Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_df4dr84lfe01b1bv8on9oigak5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
معاشري کي جنجهوڙيندڙ ٺري ميرواهه سانحو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar معاشري کي جنجهوڙيندڙ ٺري ميرواهه سانحو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • • اسلام آباد: آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس جي ٻڌڻي *اسلام آباد: بسم الله انجنيئرنگ اصل ۾ پيراگان هائوسنگ جي ڊمي آهي: نيب پراسڪيوٽر *پيراگان رقم بسم الله انجنيئرنگ جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي: نيب پراسڪيوٽر *آشيانه هائوسنگ معاهدي کان اڳ احمد چيما ۽ ان جي عزيزن جي نالي زمين ٽرانسفر ٿي*
  • *چيف سيڪريٽري سنڌ سان پاڪستان ڪسٽمز سروس جي تربيت وٺندڙ آفيسرن جي ملاقات *ملاقات ۾ ڪسٽم آفيسرن کي ٿرڪول، امن امان ۽ ترقياتي منصوبن بابت بريفنگ* ٿرڪول بلاڪ 6 ملڪ جي توانائي منصوبن کي پورو ڪرڻ ۾ انتھائي اھم آهي *بلاڪ 6 ۾ موجود ڪوئلي کي گئس، يوريا ۽ مائع ڊيزل ۾ تبديل ڪيو ويندو: ممتاز شاهه *ڪراچي ۾ امن جي بحالي کان پوءِ انفراسٽرڪچر تي ڪم ڪري رھيا آھيون: چيف سيڪريٽري*
  • *اسلام آباد: نيب چيئرمي جسٽس (ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس *اجلاس ۾ نيب جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو *نيب سياسي اثر رسوخ کان بالاتر ٿي احتساب جي عمل کي جاري رکيو: نيب چيئرمين*گذريل ٻن سالن دوران 363 ارب رپيا وصول ڪري قومي ناڻي ۾ جمع ڪرايا: نيب چيئرمين*
  • *ليفٽيننٽ جنرل ماجد احسان انسپيڪٽر جنرل آرمس ۽ ليفٽيننٽ جنرل سيد محمد عدنان انسپيڪٽر جنرل ٽريننگ اينڊ ايووليوئيشن مقرر *ليفٽيننٽ جنرل حسن اظهر حيات ملٽري سيڪريٽري ۽ ليفٽيننٽ جنرل آصف غفور انسپيڪٽر جنرل ڪميونيڪيشن اينڊ آءِ ٽي مقرر*
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *

معاشري کي جنجهوڙيندڙ ٺري ميرواهه سانحو

جتي به قانون جي عملداري نه هوندي آهي اتي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ئي قانون هلندو آهي،ڪمزور قانون جو ناجائز فائدو طاقتور ئي وٺندا رهندا آهن ۽ سڀني کان وڌيڪ عذاب،تڪليفون يا اذيتون اهي ڪمزور طبقا ڀوڳيندا آهن جيڪي مزاحمت نه ڪري سگندا آهن. سنڌ ۾ به اڄڪلهه قانون نالي ڪا شيءَ نظر نه ٿي اچي،هر شعبي ۾ جيڪو طاقتور آهي يا بااثر آهي پنهنجي مرضي سان قانون کي استعمال ڪري ٿو جنهن جو شڪار ڪمزور طبقا خاص ڪري عورتون ۽ ٻارڙا ٿين ٿا.روز ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ عورت جو قتل ،ڪنهن عورت سان زيادتي ،ڪنهن ٻار سان بدفعلي جو واقعو اسان جي زندگي جي خبرن جو ڄڻ ته حصو ٿي ويو آهي ۽ انهن مان ايڪڙ ٻيڪڙ جوابدارن کي سزا ملڻ يا قانون جي ڪٽهڙي ۾آڻڻ کانسواءِ اڪثر جوابدار يا ته قانون جي ڪمزوري جو فائدو وٺندي آزاد ٿي وڃن ٿا يا وري ڪمزور ماڻهن تي پنهنجي راڄوڻي ۽ برادري جا دٻاءُ وجهي ماٺ ۽ ٺاهه ڪرڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ پوءِ عورتن ۽ ٻارن سان اهو تشدد،ظلم ،زيادتي جو سلسلو هلندو ئي رهي ٿو ۽ ختم ٿيڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي.
ٺري ميرواهه ۾ تازو هڪ اهڙو لقاءُ ظاهر ٿيو آهي جنهن معاشري کي جنجهوڙي ۽ ڌوڏي ڇڏيو آهي. هر سوچيندڙ ماڻهو جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن ته اسان جي سماج ۾ ڪهڙا ڪهڙا بگهڙ ڪهڙي ڪهڙي روپ ۾ لڪا ويٺا آهن ۽ معاشري انهي جي ڪا خبر ئي نه هئي. هڪ ريٽائرڊ ۽ خانگي ٽيوشن سينٽر هلائيندڙ استاد جي هڪ شاگر د سان بدفعلي واري وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن کانپوءِ اهي ڳالهيون به سامهون آيون آهن ته اها هڪڙي وڊيو ناهي ان کان علاوه کوڙ وڊيوز آهن جيڪي پوليس پنهنجي تحويل ۾ ورتيون آهن جن ۾ ٻارن کي هڪٻئي سان اجتماعي بدفعلي وارو عمل ڪندي رڪارڊنگ ڪئي وئي آهي .اهڙن وڊيوز جي ڳالهه ظاهر ٿيڻ کانپوءِ اهي سوال ٻيهر ڪر کڻي بيهي رهيا آهن جيڪي قصور جي معصوم زينب جي بيرحماڻي قتل کانپوءِ اٿيا هيا ته ڇا ملڪ ۾ ڪي اهڙا ريڪيٽ آهن جيڪي “چائلڊ پورنو گرافي”واري ڌنڌي ۾ دنيا سان ڳنڍيل آهن .ان وقت ته اهي سوال رڳو ڪجهه مباحثن کانپوءِ ماٺا ٿي ويا پر هن واقعي انهن سوالن کي ٻيهر اٿاريو آهي . ٻارڙن سان بدفعلي ۽ اجتماعي بدفعلي جا واقعا ته ٿيندا رهن ٿا جنهن کي اسان جو سماج اکيون ٻوٽي ڄڻ ڪن لاٽار ڪندو هجي پر ڪجهه وقت کان سنڌ جي مختلف شهرن مان هڪڙا اهڙا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن ته ٻارڙن سان زيادتين جا واقعا رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي آندا وڃن پيا جنهن سان انهي پاسي شڪ ڪرڻ هر ساڃاهه وند جو ٺهي ٿو ته “چائلڊ پورنو گرافي” جي ڌنڌي ۾ ملوث ماڻهن ڪٿي سنڌ ۾ به پنهنجا ريڪيٽ ته نه ٺاهي ورتا آهن ۽ اسان جا معصوم ٻار انهي جو شڪار ٿي رهيا آهن جنهن ته چائلڊ پورنو گرافي اهڙو ڌنڌو ٿي ويو آهي جنهن ۾ رڳو پئسو ئي پئسو آهي ۽ پئسي ۽ جنسي حوس جا بکيا ماڻهو انهي ڌنڌي لاءِ معصوم ٻارڙن کي نشانو بڻائڻ ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته هي انتهائي خطرناڪ ۽ غير معمولي سانحو آهي جنهن اسان جي سماج ۾ موجود بگهڙن جي نشاندهي ڪئي آهي جيڪي اسان جي وچ ۾ موجود آهن پر انهن کي سڃاڻڻ ڏکيو آهي .استاد جنهن تي ٻار پنهنجي ماءُ ۽ پيءُ کانپوءِ وڌيڪ اعتبار ڪري ٿو ان جي اعتبار جي ئي ڪري اهڙن بگهڙن کي اهو ڪڌو ڪم ڪرڻ ۾ آساني ٿئي ٿي .اسان سمجهون ٿا ته هن ڪيس کي عام ڪيس ڪري نه وٺڻ گهرجي پر پورنو گرافي واري ڌنڌي واري اک سان به ڏسڻ گهرجي ،خبر ناهي انهي ريڪيٽ جا ٻيا ڇيڙا ڪٿي ڪٿي اهڙي ڪاررواين ۾ ملوث هوندا ۽ ڪيترن ئي معصومن کي پنهنجي حوس ۽ پئسي جي بک جو شڪار بڻائيندا هوندا.
سنڌ ۾ ٻارڙن جي تحفظ ۽ انهن جي بچاءُ لاءِقانون ته ٺهيل آهن پر انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اهي ئي رڪاوٽ آهن جيڪي اهي لاڳو ڪرڻ جا پابند آهن تنهن ڪري پوليس ۽ جاچ ڪندڙ ادارن جي ذميواري ٿئي ٿي ته هن ڪيس ۾ روايتي سستي ۽ ڪردار ادا ڪرڻ بدران هن ڪيس کي توڙ تائين پهچائڻ لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن جيڪڏهن اهڙو ڪو سنڌ ۾ ريڪيٽ آهي ته ان کي ظاهر ڪجي جي اهوئي اڪيلو جوابدار آهي ته ان کي قانون مطابق سزا تائين پهچائجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *