تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مزدورن سان ٿيندڙ ناانصافي

جنهن ملڪ ۾ ادارا امن امان جي قيام، چوري، ٺڳي، تشدد ۽ ٻين ڏوهن جي روڪٿام ۽ مختلف پارٽين وچ ۾ ٿيل معاهدن جي تحفظ ۾ ناڪام ٿي وڃن ته اتي ترقي ناممڪن ٿي ويندي آهي ۽ زندگي جون بنيادي ضرورتون به اڻلڀ ٿي وينديون آهن. انسان لاءِ زنده رهڻ مشڪل ٿي ويندو آهي.
گذريل ڪجهه مھينن کان سنڌ ۾ مزدور طبقو اھڙن ئي ناانصافين ۽ ڏوهن کي منهن ڏئي رھيو آھي، ڪورونا وائرس جو خوف اڃان ختم ئي نه ٿيو ھو ته غريبن مٿان ٻوڏ جھڙي صورتحال سامھون آئي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ برسات کان پوءِ روشنين کان اوندهه ۾ تبديل ٿي وئي، تقريبن 80 سيڪڙو مزدور طبقو ڪراچي ۾رهائش پذير آهي، ڏھاڙي تي ڪمائيندڙ مزدورن لاءِ ويلي جي ماني کائڻ به مشڪل ٿي وئي، ٻئي طرف ڪاڇي وارن علائقن ۾ گذر سفر ۽ زنده رھڻ جو وسيلو چوپايو مال ۽ زراعت آهي پر بارشن،ٻوڏ ۽ انتظاميا جي لاپرواهي ڪاڇي واسين کي انهن وسيلن کان محروم ڪري روڊن ۽ ڪئمپن ۾ ويھڻ تي مجبور ڪيو.
گذريل 70 سالن کان ڏٺو وڃي ته پاڪستاني رياست ۽ حڪومتون مزدورن جون ڪي به ذميواريون ادا نه ڪري سگهيون آهن، پوءِ چاهي روزگار ھجي، تعليم، صحت، صفائي، امن امان، ٻارن جي پيدائش جي وقت وڌيل موت جي شرح ، عورتن ۽ مذهبي اقليتن جا حق، صاف پاڻي جي فراھمي،گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ کان ويندي ٻيا کوڙ مسئلا جيڪي سرمائيدار حڪومت ڪڏهن به پنهنجو فرض سمجهي حل نه ڪيا.
پاڪستان ۾ 1990ع جي ڏھاڪي کان وٺي نجڪاري واري پاليسي تحت جيترن به سرڪاري ادارن کي نجي تحويل ۾ ڏنو ويو، ان مزدور طبقي جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي.
حڪمران نجڪاري واري پاليسي کي ھڪ پروپيگنڊا طور وڌائي رهيا آهن، جنھن ۾ اھو واضح پيغام آهي ته مزدور نااھل ۽ نالائق آهن جنهن جي ڪري سرڪاري ادارا ايترا ته خساري ۾ اچي چڪا جو ھر حڪومت وٽ آخري آپشن نجڪاري آهي. حڪومت مطابق ته ادارن جي نجڪاري بھتر مستقبل ڏانهن قدموڌائڻ آهي، ادارن کي وڪڻي قرض لاٿا ويندا، بجٽ جي کوٽ گھٽ ڪري معيشت بھتر بڻائي ويندي ، نجي شعبي ۾ ڏنل ادارن جي مزدورن کي فارغ نه ڪيو ويندو، اھڙيون سڀ دعوائون تڏهن ڌوڙ ٿي ويون جڏهن ادارا سرمائيدار جي ڪجھه پئسن ۾ وڪامجڻ کان پوءِ انهن جي ملڪيت ۾ تبديل ٿي ويا ۽ ھزارين مزدورن کي جبري طور برطرف ڪري گهر موڪليو ويو. انهن مزدورن جي جاءِ تي ملڪ جي وڏن ۽ ننڍن ادارن پاڪستان اسٽيل مل، پاڪستان ريلوي، پي آءِ اي، پبلڪ سيڪٽر بينڪ، آئل ۽ گيس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ۾ سفارشي ماڻهن کي وڏين پگهارن تي وڏن عهدن تي ويھاريو ويو جنهن ڪري اهي ادارا وڏي بحران ۾ ڦاسي ويا ۽ غريب عوام تي وڌيڪ ٽيڪس ھڻي اھو خسارو پورو ڪيو پيو وڃي.
فيڪٽرين ۽ ٻين ادارن طرفان مزدورن کي فارغ ڪرڻ بعد رھيل پگهارون پڻ سرمائيدار جي ڀريل بئنڪن مان ادا نه ٿي سگهيون، ابتو انھن مزدورن کي ڌمڪائي خاموش ڪرايو ٿو وڃي، انهي بيوسي مزدورن کي خودڪشي ۽ پنڻ تي مجبور ڪري ڇڏيوآهي. مالڪن طرفان مزدورن کان 8 کان 12 ڪلاڪن واري مزدوري ۽ گھٽ پگھار تي رکڻ جي ڪري مزدور کي غلامي کان به وڌيڪ بدترين حالت ۾ آڻي ڇڏيو، نجي ادارن ۾ گهڻي قدر مزدورن جون حالتون بلڪل الڳ آھن جنھن ۾ مزدورن کي ساھه کڻڻ لاءِ به سرمائيدار جي اجازت جي ضرورت پوندي آھي، مزدورن جي صحت ۽ زندگي جي حفاظت سرمائيدارن جي آخري ترجيح ۾ به ناهي، اھو ئي سبب آهي جو فيڪٽرين ۽ ڪارخانن ۾ سوين مزدورن کي جيئرو ساڙيو وڃي ٿو ۽ انهن ذميوارن خلاف ڪا ڪارروائي نظر نٿي اچي.
مزدور دشمن قانونن خلاف دنيا ۾ جنھن تيزي سان تحريڪون اڀريون ۽ اڀري رھيون آهن ان سرمائيدار طبقي کي زوال پذيري جو رستو ڏيکاري سرمائيدار کي ماضي کان وڌيڪ وحشي بڻائي ڇڏيوآهي .ھن وقت جي وبا وارين حالتن ۾ به حڪومت وٽ ڪا مزدور دوست پاليسي نه آهي، جو ڏهاڙي تي ڪمائي ڪندڙ مزدورن کي ڪجهه وقت لاءِ سھارو ڏئي سگھن. جيتوڻيڪ پاڪستان جي آئين 1973ع ۾ مزدور جي پگهار سون جي تولي جيتري ڄاڻايل آهي ان سان گڏوگڏ مزدور جي ڪم کي 8 ڪلاڪ ڄاڻايو ويو ۽ مزدور جي اولاد کي ميٽرڪ تائين مفت تعليم ڏيڻ جي حق جي پڻ ڳالھه ٿيل آهي پر اھي ھن مھل تائين رڳو پنن تائين محدود ٿيل ڳالهيون آهن جن تي عمل نظر نه ٿو اچي. جيئن لينن چيو ته “اسين سوشلسٽ قومي مفاد جي نه پر عالمي محنت ڪش تحريڪ جي مفاد لاءِ جدوجهد ڪيون پيا. مزدور ھر ملڪ ۾ مظلوم آھن، سرمائيدار ھر ملڪ ۾ ظالم ھوندو آھي، اسان پنهنجن ملڪن جا نه پر پنهنجي طبقي جا وفادار آھيون. محنت ڪش طبقي جي عالمي فتح ۽ رت چوسيندڙ سرمائيداراڻي نظام جي بربادي اسان جو مقصد حيات آھي.”
اسٽيل مل جنهن کي پاڪستان جي معيشت جو ڪرنگھو سمجهيو وڃي ٿو ان مان مزدورن کي ڪڍڻ مطلب جيئري مارڻ جي برابر آهي ۽ ٻين پرائيويٽ ادارن مان فارغ ڪري انھن کي معاشي طور معذور بڻايو ويو.آهي جنهن ملڪ ۾ قومي ادارن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ماڻهن کي بغير سفارش جي انصاف ۽ عوامي خدمت ملي سگهي اتي ترقي جو رستو ڪير به نٿو روڪي سگهي، يا سياسي پارٽيون جيڪي عوام ۽ مزدور دوست آهن انهن جي گڏيل تحريڪ مزدور طبقي ۾ ساھه وجهي سگھن ٿيون.
پر ھتي سياسي پارٽين طرفان ڪڏهن ريليون ته ڪڏهن جلسا منقعد ڪرايا ويا پر مزدور طبقي جا مسئلا ان سان حل نه ٿي سگهيا نه وري ايئن ڪڏهن مزدورن جا مسئلا حل ٿي سگھندا. مزدور طبقو پاڻ پنهنجي حقن جي بقا ڪري سگهي ٿو ۽ سرمائيدارن جي نڙي تي لت ڏئي پنهنجي ٻارن جي مستقبل کي بچائي سگهي ٿو.
نجڪاري، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ، ڏھاڙي وارو نظام، مزدور دشمن قانون ۽ سرمائيداراڻي جبر جي خلاف جدوجھد ۽ نظرياتي طور مزدور قيادت کي اڳتي اچي مزدور طبقي کي متحد ڪري سرمائيدار ۽ جاگيردارن سان وڙھي حق وٺڻا پوندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *