تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

معاشي حالتون ماڻهن کي ماري رهيون آهن

ملڪ جي اڪثريتي عوام هڪ سروي ۾ ملڪ جي معاشي رخ کي غلط قرار ڏنو آهي جڏهن ته گهٽ ماڻهن کي ڪا بهتري جي اميد نظر نه اچي پئي،انهي سروي ۾ ماڻهن معيشت جي وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي جڏهن ته مهانگائي ۾ واڌ جو خطرو ظاهر ڪيو پيو وڃي،هوڏانهن سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن عوام ڏکيائي ۾ آهي ته حڪومت به عياشي نه پئي ڪري هن اڳوڻي حڪومت تي الزام هنيو ته اها سندن راهه ۾ بارودي سرنگون وڇائي وئي جنهن ڪري شديد مالي مسئلا درپيش آهن ماضي جي منصوبن سبب بجلي مهانگي ٿي.انهي کان علاوه به هن ماضي جي حڪومت تي ٻيا الزام هڻي ڄڻ ته پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي.
ڪنهن به ملڪ جي معاشي طور اڳتي وڌڻ جو هڪڙو پئمانو غربت جي شرح ۾ گهٽتائي آهي ۽ ماڻهن جي قوت خريد ۽ في ڪس آمدني مان به اندازو لڳايو ويندو آهي پر بدقسمتي سان چوڻو ٿو پوي ته جيڪا حڪومت هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جو واعدو ڪري آئي هئي ذري گهٽ اڍائي سال گذرڻ کانپوءِ به پنهنجو ڪو معاشي منصوبو نه ڏئي سگهي آهي ،روز مهانگائي ۾ واڌ ٿي رهي آهي نوجوانن لاءِ روزگار جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ بدران اڳ جيڪي ماڻهو روزگار سان هيا انهن کي بيروزگار ڪيو پيو وڃي،غربت گهٽجڻ بدران ڏينهون ڏينهن انهي ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو جيڪي اڳ ٻن وقت جي کائڻ جو بندوبست ڪري سگهندا هئا اهي هاڻي هڪڙي ويلي لاءِ پريشان آهن ،بجلي جا بل انهن جي ڀرڻ کان چڙهندا ٿا وڃن،دوائون ايتريون مهانگيون ٿي ويون آهن جو ماڻهن اهي خريد ڪرڻ جو سوچڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، ڀلي حڪمران عياشين نه ڪندا هجن پر عوام جي زندگي ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ انهن جي ذميواري آهي.ماضي جي حڪومتن تي الزام لڳائي ڪيتري وقت تائين ڪا حڪومت پنهنجو پاڻ کي الزامن کان آجو يا ذميوارين مان جان ڇڏائي سگهي ٿي ،جڏهن پي ٽي آءِ اپوزيشن ۾ هئي ۽ روز عوام سان نوان نوان واعدا ڪري رهي هئي ته ڇا انهن کي ملڪي معيشت جو ان وقت اندازو نه هيو جڏهن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ وزيراعظم عمران خان اهو چيو ته 90 ڏينهن کانپوءِ اسان جي ڪارڪردگي تي ڳالهايو وڃي ته ان وقت به حڪومت کي معيشت جي صحيح نموني سڌ نه هئي جو هاڻ چيو پيو وڃي ته معاشي خراب صورتحال جي ذميوار ماضي جون حڪومتون آهن يا اهي اسان جي راهه ۾ بارودي سرنگهون وڇائي ويون آهن ته پوءِ ڀلا هن حڪومت کي اهي بارودي سرنگون هٽائڻ لاءِ ڪيترو وقت گهرجي؟ انهي بارودي سرنگن جو شڪار حڪومت کان وڌيڪ عوام ٿي رهيو آهي ڇو ته اهي بارودي سرنگون ڪڏهن بجلي جي بل ۾ واڌ جي صورت ۾ ڦاٽي رهيون آهن ته ڪڏهن دوائن جي اگهن ۾ واڌ جا ڌماڪا ٿي رهيا آهن ته ڪڏهن بيروزگاري ۽ غربت جي شڪل ۾ عوام کي اڏائي رهيون آهن .اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به حڪومت لاءِ پنهنجي معاشي پاليسين کي درست واٽ تي هلائڻ لاءِ ٻن سالن جو وقت تمام گهڻو آهي جنهن جي تجربي جي بنياد تي اهي ڪي اهڙا فيصلا ڪن جنهن سان عوام کي رليف ملي سگهي،پر مٿي جنهن سروي جو ذڪر ڪيو وي آهي يا جيڪي وفاقي وزير ڳالهيون ڪيون آهن ان مان ته اهو ٿو لڳي ته ايندڙ 6 مهينن تائين به ڪا بهتري جي اميد نظر نه ٿي اچي بلڪه حالتون اڃان به وڌيڪ خراب ٿينديون .تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي فوري طور انهي پاسي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي جيئن معاشي تنگي سبب ماڻهو وڌيڪ تڪليف کان بچي پون.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *