Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_dmfr6uuncojgauda75cbgt8oc9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مقامي حڪومتن ۾ عورتن جي اثرائتي شرڪت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مقامي حڪومتن ۾ عورتن جي اثرائتي شرڪت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

مقامي حڪومتن ۾ عورتن جي اثرائتي شرڪت

مقامي حڪومتن ۾ عورتن جي اثرائتي شرڪت سياسي عمل کي مضبوط ڪرڻ سان گڏوگڏ بنيادي عوامي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. عورتن جو قومي، صوبائي ۽ مقامي حڪومتن ۾ موثر ڪردار ئي ملڪ جي ترقي جو ضامن آهي.
مقامي حڪومتن جي ڪارڪردگي تي لکڻ کان پهرين پاڪستان جي موجوده آبادي جا تفصيل لکڻ ضروري آهن ته جيئن مسئلن جي نوعيت کي سمجهي سگهجي. آبادي جي لحاظ کان پاڪستان دنيا جو پنجون وڏو ملڪ آهي، جنهن جي آبادي ٻاويهه ڪروڙ ويهه لک کان به وڌيڪ آهي. ايتري آبادي واري ملڪ کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ سولي ڳالهه ناهي. عورتون انهي آبادي جو اڌ حصو يعني يارهن ڪروڙ ۽ ڏهه لک آهن. پر انهن يارهن ڪروڙ ڏهه لک عورتن جي پاڪستان جي ترقي ۾ شرڪت اٽي ۾ لوڻ برابر آهي.
پاڪستان هن وقت عالمي اقتصادي فورم پاران جاري ڪيل “گلوبل جينڊر گيپ رپوٽ 2020ع” يعني عالمي صنفي فرق واري رپوٽ ۾ 153 ملڪن مان 151 نمبر تي آيو آهي. جيڪا عورتن جي ترقي ۾ شرڪت متعلق افسوسناڪ خبر آهي. هڪ سو ٽيونجاهه ملڪن مان صرف عراق ۽ يمن ٻه اهڙا ملڪ آهن جن کان اسين بهتر آهيون. رپوٽ مطابق پاڪستان عورتن جي معاشي سرگرمين ۾ شرڪت ۾ هڪ سو پنجاهه، تعليم حاصل ڪرڻ ۾ هڪ سو ٽيتاليهه، صحت ۾ هڪ سو اوڻونجاهه ۽ سياست جي ميدان ۾ ٽيانوي نمبر تي آهي.
رپوٽ مطابق ٻيا ايشيائي ملڪ اڳتي وڌندڙ آهن اتي پاڪستان گذريل ڪيترن ئي سالن کان عالمي ترقي جي معيار تي مسلسل پوئتي ٿيو آهي. پاڪستان جي سال 2006ع ۾درجا بندي هڪ سوٻارهن نمبر تي هئي جيڪا چوڏهن سالن ۾ بهتر ٿيڻ بدران پوئتي ٿي آهي. جنهن ملڪ جي اڌ آبادي گهر ۾ ويٺل هجي، انهن کي معياري تعليم مهيا نه ڪجي، حقن جي ڳالهه نه ڪجي ۽ عورتن جي صلاحيتن کي نظرانداز ڪيو وڃي اهو ملڪ ڪهڙي ترقي ڪندو؟ سنڌ جي ترقي جي صورتحال به ساڳئي آهي. هن وقت سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ جي آبادي پنج ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ حڪومت، سياسي پارٽيون ۽ قومپرست ڌرين جا آبادي جي انگن اکرن تي وڏا اعتراض آهن. انهي پنج ڪروڙ آبادي جو اڌ حصو عورتن تي مشتمل آهي. سنڌ ترقي جي ڪيترن ئي درجا بندين تي تمام پٺتي پيل آهي ۽ افسوس اهو آهي ته سنڌ پاڪستان جي ٻين صوبن خاص ڪري پنجاب کان گهڻو پٺتي پيل آهي. تعليم جيڪا ملڪن جي ترقي ۾ ڪرنگهي جي حيثيت رکي ٿي ان ۾ اڳتي وڃڻ بدران سنڌ جا پويان پير آهن. اقتصادي سروي 2019ع جي رپوٽ مطابق سنڌ جي خواندگي جي شرح ٽيهٺ سيڪڙو هئي جيڪا گهٽجي ٻاهٺ سيڪڙو ٿي آهي. ساڳئي ريت تعليم ۾ ڇوڪرن جي نسبت ڇوڪريون گهٽ تعليم حاصل ڪري رهيون آهن يا وري اسڪول ڇڏڻ جو تناسب ڇوڪرين جو وڌيڪ آهي. هي انگ اکر ۽ تجزيا ٻڌائين ٿا ته مختلف شعبن ۾عورتن جي شرڪت نظراندازٿيل آهي.
پاڪستان هڪ وفاقي جمهوري ملڪ آهي ۽آئين جي آرٽيڪل ٻٽيهه ۽ هڪ سو چاليهه اي مطابق ملڪ ۾ ٽن سطحن تي حڪومتي نظام هلندو. هڪ وفاقي، ٻيو صوبائي ۽ ٽيون مقامي حڪومتي نظام. پاڪستان بدقسمتي سان آزاد ٿيڻ کانپوءِ گهڻو وقت مارشل لائن جو منهن ڏٺو يا ان جي ڇپرڇانو ۾ وقت گذاريو. جنهن ڪري جمهوري حڪومتون پنهنجا آئيني مدا پورا ڪرڻ بجاءِ سازشن جو شڪار ٿيندي گهر اماڻيون ويون. جمهوري طرز حڪمراني ۾ مقامي حڪومتن جو اهم ڪردار ٿئي ٿو پر بدقسمتي سان جمهوري حڪومتن، مقامي حڪومتن کي آئيني ۽ قانوني حيثيت ۽ اختيار نه ڏنا. جنهنڪري مقامي سطح تي ادارا مضبوط نه ٿي سگهيا آهن. ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ هر صوبي مقامي حڪومتن لاءِ قانونسازي ڪئي آهي ۽ صوبن اندر ان جي وزارت پڻ قائم ڪئي وئي آهي. جنهن تحت پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پارٽي بنيادن تي چونڊون پڻ ڪرايون ويون.ارڙهين آئيني ترميم کانپوءِ وفاق کان اختيار ۽ وسيلا صوبن ڏئي منتقل ٿيا پر صوبائي حڪومتن مقامي حڪومتن کي اختيار۽ وسيلا منتقل نه ڪيا.سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جي قانون ۾تعليم، صحت، زراعت ۽ ترقياتي ڪم وغيره مقامي حڪومت جي دائري اختيار کان ٻاهر هئا. جنهن سان مقامي سطح تي ادارا مستحڪم نه ٿي سگهيا.انهي سڄي عمل دوران عورتن جي شرڪت کي يقيني بنائڻ لاءِ عورتن جون ٻاويهه سيڪڙو مخصوص سيٽون پڻ رکيون ويون. گذريل مقامي اليڪشن ۾ مخصوص سيٽن تي اڪثر اهي عورتون آنديون ويون جيڪي سياست ۾ سرگرم ناهن ۽ نه ئي انهن جو ڪو سياسي ميدان ۾ تجربو آهي جنهن ڪري عورتن جي شرڪت ايتري اثرائتي نه ٿي سگهي.
پاڪستان اليڪشن ڪميشن پاران 2016ع جي ڪيل سڌارن ۾ هڪ اهم نقطو اهو به آهي ته مخصوص سيٽن کان علاوه تمام سياسي پارٽيون پنج سيڪڙو سيٽن تي عورتن کي نامزد ڪنديون. هاڻي سياسي پارٽين کي گهرجي ته بلدياتي چونڊن ۾ عورتن کي صرف ڪائونسلر نه پر چيئرمين، وائيس چيئرمين، ميئر، ڊپٽي ميئر وغيره جهڙن اهم عهدن تي نامزد ڪن ته جيئن اهي اليڪشن جي سڄي مرحلي مان گذرن ۽ سياسي عمل جو حصو ٿين. ايئن ئي عورتن جي حقيقي شرڪت يقيني ٿي سگهي ٿي.پاڪستان جي ٻين صوبن پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ پي ٽي آءِ حڪومت مقامي حڪومتن کي معطل ڪري ڇڏيو. جنهن مان پي ٽي آءِ جي سياسي سوچ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هڪ سياسي پارٽي هيڏي وڏي سياسي عمل کي پنهنجو قانوني وقت مڪمل ڪرڻ به نه ڏنو. انهي مقابلي ۾سنڌ ۾مقامي حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي ۽ سنڌ اسيمبلي سنڌ لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع ۾ موجوده تجربن جي بنياد تي قانون ۾ ترميم به ڪرڻ چاهي ٿي. سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي سفارشن ۽ مختلف فورمن تي بحث هيٺ آيل عورتن جي سفارشن تي ضرور نظرثاني ڪري ته جيئن عورتن جي سياسي عمل ۾ وڌ کان وڌ شرڪت کي يقيني بنائي سگهجي.سنڌ حڪومت کي لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ 2013ع جي عملدرآمد سان ڪيترائي نوان تجربا، مسئلا، ڄاڻ، سکيا، ناڪاميون ۽ ڪاميابيون ٿيون هونديون. سو هاڻي بهترين وقت آهي ته انهن سڀني تجربن کي استعمال ڪندي لوڪل گورنمينٽ جي قانون ۾ وسيلن ۽ اختيارن کي هيٺين سطح تي منتقل ڪري. بنيادي خدمتون؛ صحت، تعليم، زراعت، ڪميونٽي ڊولپمينٽ، ٽرانسپورٽ وغيره مقامي حڪومتن جي اختيار ۾ ڏنا وڃن ۽صوبائي اسيمبلي جي چونڊيل نمائندن ۽ مقامي حڪومتن جي نمائندن جي ذميوارين ۽ اختيارن ۾ واضح فرق هئڻ گهرجي ته جيئن پاليسي سازي يا قانونسازي لاءِ عوام چونڊيل نمائندن سان رابطي ۾ اچي ۽ بنيادي سهولتن جي پوراءَ لاءِ مقامي نمائندن سان رابطا ۾اچي.
ٻئي طرف پدرشاهي نظام جي ڪري عورتون سمجهن ٿيون ته اسان جو ڪم صرف گهر جي چارديواري جي اندر آهي. انهي سوچ عورتن ۽ گهڻي قدر مردن ۾ به پاڙون پختيون ڪيون آهن. انهي سوچ جي خاتمي لاءِ سياسي پارٽين کي شعوري ۽ مستقل تربيتي پروگرام ۽ سياسي تعليمي پروگرام ڪرائڻ گهرجن. اهي سڀ عمل ملڪ ۾ جمهوري روايتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردارادا ڪندا.
عورت اڳواڻن دنيا جي مختلف ملڪن ۾ تاريخ جي بدترين وبا ڪورونا وائرس کي پنهنجي اڳواڻي جي صلاحيتن سان مات ڏني آهي ۽ پنهنجي ملڪن کي بحرانن مان ٻاهر ڪڍيوآهي. جيڪو پڻ ثابت ڪري ٿو ته عورت ڪنهن به لحاظ کان گهٽ نه آهي ۽ عورتن جي وڌ کان وڌ سياست ۾ شرڪت ملڪ جي لاءِ فائديمند رهندي.
جيستائين عورتن جي هيٺين سطح تي سياست ۾ شرڪت کي مصنوعي انداز مان ڪڍي معنيٰ خيز شرڪت تي ڌيان نه ڏنو ويندو تيستائين عورتون سياست ۾ گهربل ڀرپور ڪردارادا ڪري نه سگهنديون بلڪل ايئن جيئن قائد اعظم محمد علي جناح چيو آهي ته “ڪابه قوم تيستائين ترقي نٿي ڪري سگهي جيستائين انهن جون عورتون انهن سان گڏ بيٺل نه هونديون.” عورتن جي شرڪت بغير اسان جو ملڪ“گلوبل جينڊر گيپ” يا ٻين ترقي جي معيارن تي هميشه هڪ سو ايڪونجاهه نمبر تي ايندو يا وري اسان جهالت جا نوان داستان لکنداسين.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *