Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ocjn7mt8bhlu1e8r6d3og65mdl, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
معنيٰ مريم نواز به ڳالهين تي راضي آهي ! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar معنيٰ مريم نواز به ڳالهين تي راضي آهي ! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

معنيٰ مريم نواز به ڳالهين تي راضي آهي !

پي ڊي ايم جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس احسن اقبال جي صدارت هيٺ اڄ ئي اعلانيل آهي، هي اجلاس نئين ميثاق کي تيار ڪرڻ جو ڪم ڪندو، هن اجلاس ۾ اهو به طئه ڪيو ويندو ته پي ڊي ايم جو گڏيل بيانو ڇا هئڻ گهرجي، هن اجلاس کانپوءِ پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس 14 نومبر يعني سڀاڻي ٿيندو، پي ڊي ايم کي هڪ بيانيي يا نئين ميثاق جي ضرورت ڇو پئي ان جو سبب ظاهر آهي ته حڪومت سان ان جو تعلق يا رڳو عمران خان سان تعلق ناهي پر هي پي ڊي ايم جو پنهنجو اندروني معاملو آهي يعني پي ڊي ايم اتحاد پنهنجي نئين ميثاق ۾ اهو طئه ڪندي نظر ايندو ته پي ڊي ايم ۾ شامل ڪا به پارٽي هن نئين ميثاق مطابق ڪنهن به پارٽي کي دوکو نه ڏيندي. هن اجلاس جي ضرورت ان ڪري به پيش آئي ته پي ڊي ايم جي گڏيل پڌر نامي باوجود نواز شريف جي تقرير جو موضوع پنهنجو ته پي ڊي ايم جي باقي اڳواڻن جو موضوع پنهنجو هجڻ ڪري ڳالهه وڃي ان مونجهاري تائين پهتي ته ڇا پي ڊي ايم اتحاد نواز شريف جي سخت بيانيي جو بار سهي سگهندو، يا پي ڊي ايم وارو اتحاد قائم به رهي سگهندو يا نه، ان مونجهاري کي حل ڪرڻ لاءِ جڏهن پي ڊي ايم جو سربراهي اجلاس طلب ڪيو ويو ته ان کان اڳ بلاول ڀٽو جو اهو انٽرويو سامهون اچي ويو، جنهن ۾ بلاول ڀٽو ميان نواز شريف جي تقرير ۾ نالا وٺڻ واري ڳالهه تي حيرانگي جو اظهار ڪيو. پي ڊي ايم جا سربراهه جڏهن آصف زرداري نواز شريف سميت گڏ ٿيا تڏهن موضوع رهيو ته بلاول ڀٽو کي اهڙو بيان ڏيڻ کپي ها يا نه .اهو ته مريم نواز جو اهو بيان هو جنهن پي ڊي ايم کي مونجهاري کان ٻاهر ڪڍيو، جنهن ۾ مريم نواز گلگت کان واپس ايندي چيو ته بلاول ڀٽو جي بيان ۾ اعتراض جهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي هينئر جڏهن پي ڊي ايم جا سربراهه ٻيهر گڏ ٿيا آهن، تڏهن بلاول جي بيان بدران مريم نواز جي پنهنجي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهين واري بيان مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هنن سربراهن کان هينئر کان ئي نئين ميثاق يا تقريرن ۾ ڪنهن جا نالا وٺڻ گهرجن يا نه جهڙن سوالن بجاءِ اهي سوال ٿي رهيا آهن ته مريم نواز اسٽيبلشمنٽ سان ڳالهين لاءِ راضي ٿي آهي، توهان ڇا ٿا چئو؟ پي ڊي ايم جا سربراهه ان سڄي مونجهاري کي ميڊيا جي پيداوار قرار ڏئي ذميوار ميڊيا کي سمجهي رهيا آهن. پي ڊي ايم جي گذريل اجلاس کانپوءِ بلاول ڀٽو جي بيان کانپوءِ واري صورتحال تي پڇيل سوال جي جواب ۾ مولانا فضل الرحمان وراڻيو ته ان موضوع تي هاڻي سوال نه ٿيندو، مسلم ليگ ن سيڪريٽريٽ ۾ ٿيل انهي اجلاس اندر موجود سياستدان چيو پئي ته مون پوري سياسي زندگي ۾ مولانا فضل الرحمان کي ايئن غصي ۾ ناهي ڏٺو هينئر جڏهن انهن سياستدانن سان رابطو ڪجي ٿو، تڏهن اهي چون ٿا پهريان بلاول جو بيان هاڻي وري مريم جو بيان.
اهي سوال انهي ڪري به اٿن ٿا ته ساڳئي گلگت بلتستان واري مسئلي تي سياستدانن جي جيڪا اسٽيبلشمنٽ وارن سان ملاقات ٿي هئي ان ملاقات جا راز فاش ٿي چڪا هئا. جنهن کانپوءِ نواز شريف پنهنجي پارٽي وارن کي سختي سان منع ڪري ڇڏيو هو ته ڪوبه سندس اجازت کانسواءِ اسٽيبلشمنٽ سربراهن سان ملاقات نه ڪندو. پي ڊي ايم پنهنجي 26 نقاطي اعلاميي ۾ به واضح ڪيو هيو ته فوج جو سياست ۾ ڪوبه ڪردار هوندو، ساڳئي گلگلت بلتستان واري اشو تي گذريل ڏينهن اسپيڪر اسد قيصر اجلاس طلب ڪيو هو جنهن ۾ سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن کي بريفنگ ڏيڻي هئي پر مخالف ڌر جي اڳواڻن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو جنهن بعد هي اجلاس ئي ملتوي ٿي ويو.
وزير اعظم عمران خان ته مخالف ڌر لاءِ اڳواٽ ئي ليڪو ڪڍي بيهي رهيو هو ته هنن سان ڳالهائڻو ئي ناهي. انڊيا سان جنگ جهڙي صورتحال هجي يا ڪورونا تي ٿيندڙ گڏجاڻي، گلگت واري مسئلي تي سيڪيورٽي ادارن پاران سڏايل ڳجهي ملاقات هجي يا پارلياماني ڪاميٽي جو آن لائين اجلاس، عمران خان مخالف ڌر وارن سان ويهڻ کي پنهجي منشور جي برخلاف سمجهندو رهيو آهي. عمران خان پنهنجي تازي بيان ۾ اهو به چيو هو ته هنن مخالف ڌر وارن سان هر معاملي تي ڳالهه سگهي ٿي، پر احتساب واري اشو تي ڳالهه ٿي نه ٿي سگهي. عمران خان چيو پئي ته هنن کي اين آر او ڏيڻ غداري هوندي. جڏهن سنڌ جي آءِ جي جو اغوا وارو واقعو ٿيو هو تنهن ڏينهن مراد علي شاهه جيڪو خطاب ۽ پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ان حوالي سان پ پ وارن جي سينئر قيادت مون کي ٻڌايو هو ته گهڻي سخت نه هئڻ ڪري بلاول ڀٽو پاڻ شام جو پريس ڪانفرنس ڪئي هئي. مولانا فضل الرحمان کان جڏهن اهڙوسوال ڪيو ويو ته مولانا صاحب وراڻيو هو ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت آهي، مراد علي شاهه وڏو وزير آهي هنن کي ايئن ئي ڳالهائڻ کپي. وفاقي وزير شيخ رشيد کي آرمي چيف جي بلاول کان سنڌ جي آءِ جي سان پاڻ سڌو ڳالهائڻ تي تحفظات هئا، هن سڄي معاملي ۾ جتي هر طرف ڳالهين جا در بند لڳا پيا هئا، مريم نواز پنهنجي خطابن ۾ عمران تون آهين ڪير هي وڏن جو مسئلو آهي تون وچ ۾ نه اچ جهڙي ٻولي ڳالهائي رهي هئي ، ساڳي مريم هاڻي اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهين لاءِ ڇو راضي آهي؟ پهريان بلاول ڀٽو ان هائوس تبديلي جي ڳالهه ڪندو هو ته هي ن ليگ ۽ مولانا صاحب وارا نيون چونڊون چوندا هئا هاڻي اچانڪ مريم نواز لچڪ جو مظاهرو ڇو ڪيو.؟
هڪ ته مريم نواز جو اهڙو بيان انهي ڳالهه سان مشروط آهي ته ڳالهيون تڏهن ٿينديون جڏهن عمران خان جي حڪومت کي گهر موڪليو ويندو. ان شرط جي نتيجي ۾ پي ڊي ايم جي اندر انهي بيانيي به جنم ورتو آهي ته جيڪا “ووٽ ڪو عزت دو” جا نعرا هڻندي سويلين بالادستي جي ڳالهه ڪري رهي آهي اهڙي پارٽي پاڻ وزير اعظم کي هٽائڻ جو مطالبو انهن ڌرين کان ڪري رهي آهي، جن ڌرين کان انهن کي اها شڪايت رهي آهي ته انهن ووٽ جي عزت ڪرائڻ بجاءِ وزير اعظم نواز شريف کي گهر ڀيڙو ڪيو، ٻيو ته نواز شريف جڏهن سختي سان منع ڪئي هئي ڪو به اسٽيبلشمينٽ سان رابطو نه ڪندو ته جيڪي بقول مريم نواز جي رابطي ۾ آهن اهي ڪير آهن؟ هتي اهو سوال به بحث ڪندو هلجي ته جيڪي ذهن اهي سوال اٿاري رهيا آهن ته اسٽيبلشمينٽ سان ڳالهائي سگهجي ٿو ته پارليامينٽ کي عزت ڏيڻ جو مطالبو ڪندڙ وزير اعظم عمران خان سان ڳالهائڻ لاءِ ڇو تيار ناهن؟ اهڙي سوال کي سمجهڻ لاءِ عمران خان جا اهي مثال ڪافي آهن جنهن ۾ چوي ٿو ته هنن سان ڳالهائڻ معنيٰ غداري ڪرڻ آهي. عمران خان جي حڪومت مخالف ڌر لاءِ جيل جي دروازن کانسواءِ ٻيو ڪو به آپشن ڇڏيو ئي ڪو نه هو جو ان تي ڳالهه ٿي سگهي. نواز ليگ اندر مفاهمت جا دڳ ڏسيندڙ شهباز شريف به پنهنجي اولاد سميت وڃي جيل پهتو آهي. اهڙي صورتحال ۾ صرف نواز شريف جو ئي بيانو هو ته جنهن کي ميدان ۾ اچڻو هو. جڏهن گلگت بلتستان ۾ موجود سينئر صحافي ٻڌائين ٿا ته آءِ جي واري معاملي تي آيل ڪور ڪمانڊر انڪوائري رپورٽ کان اڳ بلاول ڀٽو سان گلگت ۾ رابطو ٿيو هو. بلاول کي اهڙي خوشخبري جي اميد هڪ ڏينهن اڳ ئي هئي هن آءِ جي واري معامري پيپلز پارٽي ۽ اسٽيبلشمينٽ جا رابطا بحال ڪري ڇڏيا هئا. انڪوائري رپورٽ واري بيان جي نتيجي ۾ به رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ آفيسر الزام هيٺ اچي چڪا هئا. انهن جي هٽائڻ جو اعلان به ٿي چڪو هو عمران خان جيڪو هن آءِ جي واري معاملي کي سرڪس وارو ڊرامو قرار ڏئي رهيو هو. جنهن اهڙي واقعي جي اندر هندستان کي خوش ڪرڻ وارو بيانيو به پنهنجي ترجمانن معرفت شامل ڪيو هو اهو هاڻي ڪمزور پچ تي اچي چڪو آهي. پنهنجي پريس بيان باوجود اسٽيبلشمينٽ ڏانهن اهي سوال اٿي رهيا آهن ته اهو ڪهڙو عوامي دٻاءُ هو جنهن تي رينجرز ۽ آءِ ايس آءِ آفيسرن اهڙو قدم کنيو. جذبات ۾ اچي قدم کڻبا آهن ڇا؟ اتي ئي بلاول ڀٽو ۽ نواز شريف ۾ اهڙي رپورٽ واري پريس رليز تي اتفاق ۽ اتفاق نه ڪرڻ جهڙا بيان آيا آهن. انهن بيانن کانپوءِ ئي گلگت ۾ بلاول ڀٽو ۽ مريم نواز جي ملاقات جيڪا اڪيلائي ۾ به ٿي آهي ته پارٽي سطح تي به ٿي آهي. بلاول ڀٽو سان آءِ ايس پي آر پاران جاري ٿيل بيان کان اڳ رابطا ٿيا. انهن رابطن ۾ ڇا ڇا موقف هو واري ڳالهه کي ڇڏي مون کي هڪڙي سياستدان جي اها ڳالهه وڻي، جنهن ۾ هن چيو ته بلاول مريم جي تصوير کان پوءِ ن ليگ، ش ليگ ،کان ن ليگ پ پ ۾ اختلاف ڳوليندڙن کي اڃان ڪو جواب کپي ؟مطلب ته مريم نواز جيڪو چوندي پئي اچي ته عمران خان تنهنجو ڪم ناهي هي وڏن جو ڪم آهي، اهي وڏا پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن پر اتي اهو سوال به آهي ته رڳو رابطن وارو معاملو ناهي سياسي پارٽين جي وچ تي هڪڙو موقف اهو آهي ته جيڪي ڳالهيون ٿين، اهي پارليامينٽ جي اندر ٿين، سويلين جي بالادستي هجڻ کپي. ٻئي پاسي اهي ڳالهيون به آهن ته اسٽيبلشمينٽ کي سياست کان پاسيرو رکيو وڃي، جڏهن ته گريٽ ڊائلاگ جو ذڪر به ڪيو پيو وڃي ته سڀئي ذميوار اچي ويهن، پنهنجو پنهنجو حساب ڏين ته ڪير ذميوار آهي. انهن ڳالهين مان ڪهڙي ڳالهه اڳتي هلي ڪاميابي ماڻي ٿي تيستائين وري ان سياستدن جي اها ڳالهه ياد ڪريون ٿا ته وڏا پاڻ ۾ رابطي ۾ آهن تنهنجو ڇا ٿيندو ، عمران خان.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *