Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_o9isrj59f0p7g29cvcedfuckuc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مريم نواز، ورهايل مخالف ڌر کي گڏ ڪري سگهندي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مريم نواز، ورهايل مخالف ڌر کي گڏ ڪري سگهندي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، ڪٿي تيز ڪٿي هلڪي برسات ٿڌ ۾ واڌ*
  • *پنوعاقل ويجهو بس اسٽاپ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، اسپتال منتقل *سانگي ٿاڻي جي حد ۾ بس اسٽاف وٽان لاش مليو، اسپتال منتقل*
  • *سڪرنڊ ۾ عدالتي حڪم تي قبضا ۽ حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري *اسسٽنٽ ڪمشنر، ايڊمنسٽريٽر ٽائون ڪاميٽي سڪرنڊ جي اڳواڻي ۾ آپريشن جاري *غير قانوني ڪئبنون ۽ دڪا ڊاهي پٽ ڪرائي ڇڏيا آهن، قبضا برداشت نه ڪنداسين: عملدار*
  • *ميهڙ ۾ ڪتا ڏاڙهڻ جا ڪيس وڌڻ تي سي ايم او سميت 8 يوسيز جي سيڪريٽرين خلاف ڪيس داخل *سي ايم او غلام شبير، شاهنواز ملاح، سڪندر علي، اعجاز لاشاري، مزار علي جعفري ۽ ٻين تي ڪيس داخل*
  • *ٽنڊوالهيار ۾ ايس ٽي پي پاران مرڪزي اڳواڻ الطاف جسڪاڻي جي قتل خلاف احتجاجي ريلي، ڌرڻو *ايس ٽي پي ڪارڪنن ۽ شهرين پاران ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويو *ايس ايس پي ٽنڊوالهيار رخسار کهاوڙ پاران جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڏيارڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو*
  • *ھنڱورجا ۾ عدالتي حڪم تي حددخلين خلاف آپريشن *اسسٽنٽ مختيارڪار سوڀوديرو ۽ ٽائون آفيسر جي نگراني ۾ ڪيتريون ئي ڪئبنون، دڪا ۽ ڇپرا ڊاهي پٽ*
  • *عمرڪوٽ ۾پوليس جو زميندار جي نجي جيل تي ڇاپو، ناحق باندي بڻايل 22 هاري بازياب *پوليس ڳوٺ وليٽ ۾ ڇاپو هڻي عورتن ۽ ٻارڙن سميت 22 هارين کي بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت هارين کي سندن مرضي موجب زندگي گذارڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي*
  • *ٺٽي ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، ضلعي جي 5پرائمري اسڪولن جا31 شاگرد ۽ شاگردياڻيون وائرس جو شڪار *تعليم کاتي ٺٽي پاران پرائمري اسڪولن کي 2 ھفتن لاءِ بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ گن اينڊ ڪنٽري ڪلب ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت پاران عبوري انتظاميا کي ٽن مهينن ۾ ڪلب قانون ۽ بزنس اسٽريڪچر ٺاهڻ جو حڪم *گن اينڊ ڪنٽري ڪلب هلندو ته ميمبرن کي فائدو ٿيندو: جسٽس عمر عطا بنديال*
  • *سپريم ڪورٽ پاران وفاقي حڪومت جي ڪنٽونمنٽ اسڪولن جي استادن جي مستقلي جي حڪم خلاف اپيل رد *حڪومت ته فيصلي جي ڪاپي به اپيل جو مدو ختم ٿيڻ کانپوءِ حاصل ڪئي: جسٽس اعجاز الحسن *ڪاريون رڍون ادارن ۾ رکندا ته پوءِ ان جو نتيجو ته ڀوڳڻو پوندو: چيف جسٽس *اپيل داخل ڪرڻ ۾ دير ٿي وڃي ته پوءِ عدالتن مان ڇا وٺڻ ايندا آهيو؟ چيف جسٽس *ادارن جو نقصان ڪرڻ وارن جي خلاف ڪارروائي ڇو نٿي ڪئي وڃي: چيف جسٽس *هڪ ڪلرڪ حڪومت جي اربين رپين جو ڪم خراب ڪري ڇڏيندو آهي: چيف جسٽس *حڪومت پنهنجو ڪم نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سپريم ڪورٽ ڇو ڪلرڪن پويان پئي: چيف جسٽس *ادارن جي قانوني معاملن ۾ ت آفيسرن جي ذميواري هجڻ گهرجي، ڪلرڪن جي نه: چيف جسٽس*
  • *راڻيپور ۾ بااثر پاران نوجوان جو مبينا طور مٿو ۽ اڌ مڇون ڪوڙي تذليل، وڊيو وائرل *پير محلا ۾ بااثر پاران ظفر شيخ کي مبينا طور تذليل جو نشانو بڻايو ويو *ڪارپارڪنگ جا پئسا وٺڻ تي تشدد ڪري تذليل جو نشانو بڻايو ويو: ظفر شيخ*
  • *نوشھروفيروز ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 10ڪيسن جي تصديق، ضلعي ۾ متاثرن جو انگ هڪ هزار 94 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي: ڊي ايڇ او نوشھروفيروز*
  • *مدئجي: پوليس اٽالن جي ڳوٺ عزت جي وانڍ تي چڙهائي، ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو *پوليس اٽالن بيگناهه گهرن تي چڙهائي ڪري موٽرسائيڪلون ۽ ٿريشر ڪاهي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *مدئجي ويجهو جيها برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو،5 ڄڻا رتورت *نواب جي وانڍ ۾ چورن جو پيرو کڻڻ دوران جهيڙو ٿي پيو، 5ڄڻا زخمي ٿي پيا*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ پي آءِ اي ۾ غير قانوني ڀرتين وارو نيب ريفرنس *ليگي اڳواڻ سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جوابدارن خلاف نيب ريفرنس تي ٻڌڻي *عدالت پاران سردار مهتاب عباسي ۽ ٻين جي بريت واري اپيل تي فيصلو ملتوي*

مريم نواز، ورهايل مخالف ڌر کي گڏ ڪري سگهندي؟

اڳوڻو وزير اعظم ميان نواز شريف علاج لاءِ لنڊن پهچڻ بعد رکي رکي سامهون ايندڙ تصويرن ۾ پنهنجي پٽن جي ٻارن سان ڪافي پيئندي ته نظر ايندو آھي، پر ان جي سياست کان ڪنارا ڪشي محسوس ڪرائيندي رهي ٿي ته کيس ڪجهه پابندين ۾ جڪڙي لنڊن موڪليو ويو آھي جن پابندين سبب سندس زبان بندي آھي جنهن ڪري ئي ملڪ جو ٽي ڀيرا وزير اعظم رهندڙ نواز شريف لنڊن ۾ نه ڪا سياسي سرگرمي ڪري رهيو آهي نه ئي ڪو سياسي بيان ئي ڏئي رهيو آھي.
ايئن نواز شريف جي لنڊن ياترا وارن ڏينهن کان ئي مريم نواز به بظاهر آزاد آھي پر اها به رائيونڊ جي فارم هائوس ۾ مڪمل طور تي خاموش هئي. چوڻ وارا ته اهو چوندا رهيا آھن ته نواز شريف کي لنڊن وڃڻ جي مليل اجازت ۽ طئه ٿيل مامرن ۽ دائرن ۾ رهڻ جي ضمانت طور مريم کي ملڪ اندر رهڻو پيو آهي ۽ کيس به دائرن ۾ رهي وقت گذارڻو آھي، ڏسجي ته ڪافي مهينن کان مريم نواز آزاد آھي پر نه رڳو هو پاڻ پر ان جو ٽوئيٽر به خاموش رهيو آھي نه رڳو ايترو پر مسلم ليگ ن جو هاڻي به قائد هجڻ باوجود نواز شريف جديد ٽيڪنالاجي جو سهارو وٺي ڇٺي ڇماهي به پارٽي جي مشاورتي اجلاس ڪندي نظر نه ٿو اچي.
ايئن مريم نواز شريف ن ليگ جي نائب صدر هوندي به پارٽي جي اڪثر مشاورتي اجلاسن کان ٻاهر رهي ٿي اهو سمورو عمل پردي پويان جي ڪهاڻي بيان ڪري رهيو آھي ۽ ٻڌائي رهيو آھي ته نواز ليگ ڪيترن مجبورين ۽ مصلحتن جي زنجيرن ۾ جڪڙيل آھي پر ان خاموشي جي ماحول ۾ اوچتو هلچل ۽ لب ڪشائي جو ماحول تڏهن جڙيو جڏهن گذريل اڱاري ڏينهن تي ن ليگ جي مريم نواز جي نيب لاهور ۾ پيشي لاءِ آمد وقت پوليس ۽ ن ليگ ڪارڪنن ۾ ٽڪراءُ ٿيو آھي. پوليس ن ليگ ڪارڪنن تي پٿراءُ ، لاٺي چارج ۽ آنسوگيس جي استعمال سان گڏ ن ليگ ڪارڪنن کي گرفتار به ڪيو آھي اهو ته مامرو بحث جو موضوع بڻيل آھي ته اڳرائي ن ليگ ڪارڪنن ڪئي يا پوليس اهلڪارن ڪئي پر مريم نواز جي بلٽ پروف گاڏي جو شيشو ٽٽڻ تي به تڪرار شروع ٿيل آھي. حڪمران پارٽي پي ٽي آءِ جي اڳواڻن جو چوڻ آھي ته مريم نواز جي گاڏي جو شيشو ن ليگ جي گاڏين ۾ آندل پٿرن سان ٽوڙيو ويو آھي جڏهن ته مسلم ليگ نواز ۽ مريم نواز شريف چئي رهي آھي ته سندس زندگي کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش هئي ان ڪري ئي کيس گهر کان نيب گهرايو ويو هو مريم نواز ته سندس گاڏي جو بلٽ بروف شيشو گولي سان ڀڄڻ جي امڪان کي به رد نه ڪري رهي آهي ۽ مريم نواز ان حوالي سان صحافي ارشد وحيد چوڌري جي ڪيل ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪري ان امڪان جو به اڻ سڌي ريت اظهار ڪيو آهي.
مريم نواز جي نيب ۾ پيشي وقت ن ليگ ڪارڪنن جي جوش کي ڏسي هڪ ڀيرو ان اميد جو اظهار ٿي رهيو آھي ته جيڪڏهن حڪومت خلاف تحريڪ لاءِ مريم نواز ميدان ۾ اچي ته حڪومت خلاف موثر تحريڪ هلي سگهي ٿي، پر سوال هي آھي ته ن ليگ هن وقت جن مجبورين جي ٻڌڻن ۾ ٻڌل نظر اچي رهي آھي ڇا انهن ٻڌڻن کي ٽوڙڻ جو جوکم کڻڻ لاءِ ن ليگ تيار ٿيندي؟ ان کان به اهم سوال ته شهباز شريف جي موجودگي ۾ مريم نواز ن ليگ کي ليڊ ڪري سگهي ٿي، اهي ٻئي اهڙا سوال آھن جن کي پار ڪري مريم نواز کي قيادت ڪرڻ لاءِ اڳتي آڻڻ ن ليگ لاءِ ناممڪن نه سهي پر فلحال اهو فيصلو ڪرڻ مشڪل نظر اچي ٿو. مجبورين جا ٻڌڻ ٽوڙڻ سان نه رڳو مريم نواز ٻيهر نيب جي گرفت ۾ اچي سگهي ٿي پر سندس والد نواز شريف جنهن جي لنڊن ياترا بعد نيب ڪيس ۽ ڪارروايون ڄڻ تي پاسي تي رکيل آھن انهن تي ڪارروائي شروع ٿي سگهي ٿي. نواز شريف جا ٻئي پٽ، شهباز شريف، سندس پٽ ۽ نياڻو توڙي عباس شريف جي خاندان جي فردن تي به نيب ڪيس آھن، مطلب ته مجبورين جا رسا ڇنڻ سان سڄو شريف خاندان نيب جي نشاني تي اچي ويندو، اهو ئي سبب آھي جو اڱاري ڏينهن ڪار تي حملي کي جواز بڻائي مريم نواز پريس ڪانفرنس به ڪئي، جنهن دوران سندس لهجو سخت هيو پر پريس ڪانفرنس دوران هن ريڊ لائين ڪراس ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي.
هن حڪومت جي ٻن سالن ۾ شهباز شريف کي ن ليگ ۾ نواز شريف واري پوزيشن ڏني وئي پر شهباز شريف جيڪو پنجاب جي وڏي وزير طور بهتر منتظم تصور ڪيو ويندو هيو اهو شهباز شريف پارٽي کي مخالف ڌر جي ڪردار لاءِ منظم ڪرڻ ۾ بري طرح ناڪام ٿيو آھي جيڪڏهن ن ليگ جا اڳواڻ ان خيال جا آھن ته مسلم ليگ نواز کي ايندڙ بلدياتي چونڊن سوڌو عام چونڊن ۾ سوڀ حاصل ڪرڻي آھي ته مريم نواز کي ميدان ۾ آڻڻو پوندو. مطلب ته هاڻي اميدن جو پارٽي اڳواڻن لاءِ مرڪز مريم نواز آھي پر جيڪو سندس چاچو سندس ڪار تي حملي جي مذمت بلاول ڀٽو کان به پوءِ ڪري ٿو ۽ ان حملي بعد مريم نواز سان پريس ڪانفرنس ۾ به گڏ نٿو ويهي اهو کيس پاڻ کي پارٽي ۾ پوئتي ڪري مريم نواز کي اڳتي ڪيئن آڻيندو. اها به حقيقت مريم جي ڪارمٿان ٿيل مبينا حملي سامهون آندي آھي ته نواز ليگ هن وقت گروپن ۾ تقسيم ٿيل آھي جنهن ۾ شريف خاندان جا ئي مامرا نظر اچي رهيا آھن.
خير گروپ بندي ته ملڪ جي هر پارٽي وانگر ن ليگ ۾ به آهي پر اڱاري ڏينهن نيب لاهور جي مريم نواز جي ياترا اهو محسوس ڪرايو آهي ته مريم نواز جيڪڏهن ميدان ۾ اچي ته پنجاب ۾ نواز ليگ کي ايتري موٽ ملي جيتري تاريخ ۾ ڪڏهن ن ليگ کي نه ملي آھي اها به اميد پيدا ٿي آھي ته حڪومت خلاف اي پي سي ۾ مريم نواز جي شرڪت ۽ اي پي سي ۾ طئه ٿيندڙ مامرن کي مريم نواز پاران دل جي سچائي سان اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش جانتيجا بهتر ملي سگهن ٿا پر شرط آهي ته مريم نواز جي اي پي سي ۾ شرڪت ان کان اڳ ٿيل مولانا فضل الرحمان جي صدارت ۾ اي پي سي وانگر علامتي نه هجڻ گهرجي. اي پي سي جي ڪاميابي لاءِ شرط اهو به آھي ته مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي کان مخالف ڌر جي باقي ننڍين پارٽين کي جيڪي شڪايتون ۽ خدشا آھن انهن کي نه رڳو ختم ڪرڻ گهرجي پر ٻنهي پارٽين کي اهو تاثر به ختم ڪرڻو پوندو ته ٻئي پارٽيون پنهجن سياسي مفادن کي سامهون رکي فيصلا ڪري رهيون آھن ان تاثر ئي پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ کان جي يوآءِ ، نيشنل پارٽي، پختونخوا ملي عوامي پارٽي، بي اين پي مينگل ،اي اين پي کي شڪايتون پيدا ڪيون آھن ۽ اهي پارٽيون هاڻ ٻنهي وڏين پارٽين سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ جي موڊ ۾ آھن جيڪڏهن ٻئي پارٽيون مخالف ڌر جي باقي پارٽين جا خدشا ختم نٿيون ڪن ۽ مخالف ڌر اي پي سي جي منعقد ڪرڻ تي تقسيم جو شڪار ٿي ته حڪمران ڌر لاءِ ان کان وڏي خوشخبري نٿي ٿي سگهي.
منهنجا اطلاع آھن ته اي پي سي جي تاريخ جو اعلان به مخالف ڌر جي ٻن وڏين پارٽين سان باقي پارٽين جي ناراضگي ۽ اي پي سي ۾ شرڪت جي يقيني حامي نه ڀرڻ ڪري نه ٿي رهيو آھي، هر دور ۾ حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ ۾ مخالف ڌر جون پارٽيون اختلافن جو شڪار پئي رهيون آھن. هن وقت به ماضي کي ورجايو پيو وڃي جيڪڏهن ماضي کي ورجايو ويو ته ان جو نتيجو ڇا نڪرندو ان بابت اپوزيشن جي موجوده پارٽين کان وڌيڪ ڪير ڄاڻي سگهي ٿو. مخالف ڌر جي پارٽين کي هڪ ٻئي تي جيڪي بدگمانيون آھن اهي ختم نٿيون ٿي سگهن ۽ ڪنهن ايجنڊا تي به مخالف ڌر متفق نٿي ٿي ته حڪومت خلاف تحريڪ جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري ويندي ۽ ان سان حڪومت مضبوط ٿيندي. ٻڌو پيو وڃي ته مولانا فضل الرحمان باقي پارٽين کان ڌار تحريڪ هلائڻ تي سوچي رهيو آھي اهو مولانا فضل الرحمان کان وڌيڪ ڪير بهتر ڄاڻي سگهي ٿو ته مخالف ڌر جي تقسيم ٿيڻ سان حڪومت خلاف اڪيلي سر ڪنهن به تحريڪ جا خاطر خواه نتيجا ملڻ مشڪل آھي. پري نه وڃون اسان کي پي ٽي آءِ ،طاهرالقادري جي ن ليگ جي حڪومت ۾ لڳل ڌرڻي کي ئي ڏسڻ گهرجي جنهن بابت مخالف ڌر جون پارٽيون ڪهڙين ڪهڙين قوتن جو ڌرڻي کي آشيرواد مليل هجڻ جي ڳالهه ڪنديون رهن ٿيون پر ان باوجود ان ڌرڻي جي پلان اي جي ناڪامي بعد پلان بي ۽ سي تي به غور ٿيو ۽ آخر ڪار بنا نتيجن جي اهو ڌرڻو ان ڪري ختم ٿيو هو جو اڪثر سياسي پارٽيون ان ڌرڻي سان گڏ نه هنيون ۽ انهن جي حڪومت کي ڌرڻي خلاف حمايت حاصل هئي.
ڏسجي ته مخالف ڌر اي پي سي ڪري سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن اي پي سي ٿئي ٿي ته ڇا مخالف ڌر جون سموريون پارٽيون ڪنهن ايجنڊا تي اتفاق ڪن ٿيون ۽ ڏسڻو اهو به آهي ته جيڪا ايجنڊا يا منزل مخالف ڌر جون پارٽيون طئه ڪن ٿيون ان منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪ جي ڪهڙي موثر طريقيڪار جو اعلان ٿئي ٿو، ڇو ته اي پي سي جي قرارداد ۾ شامل ڪيل مطالبن تي ته حڪومتون گهر نه وينديون آھن نه ئي پنهنجي پاليسي کي ڪا حڪومت ترڪ ڪندي آھي مخالف ڌر جا مطالبا اصل ۾ حڪومتون تسليم نه ڪنديون آهن پر مخالف ڌر جا مطالبا حڪومت کي اثرائتي تحريڪ جي خوف ۽ دٻاءُ سبب تسليم ڪرڻا پوندا آھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *