها حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ڪنهن کي به سزا ڪونه آئي.
ٻئي طرف سواءِ هڪ يا ٻن واقعن جي باقي سڀني ڪيسن ۾ انهن ننڍي عمر جي ڇوڪرين جي شادين کي جائز قرار ڏنو ويو جن مذهب مٽائي مسلمان ڇوڪرن يا مردن سان شاديون ڪيون جن بابت سول سوسائٽي جا اڳواڻ ۽ هندن ۽ عيسائي مذهبن سان تعلق رکندڙ اڳواڻ انهن شادين کي جبري مذهب جي تبديلي چوندا رهيا آهن، جنهن ۾ هڪ مشهور واقعو رنڪل ڪماري جو به هيو، جڏهن ته هڪ ٻئي واقعي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ هڪ شاديءَ کي صرف ان لاءِ جائز قرار ڏنو ته اها شادي ٿي چڪي آهي ۽ ان کي ناجائز قرار ڏيڻ سان ڪيئي قانوني سوال اٿي کڙا ٿيندا وغيره.
تازو ئي هڪ عيسائي ڇوڪري آرزو راجا جو ڪيس سامهون آيو آهي، جنهن ۾ هن مبينه طور مذهب تبديل ڪري پسند جي شادي ڪئي آهي جڏهن ته ان جا والدين اهو چئي چڪا آهن ته سندن ڌيءَ کي اغوا ڪري زبردستي مذهب تبديل ڪرائي شادي ڪئي وئي آهي. هتي اها ڳالهه تمام اهم آهي ته نادرا رڪارڊ موجب آرزو جي عمر 13 سال آهي ۽ سنڌ جي قانون موجب اها شادي نه پر جنسي زيادتي جو ڪيس آهي. سول سوسائٽي پڻ ان واقعي تي سراپا احتجاج آهي.
آرزو جو ڪيس هن وقت ٻن عدالتن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ ڪراچيءَ جي سٽي ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي. جڏهن ته ڇوڪريءَ کي دارالامان (پناهه) موڪليو ويو آهي، جنهن جي نگران جسٽس (ر) ماجده رضوي آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ آرزو جي عمر طئي ڪرڻ لاءِ گهرو کاتي کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو حڪم ڏنو آهي جيڪو 9 نومبر تي پنهنجي رپورٽ ڏيندو. ذريعن موجب بورڊ رپورٽ تيار ڪري ڇڏي آهي. اهو عدالت جو اختيار آهي پر اڪثر ڪيسن ۾ عمر طئي ڪرڻ لاءِ نادرا رڪارڊ يا اسڪولي ڪاغذن تي ڀاڙيوويندو آهي پر ڇاڪاڻ ته هي هڪ هاءِ پروفائيل ڪيس آهي ۽ ان ۾ غير مسلم ڇوڪري شامل آهي ان لاءِ عدالت ضروري سمجهيو ته ميڊيڪل بورڊ ذريعي اهو پتو لڳايو وڃي ته ڇوڪري جي عمر 18 سال آهي يا ان کان گهٽ آهي.
اطلاعن موجب آرزو هن وقت تائين پوليس ۽ عدالت سامهون جيڪو بيان ڏنو آهي ان ۾ هن اهو چيو آهي ته کيس اغوا ناهي ڪيوويو ۽ هن پسند سان شادي ڪئي آهي. اهڙو بيان هن سپريم ڪورٽ جي وڪيل ۽ انساني حقن جي اڳواڻ نور ناز آغا سامهون پڻ ڏنو آهي، جتي سندس والدين پڻ موجود هيا. هن وقت سڀ کان اهم سوال ڇوڪري جي عمر طئي ٿيڻ آهي. ڇوڪري جا والدين ۽ سول سوسائٽي جا اڳواڻ اهو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن ته ڪجهه ڳجها هٿ ميڊيڪل بورڊ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ مذهب جي نالي تي ان ننڍي عمر جي شادي کي به جائز قرار ڏيارڻ لاءِ دٻاءَ وڌو پيو وڃي.
اهو به عجيب قصو آهي ته سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ خاص طور تي پسند جي شادي ڪندڙن کي “ڪارنهن” جو الزام هڻي قتل ڪيو ويندو رهيو آهي پر جيڪڏهن ڇوڪري غير مسلم هجي ته اهي ساڳيا ماڻهو خوش ٿيندي نظر اچن ٿا ۽ اهي مولوي جيڪي اهڙين شادين کي بي حيائي ۽ عرياني سان ڀيٽ ڏيندا آهن، سي به ان جي حمايت ۾ ميدان تي لهي پون ٿا.
منارٽي رائيٽس (مذهبي اقليتن جي حقن) تي ڪم ڪندڙ سفينه جاويد جو چوڻ هو ته آرزو راجا کي اغوا ڪري ان جو برين واش ڪرڻ سان گڏ کيس ڊيڄاريو ويو آهي، ان ڪري هوءَ اهڙا بيان ڏئي رهي آهي، هن چيو ته منظم مافياز ان ڪم تي لڳل آهن ۽ اهي نه رڳو پوليس، ڊاڪٽرن پر عدالتن تي به اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. هن ٻڌايو ته هر سال هڪ هزار کان وڌيڪ نياڻين جو مذهب زوري تبديل ڪرايو وڃي ٿو ۽ انهن سان شاديون ڪيون وڃن ٿيون ۽ اهڙي ظلم جي ڪري ماڻهو سنڌ سميت ملڪ ڇڏڻ تي مجبور آهن. سفينه سوال ڪيو ته آرزو جي والدين جي شاديءَ کي مس 18 سال ٿيا آهن ۽ هوءَ چوٿين نمبر تي پيدا ٿي آهي سو ڪيئن ٿي 18 سالن جي ٿي سگهي؟
هن وقت سڀ نگاهن جو مرڪز سنڌ هاءِ ڪورٽ آهي جنهن کي ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ بعد فيصلو ڪرڻو آهي. سومر تي اها رپورٽ عدالت سامهون پيش ڪئي ويندي.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جيڪڏهن آرزو جي عمر 18 سالن کان گهٽ آهي ته پوءِ ساڻس شادي ڪندڙ تي نه صرف اغوا پر حبس بيجا، جنسي زيادتي سميت مختلف شقن تحت ڪيس داخل ٿيندو جڏهن ته اغوا جو ڪيس اڳ ئي داخل ٿيل آهي. ان سان گڏوگڏ اهو به اهم سوال آهي ته ڇا انهن وڪيلن، نڪاح پڙهائيندڙ ۽ شاهدن خلاف به ڪارروائي ٿيندي جن ڄاڻندي ڪوڙا ڪاغذ پيش ڪري عدالت کي گمراهه ڪري نڪاح ڪرايو؟
جيڪڏهن ماضي تي نظر وجهبي ته ڪنهن به ڏوهاري کي ڪا سزا ناهي ملي، جيتوڻيڪ ڪجهه ڪيسن ۾ ناريون عدالتن معرفت واپس ته ٿيون آهن پر جوابدارن کي ڪا قرار واقعي سزا ناهي ملي، جنهن سبب اهڙا واقعا ڏينهون ڏينهن وڌي رهيا آهن.
ننڍي عمر جي شادين جي حوالي سان اسان وٽ قانوني طور هڪ مونجهارو اهو موجود آهي ته شرعي قانون ۾ بالغ جي وصف يا عمر مختلف آهي جڏهن ته آئين ۽ ڪنوينشنل لا چوي ٿو ته 18 سال يا ان کان مٿي وارو بالغ تصور ڪيو ويندو. اهو ئي سبب آهي جو ووٽ جو حق، شناختي ڪارڊ ٺهرائڻ، ڊرائيونگ لائيسنس وغيره لاءِ عمر جي حد 18 سال آهي.
آرزو راجا ڪيس ۾ انساني حقن جي وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري پاران پيش ٿندڙ مشهور وڪيل صلاح الدين احمد جو چوڻ هو ته عدالت کي ٻن اهم سوالن جا جواب جاچڻ ۽ ڏيڻ گهرجن ته ڇا ننڍي عمر ۾ مذهب تبديل ڪري سگهجي ٿو ۽ ڇا ننڍي عمر ۾ شادي ٿي سگهي ٿي يا نه؟ عدالت کي گهرجي ته اها انهن سوالن جا جواب ڏئي ته جيئن معاملو واضح ٿي سگهي.
جڏهن ته مذهبي اڳواڻن جو خيال آهي ته ڇوڪري يا ڇوڪرو جڏهن به بلوغت کي پهچن ته ان وقت اهي شادي ڪري سگهن ٿا ڇو ته اڳ به ايئن ٿيندو هو. اڄ ڪالهه جي دور ۾ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻار 10 کان 12 سالن جي عمر ۾ به بلوغت کي پڄي وڃن ٿا، پر سوال اهو آهي ته ڇا ان وقت سندن شادي ڪرائڻ بهتر عمل هوندو؟.
منهنجي ذاتي خيال ۾ ٻار جي شادي ۽ جبر جو پرڻو ڪنهن به مهذب سماج ۾ قابل قبول نٿو هجي ۽ اهو طبي توڙي ذهني حساب سان وڏا مسئلا پيدا ڪري ٿو ان لاءِ اسانکي انسانيت جو احترام ڪندي اهڙن پرڻن جي اجازت نه ڏيڻ گهرجي ۽ نه ئي ان جي حمايت ڪرڻ کپي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *