Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_fskbp6pjeb8cdc3267t6fdh8vs, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مسنگ پرسنز جو منجهيل معاملو ڇو نه ٿو سلجهي؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مسنگ پرسنز جو منجهيل معاملو ڇو نه ٿو سلجهي؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مسنگ پرسنز جو منجهيل معاملو ڇو نه ٿو سلجهي؟

ملڪ ۾ ماڻهن جي لاپتا ٿيڻ جو معاملو انتهائي سنگين صورت اختيار ڪري ويو آهي،سياسي ،سماجي ماڻهن جي کنڀجڻ ۽ کڻي گم ڪرڻ جا واقعا گهڻي وقت کان وٺي ٿيندا رهيا آهن،هاڻي ته ڳالهه صحافين ۽ سرڪاري آفيسرن تائين اچي پهتي آهي جنهن جو تازو مثال ڪجهه وقت اڳ ملڪ جي گادي واري شهر مان نالي واري صحافي مطيع الله جان ۽ تازو ايس اي سي پي جي آفيسر ساجد گوندل جي گمشدگي هئي،مطيع الله جان ته انهي رات واپس اچي ويو جڏهن ته ساجد گوندل جو معاملو اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ وفاقي ڪابينا تائين وڃي پهتو. اهي ٻئي ڪيس هاءِ پروفائيل هئڻ ڪري پرنٽ ،اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع رهيا ۽ انهن ٻنهي جي جلد بازيابي ممڪن ٿي سگهي ،پر سنڌ ۾ ڪيتري وقت کان وٺي ماڻهو کنڀڻ جو سلسلو جاري آهي جنهن تي ايڏي پئماني تي آواز نه ٿو اٿي خاص ڪري نالي جي قومي چورائيندڙ ميڊيا جو انهي پاسي ڌيان ئي نه ٿو وڃي جنهن ڪري ڪيترائي ماڻهو گهڻي وقت کان وٺي کنڀجڻ کانپوءِ اڃان تائين ظاهر نه ٿيا آهن، مهينو کن اڳ سنڌ جي ناليواري اديب تاج جويو جو نوجوان پٽ ۽ مسنگ پرسنز لاءِ جدوجهد ڪندڙ سارنگ جويو به کنڀجي ويو هو جنهن جو معاملو به ميڊيا، سوشل ميڊيا ۽ قومي اسيمبلي جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ اچڻ سبب ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو بازياب ٿي گهر پهتو هو ،تازو ئي حيدرآباد مان هاءِ ڪورٽ بار جو وڪيل محب آزاد به کنڀجي ويو آهي جنهن جو به اڃان تائين ڪو ڏس پتو نه مليو آهي اهڙي طرح ٻيا به ڪيترائي ماڻهو آهن جيڪي لاپتا آهن ۽ انهن جا وارث احتجاج کان وٺي ڪورٽن تائين انهن جي بازيابي لاءِ ٻاڏائيندا رهن ٿا ۽ اسلام آباد کان وٺي سنڌ هاءِ ڪورٽ تائين به ماڻهن جي کنڀجڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪنديون رهيون آهن پر اڃان تائين اهو معاملو حل ٿيندي نظر نه ٿو اچي . ڪجهه ڏينهن پهريان سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ مسنگ پرسنز جي معاملي تي جسٽس نظر اڪبر جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران کنڀي گم ڪيلن جا وارث عدالتي ڪمري ۾ اوڇنگارون ڏئي روئيندا رهيا ۽ عدالت کي دانهون ڏيندي چيو ته کنڀي گم ڪيلن جا ننڍڙا ننڍڙا ٻارڙا آهن، اهي روز پڇندا آهن ته اسان جو بابا ڪاٿي آهي، هڪ کنڀي گم ڪيل جي والده عدالت کي دانهن ڏيندي چيو ته اسان جي گهر ۾ هڪ ئي ڪمائيندڙ هو جيڪو گم ٿيل آهي گهر به مسواڙ تي آهي اسان ويلو کائڻ لاءِ پريشان آهيون جنهن تي عدالتي ڪمري ۾موجود وڪيل توڙي سائلين روئڻهارڪا ٿي ويا هئا، جنهن تي عدالت گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي فوري طلب ڪيو ۽ آءِ جي سنڌ مشتاق مهر پيش ٿي عدالت ۾ مسنگ پرسنز بابت رپورٽ جمع ڪرائيندي چيو ته سنڌ ۾ 2011ع کان وٺي هن وقت تائين 4214 ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو ويو جن مان 3609 ڄڻن جو پتو لڳايو ويو باقي 605 ماڻهن جي ڳولا جاري آهي. آءِ جي سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته صرف ڪراچي مان 570 ماڻهن کي کنڀيو ويو، سنڌ جي ٻين ضلعن مان کنڀي گم ڪيلن بابت عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته حيدرآباد مان 20، سکر مان 7، لاڙڪاڻي مان 7 ۽ ميرپورخاص مان هڪ ڄڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، اها رپورٽ ڏسي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڏينهن ڏٺي جو ماڻهن کي کنڀي گم ڪيو وڃي ٿو پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟ پوليس اهلڪار گم ٿيل ماڻهن بابت ايس او پيز تي عمل ئي نه ٿا ڪن، جسٽس نظر اڪبر آءِ جي سنڌ کي حڪم ڏيندي چيو هو ته جن جاچ آفيسرن گم ٿيل ماڻهن جي ڪيسن ۾ غفلت ڪئي انهن خلاف کاتي واري ڪارروائي ڪئي وڃي. عدالت ڪجهه اهلڪارن ۽ جاچ آفيسرن کي به کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي ۾ غفلت ڪرڻ تي معطل ڪيو هو، هاڻ روزاني جي بنياد تي سنڌ هاءِڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڪيسن جي ٻڌڻي به ٿي رهي آهي.
اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جو آئين بلڪل واضح آهي ،مختلف ڏوهن خلاف مختلف قانون ٺهيل آهن،هر ماڻهو جي جان جي حفاظت جي ضمانت آئين ۾ رياست جو فرض آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن ڏوهه جو مرتڪب ٿئي ٿو ته ان کي قانوني طريقي سان گرفتار ڪري عدالتن ذريعي سزا ڏياري سگهجي ٿي جنهن به ضلعي مان ڪو ماڻهو گم ٿئي ٿو ته ان جي بازيابي جي ذميوار اتان جي پوليس آهي تنهن ڪري عدالتن جي حڪمن تي عمل ڪندي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ترت اپاءُ ورتا وڃن،ايئن ماڻهن کي گم ڪرڻ سان ادارن تي به سوال اٿن ٿا ۽ ملڪ جي بدنامي ٿئي ٿي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *