Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_jhuoif8nfdciv70e25pkoj9e8s, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مريم نواز نيٺ ماٺ ختم ڪري ڇڏي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مريم نواز نيٺ ماٺ ختم ڪري ڇڏي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

مريم نواز نيٺ ماٺ ختم ڪري ڇڏي

قومي احتساب بيورو (نيب) لاهور جي آفيس سامهون لاهور ملتان روڊ ان وقت جنگ جو ميدان بڻجي ويو جڏهن اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي ڌيءُ ۽ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز نيب جي سڏائڻ تي ايراضي انڪوائري ڪيس ۾ پيش ٿيڻ لاءِ لاهور جي انٽري پوائنٽ ٺوڪر نياز بيگ ۾ واقع نيب آفيس پهتي. مريم نواز موجب نيب جو نوٽيس کيس ٻه ڏينهن اڳ مليو هو جڏهن ته ميڊيا ۾ طلبيءَ جون خبرون گذريل هفتي کان ئي هلي رهيون هيون ۽ ان جا تفصيل به سامهون اچي چڪا هئا. مريم نواز جيڪا هڪ وڏي وقت کان مڪمل خاموشي اختيار ڪئي هئ ۽ جاتي امراءَ فارم هائوس ۾ رهڻ باوجود هو لاڳيتو سياسي معاملن کان لاتعلق رهي ۽ سوشل ميڊيا تي به خاموش هئي پر جيئن ئي نيب کيس ايراضي ڪيس ۾ پيش ٿيڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ته جاتي امراءَ فارم هائوس ۾ ٻيهر ملاقاتن ۽ صلاحن جو سلسلوشروع ٿي ويو. مريم نواز پارٽي اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن سان به صلاحون ڪيون ۽ نيب آفيس ۾ پيش ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.
هونئن ته اڳوڻي وزيراعظم ميان نوازشريف ۽ ان جي پارٽيءَ تي سدائين پرو اسٽيبلشمينٽ جي ڇاپ رهي آهي ۽ ماضيءَ ۾ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) جي قيادت جي سياسي ڪردار تي نظر ڊوڙائجي ته ان ۾ ڪي مونجھارا به نظر نه ايندا. پر 1999ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي فوجي قدم کان پوءِ نواز شريف جي سوچ ۾ باغياڻا رويا اڀريا ۽ پوءِ پاناما ڪيس ۾ ان جي وزارت اعظميءِ تان نااهليءَ کان پوءِ “ووٽ کي عزت ڏيو” جو نعرو هڻي نوازشريف اسٽيبلشمينٽ خلاف “علم بغاوت” بلند ڪيو. 2018ع جي اليڪشن ۾ نوازشريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) ان نعري تي اليڪشن وڙهي، جيتوڻيڪ پارٽيءَ جي صدر شهباز شريف جو بيانيو پنهنجي وڏي ڀاءُ کان مختلف رهيو آهي. نوازشريف جي علاج لاءِ لنڊن روانگي کان پوءِ شهبازشريف پارٽيءَ جي واڳ ڏور سنڀاليندو پيو اچي ۽ تڏهن کان نوازشريف جو بيانيو “ووٽ کي عزت ڏيو” گم ٿي ويو هو. نوازشريف جنهن مزاحمتي سياست کي پارٽيءَ جو بنيادي اصول بڻايو شهباز شريف ان کان پوئتي هٽندي نظر آيو.
شهباز شريف کي ان دوران نيب طلب به ڪيو پر هن پاور شو ڪرڻ بجاءِ خاموشيءَ سان پيشيون ڀوڳڻ جو ئي فيصلو ڪيو، هاڻي ان جي پويان ڪهڙي سوچ هئي ان تي ڳالهائڻ بدران مريم نواز جي فيصلي کي ئي ڏسي ٿا وٺون. مريم نواز هڪ فيصلو ڪري غير فعال پارٽيءَ ۾ جان وجهي ڇڏي آهي. مريم نواز پنهنجي چاچي جيان ڪارڪنن جي استقبال ۽ اظهار يڪجهتي لاءِ ايندڙن کي روڪڻ بجاءِ ان تي خاموشي اختيار ڪئي ۽ پارٽيءَ جي مقامي قيادت کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو. جنهن نوٽيس جي خبر ميڊيا ۾ اچڻ کان پوءِ ئي سوشل ميڊيا وسيلي ڪارڪنن کي 11 آگسٽ تي نيب آفيس پهچڻ جي ڪال ڏني. جنهن تي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ مريم نواز سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪيو ۽ قافلن، ريلين جي شڪل ۾ ڪارڪن نيب آفيس پهتا. جيتوڻيڪ انتظاميا طرفان ڪارڪنن کي روڪڻ لاءِ ٺوڪر نياز بيگ چوڪ ۽ راءِ ونڊ روڊ تي رنڊڪون رکي روڊن کي بند ڪيو ويو هو، جيئن ڪارڪن نيب آفيس تائين نه پهچي سگھن، جڏهن ته ڪارڪن اهي رڪاوٽون ٽوڙيندا نيب آفيس سامهون به پهچي ويا ۽ وڏي انگ ۾ جاتي امراءَ فارم هائوس ٻاهران به گڏ ٿي ويا. مريم نواز جيئن ئي پنهنجي گھر کان نيب آفيس پيشيءَ لاءِ نڪتي ته ان جي استقبال لاءِ ڪارڪنن جو هڪ وڏو ميڙ ان سان گڏ ئي نيب آفيس طرف هلي پيو. مريم نواز جي گاڏي جڏهن نيب آفيس جي سامهون پهتي ته ليگي ڪارڪنن آفيس جي سامهون لڳايل رڪاوٽن کي هٽائڻ ڪوشش ڪئي جنهن تي ٽڪراءَ جي شروعات ٿي ۽ پوءِ ڪجهه ئي گھڙين ۾ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو. پٿراءَ، ڳوڙها آڻيندڙ گئس جي شيل جي ڪري ڪيترائي ليگي ڪارڪن ۽ پوليس اهلڪار زخمي ٿيا. جڏهن ته پوليس ڪيترن ئي ليگي ڪارڪنن کي گرفتار به ڪري ورتو ۽ نيب عملدارن به پٿراءُ ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. مريم نواز نيب آفيس ۾ پيشي جي موقعي تي هڪ ڊگھي خاموشي کي به ٽوڙي ڇڏيو آهي، هن جتي هڪ وڏي وقت کان پوءِ لاهور ۾ پاور شو ڪيو آهي اتي پنهنجي پيءُ جي مزاحمتي سياست کي جاري رکڻ واري ارادي جو به اظهار ڪيو آهي. مريم نواز جي هڪ پيشي ۽ پريس ڪانفرنس شهباز شريف جي مفاهمتي پاليسيءَ کي دسي ڌوڙ ڪري ڇڏيو آهي ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر مسلم ليگ (ن) “ووٽ کي عزت ڏيو” واري نعري سان گڏ متحرڪ ٿيندي نظر اچي رهي آهي.
مريم نواز هڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪري وزيراعظم، حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي واضح پيغام ڏنو آهي، هن حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ وزيراعظم جي بيانن جو سياسي پوسٽ مارٽم ڪيو آهي، ميان نوازشريف جي لنڊن روانگي کان پوءِ هو خاموش آهي ان دوران وزيراعظم عمران خان ۽ حڪومتي وزيرن نواز شريف جي لنڊن ۾ علاج تي ڪيترائي ڀيرا سوال اٿاريا. پنهنجي تازي پريس ڪانفرنس ۾ مريم نواز انهن سڀني سوالن تي پنهنجو رد عمل به ڏنو حڪومت ۽ نيب جي ڳٺ جوڙ کي کليل لفظن ۾ بيان ڪيو ۽ چٽي انداز ۾ ٻڌايو ته مسلم ليگ (ن) جو بيانيو اڄ به نوازشريف جو بيانيو “ووٽ کي عزت ڏيو” ئي آهي ان جي لاءِ ٻيو ڪو بيانيو نه آهي. هن جو چوڻ هو ته مسلم ليگ (ن) جمهوري جماعت آهي جنهن ۾ مختلف خيالن جي قيادت موجود آهي پر سڀ نواز شريف جي قيادت تي متفق آهن ۽ ان جو بيانيو ئي پارٽي پاليسي آهي.
سياستي مبصرن موجب مريم نواز جي سياست ۾ واپسي نئين سياسي صف بندين جو نتيجو ٿي سگھي ٿي. ياد رهي ته اهڙيءَ ريت هڪ پيشي اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي به ٿي هئي ۽ هو ڪوٽ لکپت جيل ۾ العزيزيه ريفرنس ڪيس جي سزا ڀوڳي رهيو هو ته هڪ ڏينهن اوچتو نيب کيس جيل مان چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو ۽ پوءِ اڳئين ڏينهن قانوني ضابطن موجب کيس احتساب عدالت ۾ رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو، انهن ڏينهن ۾ مولانا فضل الرحمان جي لانگ مارچ بابت رابطا هلي رهيا هئا، شهباز شريف جو موقف ڇو ته مختلف آهي ان لاءِ هو مولانا فضل الرحمان سان گڏ هلڻ لاءِ حيلا بهانا ڪري رهيو هو پر جيئن ئي نوازشريف کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ لاءِ آندو ويو ته نوازشريف کلي مولانا فضل الرحمان جي حمايت ڪري ڇڏي ۽ گڏ ئي ميڊيا وسيلي پوري قوم کي ٻڌائي ڇڏيو ته هن لکت ۾ هدايتون شهباز شريف کي موڪليون آهن ته مسلم ليگ (ن) پارٽيءَ طور انهن هدايتن موجب مولانا جو ڀرپور ساٿ ڏيندي. جنهن کان پوءِ شهبازشريف جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي مڪمل حمايت جو فيصلو ڪيو ويو. جيتوڻيڪ ان پيشيءَ کان پوءِ نواز شريف عدالت ۾ پيش نه ٿيو، نيب جي حراست ۾ ئي ان جي طبيعت خراب ٿي وئي ۽ کيس اسپتال منتقال ڪيو ويو ۽ پوءِ عدالتي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن به ٿيو جو نوازشريف جي چوڌري شگر ملز ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جسماني رمانڊ تي هوندي به درخواست منظور ڪري ورتي. هاڻي مريم نواز جيڪا سياسي معاملن کان پري هئي ان کي ايراضي ڪيس ۾ نيب آفيس پيشيءَ لاءِ سڏايو ويو ۽ پوءِ انتظاميا به (ن) ليگ کي موقعو فراهم ڪيو ته هو پنهنجي ڪارڪنن کي گڏ ڪري ۽ لاهور ۾ پاور شو ڪري. مريم نواز جي ٻيهر سياست ۾ متحرڪ ٿيڻ سان هڪ مضبوط مخالف ڌر جنم وٺي سگھي ٿي. هن وقت تائين بلاول زرداري حڪومت خلاف کلي ڳالهائي رهيو هو هاڻي مريم نواز هڪ ئي پريس ڪانفرنس سان هن وقت تائين جو پورو حساب چڪتو ڪري ڇڏيو آهي جيڪڏهن مريم نواز ٻيهر متحرڪ ٿي ته اپوزيشن جي هڪ وڏي تحريڪ به جنم وٺي سگھي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *