Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_o4n412dmhttjpbq9f3t2s6al69, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جي آس ۽ دردناڪ انجام - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جي آس ۽ دردناڪ انجام - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جي آس ۽ دردناڪ انجام

پنهنجي زندگي جو پاڻ فيصلو ڪرڻ وارن جا مخالف ھر ھنڌ مختلف چھرن جي صورت ۾ موجود آھن، ڪڏھن اھي والدين توڙي رت جي رشتن جي صورت ۾ سامھون اچن ٿا ته ڪڏھن ڀائرن جي صورت ۾ ته ڪڏھن وري برادرين جي وڏيرن جي صورت ۾ سامھون اچي مرضي سان زندگي گذارڻ جي خواهشمندن لاءِ ڀيانڪ ڪردار بڻجي وڃن ٿا، تازو ئي سکر ۾ ان قسم جو دردناڪ ۽ رت جا ڳوڙھا وھائڻ جھڙو واقعو پيش آيو آھي. مرضيءَ سان زندگي گذارڻ جا سنھرا خواب دل ۾ سانڍي بلوچستان جي اوستا محمد جي رھواسڻ 22 ورھين جي نوجوان ناري شمع ڌيءَ مير خان لاشاريءَ برادري جي مدي خارج ريتن رسمن کي ٿڏي برادريءَ جي نوجوان علي ڏنو ولد دلمراد لاشاريءَ سان پسند جي شادي ڪري اتان نڪري اچي سک جو ساھه کڻڻ جي لاءِ سکر ۾ رھائش اختيار ڪئي، پٺيان کين ڪارو ڪاري قرار ڏئي قتل ڪرڻ جي لاءِ منصوبا بند جوڙي وئي جنھن کان ھو بي خبر ھئا، محبت جي ٻيڙيءَ ۾ سوار ٻئي ڄڻا خوشي خوشي زندگي گھاري رھيا ھئا جن جي خوشين ۾ ان وقت اضافو ٿيو جڏھن سندن عزيزن شاديءَ تي ھڪ ڊرامائي انداز ۾ راضپو ظاھر ڪيو پر اندروني طور کين قتل ڪرڻ جي لاءِ منصوبا بندي جوڙي پئي وئي. پنھنجي دردناڪ انجام کان بي خبر جوڙي جي گھر انھن ماڻھن جي اچ وڃ ٿيندي رھندي ھئي، اوچتو 2 سيپٽمبر جي اڌ رات جو 6 جوابدارن علي ڏنو لاشاريءَ جي گھر ۾ گھڙي ٻن تيز ڌار ڇرين سان پسند جي شادي ڪندڙ زال مڙس کي بيدرديءَ سان ڪھي قتل ڪري ڇڏيو، وحشيءَ جوابدارن جي درندگيءَ جو اندازو ان سان لڳائي سگھجي ٿو جو انھن علي ڏنو لاشاريءَ جي سسي ڌڙ کان الڳ ڪري ڇڏي ۽ نوجوان ناريءَ کي وحشياڻي تشدد ۽ تيز ڌار ڇرين سان جسم جي مختلف حصن تي وار ڪيا. سائيٽ پوليس کي اطلاع مليو ته شڪارپور ڦاٽڪ ويجھو ميونسپل ڪوارٽرز ۾ زال مڙس کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آھي، موقعي تي پوليس پھچي لاش پنھنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم جي لاءِ سول اسپتال سکر اماڻيا، جتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايل او، ليڊي ڊاڪٽر توڙي مرد ڊاڪٽر بدستور دير سان پھتا، جيتوڻيڪ ھو ڊيوٽيءَ تي موجود ھجڻ گھرجن ها پر ان قسم جي واقعن کان پوءِ انھن کي پوليس يا وري انتظاميا ڪال ڪندي آھي، ان کان پوءِ ئي ڊاڪٽر پوسٽ مارٽم جي لاءِ پھچندا آهن. ھن ڀيري به ساڳي صورتحال رھي ٻنھي مقتولن جا لاش رات جو دير سان پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال پھچايا ويا، پر لڳ ڀڳ 7 ڪلاڪن تائين ڊاڪٽرن جي نه پھچڻ سبب لاوارث حالت ۾ لاش مرده خاني ۾ پيل رھيا ۽ ڊاڪٽرياڻي توڙي ڊاڪٽر پنھنجي مرضيءَ موجب پھچي پوسٽ مارٽم ڪيو. پوليس لاش قانوني ڪارروائي کان پوءِ مقتول علي ڏنو لاشاريءَ جي ڀاءُ حوالي ڪري ڇڏيا. جيڪو ٻنھي مقتولن جا لاش بلوچستان جي اوستا محمد کڻائي ويو جتي انهن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون.
دردناڪ قتل واري واقعي جو ڪيس سائيٽ ايريا ٿاڻي تي سرڪار پاران ايس ايڇ او سائيٽ ايريا اقتدار حسين جتوئي جي فرياد تي گناھ نمبر 2020/118 قلم 302.311.34 پي پي سي تحت جوابدار سلطان احمد ولد بچل لاشاري ويٺل اوستا محمد بلوچستان، بابل ولد مير خان لاشاري، عمران ولد بابو لاشاري، شاھن پٽ خادم لاشاري سڀ ويٺل اوستا محمد بلوچستان ۽ ٻه اڻ سڃاتل جوابدارن خلاف داخل ڪيو ويو آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته گشت دوران گھر اندران رڙين جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو، مان فوري طور سرڪاري گاڏي روڪي سپاھي سميت اندر وياسين ۽ ڏٺو سين ته 7 جوابدار ھڪ کٽ مٿان بيٺل ھئا جن مان ٻن ڄڻن کي ھٿن ۾ ڇريون ھيون جيڪي رت سان ٻڏل ھيون، جو جوابدارن اسان کي ايندي ڏٺو ۽ ڇريون اڇلائي ڀڄڻ لڳا. جن مان ھڪ جوابدار سلطان احمد ولد بچل لاشاري کي پوليس فوري طور پڪڙي ورتو باقي جوابدار لوڙھا ٽپي فرار ٿي ويا، گرفتار جوابدار سلطان لاشاري پڇا دوران ٻڌايو ته ڪجھه عرصو اڳ والدين جي مرضي کان سواءِ ٻنھي ڄڻن پيار جو پرڻو ڪيو ھو، جنھن تي ھنن کي برادري ڪٺ ڪوٺائي ڪارو ڪاري قرار ڏنو ھو، فوتڻ جو ڀاءُ، مڱيندو ۽ اسان کين مارڻ جي تاڙ ۾ ھوندا ھئاسين، مون ۽ مٿي ڄاڻايل جوابدارن وجھه ملڻ تي گڏجي ھم صلاح ٿي تيز ڌار ڇرين سان مقتول علي ڏنو ۽ فوتڻ شمع کي ڪارو ڪاري ڪري ڪھي قتل ڪيو آھي، پوليس واقعي واري ھنڌ تان رت لڳل ٻه ڇريون، مقتولن جا رت سان ڀريل ڪپڙا پنھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيا آھن. پوليس موجب جوابدارن مقتول علي ڏنو جي سسي ڌڙ کان الڳ ڪري ڇڏي، باقي علي ڏنو جي جسم تي تشدد جا نشان نه ھئا. جڏھن ته ناري شمع جو ڳلو ڪپيل ھيو، سڄي پاسي کان واڇ ۽ سڄي پاسي لونڊڙيءَ تي ڌڪ لڳل ھئا. ناريءَ کي وحشياڻي تشدد کان پوءِ ڇري سان ڪھي قتل ڪيو ويو، تنھن ڪري ناريءَ جو رت کٽ ۽ ھيٺ ڪافي مقدار ۾ موجود ھو. ايس ايس پي سکر عرفان سمون جو چوڻ آھي ته موقعي تان ھڪ جوابدار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان قتل ۾ استعمال ٿيل ٻه ڇريون ھٿ ڪيون ويون آھن ۽ باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن وارو سلسلو به جاري آھي.
ڪارنھن جي ڪوڙي الزام ھيٺ قتل ٿيلن جو خون ملڪ جي قانون، پوليس، انساني حقن جي لاءِ ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ سڄاڻ ڌرين کان سوال ڪري رھيو آھي ته قانون جا رکوالا توڙي بااثر سياستدان اھڙي مدي خارج رسمن جي خاتمي ۽ توڙي ان جي حامين خلاف قانوني ڪاروائي جي لاءِ ڇو سستيءَ جو مظاھرو پيا ڪن، ان قسم جا انيڪ سوال هن جوڙي جو خون قانون توڙي لاڳاپيل ذميوارن کان ڪري رھيو آھي ته آخر ڪيستائين ايئن بيگناھه ماڻھن جو خون پاڻي جيان وھايو ويندو؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *