تازا ترين
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

مريم جي مزاحمت ۽ سنڌ جو سياسي خوف

                 پراڻن سياسي ڪارڪنن کي سندن لغت ۾ ڪامريڊ سڏيو ويندو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن پراڻا ڪامريڊ اهڙي ڦوڪ ضرور ڏيندا آهن جهڙي سياري جي ٿڌي ٿيل رات ۾ مچ مچائيندڙ همراهه رکي رکي ڦوڪ ڏيندو آهي ۽ خاڪ ۾ پوريل ٽانڊا دکي ڀڀڙ جي باهه ٻاريندا آهن.سنڌ ۾ جيڪا سياست جي ٿڌي رات آهي ان ۾ هاڻي ته ڪير نظرياتي سياسي بحث ته ڇڏيو ڪامريڊ ٻيجل سنڌي چواڻي ته قومي گيت ٻڌڻ لاءِ به ڪير تيار ناهي. سياست جي اهڙي سرديءَ واري موسم ۾ ان ڏينهن هڪ پراڻي ڪامريڊ اچانڪ پڇيو ته ڏي خبر توکي عجيب نه ٿو لڳي.؟ مون سندس ڳالهه تي گهڻو غور ڪرڻ بدران تڪڙو سوال ڪري ورتو ته ڪهڙي ڳالهه تي.؟ جنهنجي جواب ۾ هن پنهنجي اڇين مڇن تي عادتن هٿ ڦيرائيندي چيو ته ماضيءَ ۾ جيڪي انقلابي اڳواڻ پنهنجي جدوجهد ذريعي آمرن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيندا هئا سي هاڻي سانت ۾ آهن ۽ جيڪي آمرن جا چيلا سمجهيا ويندا هئا سي هاڻي اينٽي اسٽيبلشمينٽ اڳواڻ بڻيل آهن. سندس ڳالهه اڃان به منجهيل هئي تنهنڪري مون ٻيهر کانئس وضاحت پڇندي چيو پر ڪيئن ڪامريڊ.؟هن ٿورو چتائي ڏسندي سخت لهجي ۾ چيو ته هاڻي ڀلا چٽي طرح ٿو ٻڌايانءَ ته جنهن  انقلابي اڳواڻ  جنرل ضياءَ جهڙي ماڊل ڊڪٽيٽر خلاف جدوجهد ڪئي ان جو پٽ ۽ ٻيا قومپرست ۽ ترقي پسند هاڻي ريٽائرڊ جنرل عاصم سليم باجوه جو نالو کڻڻ کان به لنوائي رهيا آهن ۽ جنهن نواز شريف مٿان جنرل ضياءَ جي نوازشن جو ذڪر هميشه هلندو آهي ته ان آمر جي جهوليءَ ۾ ويهي اقتدار جا مزا ماڻيا، ان نواز شريف جي نياڻي مريم ۽ خود نواز شريف اهڙن اهڙن اشرافن جا نالا پيو کڻي جو بلاول سطح جو ليڊر به چوي ٿو نالا نه کڻڻ گهرجن احتياط ڪرڻ گهرجي.

اها عجيب ڳالهه ناهي.مون سندس ڳالهه خاموشيءَ سان ٻڌي ۽ ايئن ان بحث کان پاسو ڪيو جيئن هاڻي سنڌي سماج جي اڪثريت اسٽيبلشمينٽ جي سياسي ڪردار تي ڳالهائڻ کان پاڻ مرادو پاسو ڪري ويٺي آهي.ان دوران مون ٽوئيٽر تي نظر ڦيرائي ته ڪنهن همراهه مريم جي رکي سندس تعريف ڪندي کيس شهيد بينظير ڀٽو سان ڀيٽيندي لکيو هو ته اڄوڪي دور جي بينظير جنهن تي گهڻو بحث هلي رهيو هو ان بحث ۾ هڪ همراهه لکيو ته تشدد صرف جسماني نه ٿيندو آهي جيئن محترمه بينطير مٿان ڪيو ويو ۽ نه ئي جيل صرف ڪال ڪوٺڙي وارو جيل ٿيندو آهي جيڪو محترمه بينظير سکر جيل ۾ گذاريو پر ڪڏهن ڪڏهن وقت ۽ حالتون اهڙي چوڪ تي اچي بيهارينديون آهن جتي توهان مٿان هر طرف کان پٿرن جي برسات ٿيندي آهي ۽ ان سنگ باريءَ دوران ڪير ثابت قدم بيهي ۽ وقتائتو ڪردارن کي وائکو ڪري ته اها وڏي حق جي ڳالهه ٿيندي آهي. مريم نواز شريف جي سياست ڪيترن ئي سالن کان ڪيترن ئي پردن ۾ وڪوڙيل رهي آهي.

هوءُ هاڻي ته ملڪي اسٽيبلشمينٽ سان اکيون اکين ۾ ملائي وڙهي رهي آهي پر شريف خاندان ۽ مسلم ليگ خود هڪ وڏي اسٽيبلشمينٽ رهي آهي جتي عورت اڳواڻ جو تصور تقريبن گناهه ڪبيره سمجهيو ويندو هو.ڇو ته نواز ليگ جي پهرين صف نظرياتي طور انهن جوانن سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل هئي جيڪي محترمه بينظير ڀٽو جي حڪومت صرف انڪري ختم ڪرڻ چاهين پيا ته عورت جي حڪمراني ملڪ مٿان نحوست جي نشاني آهي جنهن کي ختم ڪرڻ گهرجي، پر ڪرڻي خدا جي اهڙي جو هاڻي انهن اڳواڻن جي گهيري مان مريم نواز جو صاف ۽ چٽو آواز سندس چٽي چهري جيان اڀري آيو آهي.مريم نواز جي ان طرح سان سياست ۾ انٽري گهڻين ئي مدي خارج سوچن جو سمنڊ کڻي هلندڙ همراهن جون ايتريون ته ننڊون حرام ڪيون آهن جو انهن جي ترجمانن جون رڙيون هر ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ پيون اچن.اهي رڙيون شيخ رشيد کان ويندي گنڊاپور جي غليظ تقريرن تائين سڀني جي سماعتن کي خراب ڪري رهيون آهن پر چون ٿا نئين پاڪستان ۾ صرف اهڙن ئي ڪردارن کي ڳالهائڻ جي اجازت آهي.

مريم نواز جنهن انداز سان ڪوئيٽا واري جلسي ۾ پنهنجي انٽري ڏني سا ايتري ته ڌماڪيدار هئي جو سندس پارٽي جو بلوچستان وارو چيپٽر هيٺ مٿي  ٿي ويو.هن هڪ طرف بلوچ مسنگ پرسنز جي روئيندڙ نياڻين کي آٿت ڏني ته ٻئي طرف بلوچستان جي اڳوڻي بادشاهه عاصم سليم باجوا جو ذڪر ڪيو جنهن تي مقامي بلوچن کي به آٿت ملي.مريم نواز هاڻي به جنهن انداز سان روزانو جي بنيادن تي سياست کيڏي رهي آهي تنهن جمود جو شڪار ٿيل ماڻهن کي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي.هاڻي مريم سياست جي ان ڏاڪي تي بيٺل آهي جتي کيس وڃائڻ لاءِ ڪجهه به باقي ناهي جيڪڏهن ڪامياب ٿي ته سندس حاصلات تمام گهڻي هوندي ورنه جنهن روپ ۾ آهي اهو ته ساڻس گڏ هوندو.مريم نواز جي اينٽي اسٽيبلشمينٽ تقريرن ۽ بيانن تي ڪجهه ماڻهن خدشو ڏيکاريو آهي ته ايئن نه ٿئي ته اسٽيبلشمينٽ کيس مارائي ڇڏي جنهنجي نفي ڪندي ڪجهه ٻين نقادن جو خيال آهي ته ايترا سادا اڳيان به ناهن جو پنجاب ۾ اهڙو ڪو سياسي شهيد پيدا ڪري وجهن جيڪو هميشه لاءِ سندن مٿي جو سور بڻجي رهي.جيڪڏهن اهڙو ڪو پلان انهن وٽ هجي ها ته وزيرداخلا جيڪا ڌمڪي آميز تقرير ڪئي هئي جنهن ۾ اي اين پي جي بلور ۽ ٻين جي شهادت جي ڳالهه ته ڪئي هئي پر هن مريم يا نواز ليگ بابت اهڙي ڪا اڳڪٿي نه ڪئي هئي.مريم نواز ڪا انقلابي اڳواڻ ناهي نه ئي سندس منزل ڪا سوشلسٽ سماج پيدا ڪرڻ واري آهي پر ان جي باوجود هن هڪ اهڙو سياسي رستو ضرور ورتو آهي

جيڪو ماضيءَ ۾ نوازليگ اڳواڻن شايد سوچيو به نه هوندو.ان الڳ قسم جي سياسي رستي تي هلڻ جي تياري هن سالن کان پئي ڪئي تنهنڪري هن هڪ اهڙي ٽيم به تيار ڪري ورتي آهي جنهن ۾ پڙهيل لکيل سياسي سوچ رکندڙ دانشور ۽ صحافي به شامل آهن.ڊان ليڪس واري سرل الميڊا جي ساڻس ڪچهري ۽ رپورٽ ملڪ جي اصل مالڪن لاءِ ايتري خطرناڪ ثابت ٿي جو ڳالهه مرڻ مارائڻ تائين اچي پهتي .ان جي باوجود مريم مڙڻ واري نه هئي ۽ هن هڪ ٻئي صحافي احمد نوراني معرفت پاپا جونز پيزا واري ريٽائرڊ جنرل عاصم سليم باجوه واري اهڙي اسٽوري هلرائي جو هاڻي هر ماڻهو جي وات تي رڳو پاپاجونز پيزا لڳي پئي آهي.

مريم نواز هاڻي جيڪو انٽرويو ڏيندي انڪشاف ڪيو آهي ته ڪيئن نه سندس باٿ رومز ۽ بيڊرومز تائين خفيه ريڪارڊنگز ڪيون ويون آهن ته ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته مريم پنهنجي سياسي رستي ۾ ڪٿي پهتل آهي.پر ڇا سنڌ جو سياسي شعور جيڪو اسي واري ڏهاڪي ۾ سمورن صوبن کي ليڊ ڪندو هيو ۽ بلوچستان وارا توڙي پٺاڻ ڪامريڊ اتساهه حاصل ڪندا هئا ڇا اهو سنڌ جو سياسي شعور ۽ ان جي هاڻوڪي قيادت اينٽي اسٽيبلشمينٽ سياست جي ان چوڪ تائين پهچي سگهيا آهن جتي عاصم سليم باجوه واري پاپا جونز پيزا جا هوڪا پيا اچن..؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *