تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مصيبت ۾ ڦاٿل ڪاڇي ۾ وري ٻوڏ جو خطرو

نئين گاج ضلعي دادو تعلقعي جوهي جي يونين ڪائونسل ڊگهه بالا کان تقريبن 12 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي اولھه طرف جابلو پٽي ۾ آهي، نئين گاج سنڌ ۾ ٿک لڪ کان شروع ٿئي ٿي نئين گاج جي اتر طرف ڪچرڪ جبل آهي جنهن جي باري ۾ چون ٿا ته گورک جبل کان به وڌيڪ ٿڌو آهي ۽ ڏکڻ طرف وري گورک هل اسٽيشن اٿس ۽ ٻنهي جبلن جي وچان جيڪو لڪ نڪري ٿو تنهن کي ٿک چون ٿا.
1932 کان پهريان نئين گاج پٽ گل محمد کان ٿيندي پياري ڳوٺ پاٽ رڪڻ کان وڃي سنڌو درياهه ۾ ڇوڙ ڪندي هئي، پوءِ 1932ع کان گاج جي طوفاني وهڪري رخ تبديل ڪري ايشيا جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ منڇر ڏانهن ڪيو ويو، ان وقت ملڪ تي انگريزن جي حڪومت هئي ۽ جيڪا رٿا بندي ان وقت ان سرڪار ڪئي سا اڄ ڏينهن تائين هلي رهي آهي ان ۾ تبديلي نه آندي وئي گاج ڊائيورشن بند جي ڪل ڊيگهه 9 ڪلوميٽر آهي تقريبن هڪ ڪلو ميٽر سيمينٽ ۽ سريئي سان تيار ٿيل ديوار آهي جنهن کي تير ڀت جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، باقي 8 ڪلوميٽر پٿرن جو بند ٻڌل آهي. انگريز سرڪار ان بند ۾ وڏا وزني پٿر ڪم آڻيندي هئي ۽ ان پٿرن کي مضبوطي سان جهلڻ لاءِ لوهي تار استعمال ڪئي ويندي هئي جيڪا سائيز ۾ بلڪل ٿلهي ۽ وزني پڻ هوندي هئي، ان جي ابتڙ هاڻي وزني پٿر جو تصور ڪرڻ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جي برابر آهي ۽ لوهي تاراستعمال ڪئي وڃي ٿي اها سائيز ۾ به سنهي ۽ بلڪل گهٽ وزن واري آهي جيڪا گاج جي وهڪرن جو قطعي طور تي مقابلو ڪرڻ جي لائق نه آهي،
جنهن جي نتيجي ۾ سمورو ڪاڇو هن ڀيري انهي تباهي جو شڪار ٿيو. ماڻهو دربدر مال متاءَ هاري ناري سڀ پريشان لڳا پيا آهن ۽ انگريز سرڪار وٽ هڪ منظم ٽيم هئي جيڪا عام ڏينهن ۾ به هر وقت بند جي مانيٽرنگ ڪندي هئي ۽ آب ڪلياڻي جي موسم ۾ اڃان وڌيڪ ڌيان ڏنو ويندو هو. عملو رات ڏينهن اتي موجود هوندو هيو ۽ پل پل جي خبر سرڪار کي ٻڌائي ويندي هئي ۽ هاڻي عام ڏينهن ته اتي ڪير به موجود نه هوندو آهي پر آب ڪلياڻي جي موسم ۾به ساڳي صورتحال لڳي پئي آهي، جنهن لاپرواهي ۽ غفلت جي ڪري هر ڀيري ساڳئي قسم جي تباهي ۽ بربادي پئي ٿئي.هن ڀيري به بارشن پوڻ جي ڪري جيڪا ڪاڇي ۾ تباهي ٿي آهي انهي ۾ گاج ڊيم جو ڪم وقت سر مڪمل نه ڪرڻ ئي آهي ڇو ته نئين جو پيٽ اڳ وڌيڪ ويڪرو ۽ کليل هوندو هو ۽ پاڻي پنهنجي رفتار سان وهي ويندو هو ۽ هاڻي ڊيم وارن نئين جي پيٽ ۾ پٿرن ۽ واري سان ڏکڻ ۽ اتر طرف وڏو ۽ مضبوط بند بڌي ڇڏيو ۽ نئين کي سوڙهو ڪري ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي پوئتي رڪجي ويو ۽ پاڻي جي وهڪري ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي جنهن جي ڪري پاڻي هيڏو سارو نقصان ڪيو جيڪڏهن وقت سر گاج ڊيم جو ڪم ٿئي ها ته شايد ڪاڇي ۾ اهڙي صورتحال نه ٿئي ها ٻيو جيڪو تير ڀت کانسواءِ باقي گاج ڊائيورشن جي بند جو ڪم ٿيو اهو به ناڪارا هو تير ڀت ته اهو وهڪرو برداشت ڪري وئي پر باقي حصو اهو ڪمزور هئڻ ڪري اهو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهيو جيڪا بلڪل انتظامي نااهلي ۽ ڪرپشن جو نتيجو آهي جنهن ڪري سڄو ڪاڇو مصيبت ۾ اچي ويو .
ڪاڇي جا روڊ ۽ رستا لڙهي ويا سرڪار سڳوري نالي ماتر اپاءَ وٺي ها ته به مٽي جا ڪچا رستا بحال ٿي وڃن ها پر سرڪار پنهنجي روايت کي برقرار رکي ڪو ڪم نه ڪيو . 20 ڏينهن گذرڻ کانپوءِ به ساڳي صورتحال آھي، روڊ رستا نه هئڻ ڪري هٿرادو مهانگائي ڪئي وئي آهي، اها ڳالھه ڪندي به ڏوھه ٿا ڏڪن، شايد ئي ڪو ماڻهو هن ڳالھه تي اعتبار ڪري پر هي هڪ سچ آهي 20 روپين ۾ صرف هڪ ڪلو برف پئي ملي، پٽاٽا 120 روپيا ڪلو پيا ملن جن واهن ڍورن يا پاڻي جي وهڪري واريون جايون جتان پاڻي پيو وهي اتان مزدور وري صرف هڪ ڪارٽون پاڻي پار ڪرائي ڏيڻ جو 100 روپيا پيا وٺن ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ هڪ عورت جي ڊليوري هئي ان عورت کي پاڻي مان پار ڪراس ڪرائڻ جا 3 هزار ورتا ويا .اها حالت آهي عام ماڻهو جي، ڏک ان ڳالھه جو آهي جو هن مهل تائين به ڪنهن جي مالڪي نه ٿي آهي ماڻهو ويچارا نٽهڻ اس ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺا آهن. جن ماڻهن جا ٻچا ٻار بکن تي هجن جن جو مال متاءُ لنگهڻ تي هجي انهن جو پل پل ڪيئن گذرندو هوندو. سنڌي ۾ چوندا آهن اها جاءِ جلي جتي باھه ٻري.ماڻهن جا فصل ٻڏي ويا، ٽيوب ويل لڙهي ويا سولر پليٽون منڇر ڍنڍ جي حوالي ٿي ويون ۽ انهن جا ڪچا گهر مٽي جو ڍير ٿي ويا ڇا سرڪار سڳوري انهن هارين آبادگارن مدد ڪري سگهندي. هن مهل تائين نه نقصان جي سروي ڪئي وئي ۽ نه وري ڪي امدادي ٽيمون موڪلي مالي سهائتا ڪئي وئي آهي، بس ڪجهه ماڻهن کي امداد ڏيئي سرڪار پنهنجو فرض پورو ڪيو. جن جي سموري زندگي جي موڙي ختم ٿي وئي هجي ۽ وري انهن کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو ۽ انهن جي ڪريل معيشت وري نئين سر ڪيئن بحال ٿيندي؟ ڪاڇي واسي اڃان گاج جي گذريل وهڪري جي تباهي کان ئي پاڻ سنڀالي نه سگهيا آهن ته مٿان اها خبر آئي آهي ته بلوچستان صوبي جي خضدار ۽ قلات ڊويزن ۾ وري تمام گهڻيون بارشون پيون آهن جيڪو پاڻي وري ٻن يا ٽن ڏينهن ۾ گاج ذريعي ڪاڇي پهچندو ۽ ٿي سگهي ٿو وري ڪا تباهي مٿان تباهي ٿئي تنهن ڪري وس وارا ۽اختياريون اثرائتا قدم کڻي ايندڙ ڪنهن وڏي مصيبت کان ماڻهن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *