Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_m4bug65t9ddea7nhaq7kf164hq, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ۽ وڌندڙ بدامني !! - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ۽ وڌندڙ بدامني !! - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

مغوين جي بازيابي لاءِ آپريشن ۽ وڌندڙ بدامني !!

ڪجھه عرصو ڏوھي ڪاررواين ۾ گھٽتائي کان پوءِ ھڪ ڀيرو ٻيھر ڀنگ لاءِ اغوا سميت ڦرن ۽ ڌاڙن وارن واقعن ۾ اضافو ٿي ويو آھي، سکر، گھوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ سميت مختلف ضلعن جا مغوي ڏوھارين وٽ يرغمال بڻيل آھن، سکر ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي پھتل شڪايتن موجب سکر مان 7 ڄڻا اغوا ڄاڻايا ويا آھن، ھڪ مھينو اڳ صالح پٽ مان اغوا ٿي ويل الطاف جسڪاڻي ۽ رحمت اللھ جسڪاڻي ڪجھه ڏينھن اڳ سکر جي لال مشائخ جو رھواسي نوجوان خير محمد ڊيھو، پنوعاقل واسي نصير شيخ ۽ گھوٽڪي سکر جي وچ مان اغوا ٿي ويل اسرار چوھاڻ جو اڃان ڪو پتو ئي نه پيو آھي ته پراڻي سکر ويجھو سنڌوءَ بيگاري بند مريم ڪالوني وٽ رھائش پذير ٻه خاڪروب نوجوان سريش ۽ دليپ مبينا طور اغوا ٿي ويا آھن، جن جي وارثن جو چوڻ آھي ته ٻئي کٽ تي ستل ھئا صبح جو کٽ خالي ھئي، جنھن تي ٻنھي نوجوانن جا پئسا ۽ ٻيو سامان پيل ھيو. اسان جي نوجوانن کي اغوا ڪري ٻيڙي وسيلي ڪچي منتقل ڪيو ويو آھي، مختلف وقتن ۾ اغوا ٿي ويل مغوين جي وارثن ۾ بيچيني وڌڻ ۽ پوليس جي ڪارڪردگي ظاھر ڪرڻ لاءِ ايس ايس پي سکر عرفان سمون ٻه ڏينھن اڳ شڪارپور جي ڳڙھي تيغو ڳوٺ تي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڪڙو چاڙھيو ھو ۽ دعوا ڪئي ھئي ته مغوين جي بازيابي جلد عمل ۾ آندي ويندي جنھن جي لاءِ جيڪڏھن ڪو بااثر سردار به ملوث ھوندو ته ان کي به گرفتار ڪيو ويندو. مغوين جي بازيابي لاءِ گھر گھر تلاشي ۽ ڪيترن ئي شڪي ماڻھن کي تحويل ۾ ورتو ويو، اوچتو سکر پوليس آپريشن ختم ڪري ڪالھه واپس سکر پھچي وئي، پوليس ذريعن جو چوڻ آھي ته بااثر سياسي شخصيت جي مداخلت بعد پوليس ڳڙھي تيغو جو ڪڙو ختم ڪري بنا ڪنھن مغوي جي بازيابي يا ڏوھارين جي گرفتاري جي واپس موٽي آئي آھي. جڏھن ته پوليس جن شڪي ماڻھن جي گرفتاري متعلق ميڊيا کي آگاھ ڪيو هو انھن کي به آزاد ڪيو ويو آھي. ايس ايس پي سکر جو چوڻ آھي ته 4 مغوي عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿيا آھن، جن جي بازيابيءَ لاءِ پوليس ڪوششون ڪري رھي آھي.
پوليس ۾ سياسي مداخلت ڪا نئين ڳالھه ناھي، ظاھر آھي جيڪي ايس ايس پيز کي مقرر ڪرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪندا ته پوءِ ايس ايس پيز به انھن جي حڪم کي مڃڻ جا پابند ھجن ٿا. مقررين ۽ بدلين واريون ڳالھيون ھڪ پاسي رکي مختلف وقتن تي ڪچي وارن علائقن ۾ ٿيل آپريشنن جي ڳالهه ڪجي ته وڏي پئماني تي آپريشن ٿيا پر ان پئماني تي پوليس کي ڪڏھن به ڪاميابي ناھي ملي، سواءِ ھڪ اڌ پوليس آپريشن جي، باقي آپريشن ۾ يا ته پوليس جي ناقص حڪمت عملي سبب آفيسر ۽ جوانن شھادت ماڻي، يا وري پوليس مٿان آپريشن جي نالي تي قيمتي وڻن جي واڍي ۽ ايندڙ بجيٽ ڦٻائڻ جا الزام لڳندا رھيا آھن.
انھن الزامن ۾ 100 سيڪڙو نه پر ڪجه ته صداقت ھوندي جو اڪثر ڪچي وارن علائقن، ٻيلن ۾ پوليس آپريشن بنا نتيجي ئي ختم ٿيا آھن، پوليس آپريشن جي ناڪامي جو مک ڪارڻ پوليس اندر لڪيل ڪاريون رڍون به آھن جيڪي ڏوھارين سان رابطي ۾ ھوندا آھن، جنھن جي مختلف وقتن تي پوليس پاڻ تصديق ڪئي آھي ۽ ڏوھارين سان رابطي انھن کي ھٿيار توڙي کاڌو پھچائڻ جي الزام ھيٺ پوليس اھلڪارن کي معطل ڪري ڪوارٽر گھاٽ به ڪيو ويو آھي، اھڙي طرح ڪجهه آفيسرن جو ڏوھارين سان ڪيل محبتن واريون ڪچھريون به منظر عام تي اينديون رھيون آھن ته ڪھڙي طرح ڊيلنگ وارو سلسلو ھجي ٿو. ايئن ڪيئن ٿي سگھي ٿو ته جديد قسم جا ھٿيار جيڪي پوليس وٽ به موجود ناھن اھي نوگو ايرياز ۾ڏوهارين وٽ پھچي وڃن.
منھنجي خيال ۾ مقامي بااثر وڏيرن ۽ پوليس جي مدد کان سواءِ اھو ممڪن ناھي. ھتي ھڪ ڳاله ٻڌائيندو ھلان ته ايس ايس پي سکر عرفان سمون گذريل ڏينھن ٽائيم نيوز سان ڳالھائيندي باگڙجي ٻيلو ڏوھارين کان پاڪ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ھئي پر حقيقت ان جي ابتڙ آھي باگڙجي جو ڪچو ھن وقت به ڏوھارين لاءِ محفوظ پناگاھه آھي، جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي آيل آفيسرن طرفان باگڙجي ٻيلي ۾ آپريشن ڪري اتي رستا ٺاھڻ جون به دعوائون ڪيون ويون پر پوليس کي ناڪامي ئي نصيب ٿي.
آخر ڪجهه آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ڏوھاري حڪومت ۽ پوليس کان ڪنھن بااثر سياسي شخصيتن ۽ واسطن جي سرپرستيءَ جي بنا ڪيئن ڏاڍا ٿي سگھن ٿا. ڇا حڪومت يا پوليس جي قابل آفيسرن ان تي غور ويچار نه ڪيو ھوندوته انھن پٺيان ڪھڙا ڳجھا ھٿ آھن؟ ڇو اڳ ئي غربت، مھانگائي، بيروزگاري سميت انيڪ مسئلن ۾ مبتلا عوام کي ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آھي. حڪومت ۽ پوليس کي پنھنجي رٽ قائم ڪرڻ جي لاءِ موجودهه بدامني واري صورتحال ۾ سنجيدهه قدم کڻڻ جي ضرورت آھي.
قانون غريب، امير، سياستدان سميت ھر ڪنھن جي لاءِ برابر آھي ڪو به قانون کان مٿانهون ناھي. ان ڪري پوليس ۽ سياستدانن کي پنھنجي ساک بچائڻ ۽ عوام کي تحفظ ڏيڻ لاءِ عملي قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آھي. سکر ۾ وڌندڙ بدامني کان واپاري به پريشان آھن، جن به اجلاس ڪوٺائي سخت ڳڻتي جو اظھار ڪيو آھي، سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي محمد جاويد ميمڻ شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم، گهرن ۽ دڪانن ۾ چورين ۽ اغوا جي وارڌاتن کانپوءِ ڳڻتي جو اظھار ڪندي چيو آھي ته اھڙن واقعن کانپوءِ واپاري طبقي ۾ شديد ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي، سنڌ جو ٽيون نمبر وڏو شهر سکر هڪ وڏو ڪاروباري حب آهي پر ڏوهن جي وارداتن سبب واپاري مايوسي آهن.
پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام آھي. آءِ جي سنڌ، ايڊيشنل آءِ جي سکر وڌندڙ ڏوهن جي وارداتن جو نوٽيس وٺي امن ۽ امان کي قائم رکڻ لاءِ موثر قدم کڻي واپارين ۽ شهرين ۾ پکڙيل بي چيني ختم ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *