Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_4hvcnfng4jfpkabuvv2fbqt2j5, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ملازمن کي ڪڍڻ مسئلي جو حل ناهي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ملازمن کي ڪڍڻ مسئلي جو حل ناهي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

ملازمن کي ڪڍڻ مسئلي جو حل ناهي

هونئن ته ملڪ جو هر طبقو هن حڪومت ۾ متاثر ٿيو آهي پهرين ڪورونا کي بهانو بڻائي معيشت جي ڪمزوري کي ڍڪڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر پوءِ به حالتون معمول تي اچي نه سگهيون پر جهڙي حالت هن حڪومت ۾ سرڪاري ملازمن جي ٿي آهي اهڙي شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ٿي هجي،هر وقت غير يقيني جي تلوار مٿن لڙڪندي ٿي رهي ڪڏهن پينشن ختم ڪرڻ جو ڊپ ته ڪڏهن نوڪريون ختم ٿيڻ جو خوف،ڪڏهن ڪنهن اداري جي پرائيوٽ ٿيڻ جي خطري سبب کين پنهنجو روزگار وڃائجڻ جو خطرو رهي ٿو ته ڪڏهن اداري جي خساري سبب پنهنجي نوڪري ويندي محسوس ٿئي ٿي.
ڪجهه ڏينهن اڳ سرڪاري ملازم پنهنجن مطالبن جي مڃتا لاءِ پارليامينٽ ٻاهران احتجاج ڪري رهيا هيا ته ڪيترن ڏينهن تائين ليڊي هيلٿ ورڪرز پنهنجي معصوم ٻارڙن کي ساڻ کڻي اسلام آباد جي روڊن تي ڌرڻو هڻي ويٺل رهيون، وري تازو پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت هڪ ڌڪ ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪندڙ 749 ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته هوابازي جي وفاقي وزير سرور خان سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ايوان کي آگاهه ڪيو ته پي آءِ اي ۾ جيترا به سرپلس (اضافي) ملازم آهن اهي ڀلي مستقل هجن يا ڪانٽريڪٽ تي انهن کي ڪڍيو ويندو جنهن سان هر کاتي يا اداري ۾ ڪم ڪندڙ سرڪاري ملازم ۾ هڪڙي بي يقيني واري ڪيفيت آهي جڏهن ته مخالف ڌر جيڪا اڳ ئي هڪڙي تحريڪ هلائي رهي آهي اها ادارن مان نڪتل ملازمن يا سرڪاري ملازمن سان مطالبن جي مڃتا لاءِ گڏ بيٺل آهي.ملڪ جي معاشي صورتحال سبب اڳ ئي پگهاردار طبقو سخت متاثر ٿيو آهي، گذريل بجيٽ ۾ سندن پگهارن ۾ اضافو نه ٿي سگهيو مٿان وري وڌندڙ مهانگائي انهن جي بجيٽ کي سخت متاثر ڪيو آهي کائڻ پيئڻ کان وٺي روزمرهه جي استعمال ۾ايندڙ شين توڙي دوائن جا اگهه ٻيڻ کان ٽيڻ تي مهانگا ٿي ويا آهن ماڻهن جو گذارو مشڪل ٿي ويو آهي اهڙي صورتحال ۾ حڪومت انهن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ بدران رهندو وڌائي رهي آهي جيڪي ماڻهو پگهار ۾ ئي مشڪل سان گذارو ڪري سگهندا هيا اهي روزگار کسجڻ کانپوءِ ڪيئن پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو گذارو ڪري سگهندا.؟رياستن ۽ حڪومتن جو اهو فرض هوندو آهي ته اهي پنهنجي شهرين جي هر حوالي سان حفاظت ڪن ڇاڪاڻ ته عوام ووٽ ڏئي اقتدار جو اختيار انهن حوالي ڪندو آهي، هي حڪومت ته آئي ئي انهي نعري سان هئي ته اها بيروزگار نوجوانن کي هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندي پر هتي ته قصو ئي ابتو نظر اچي رهيو آهي نيون نوڪريون ته پري جي ڳالهه جيڪي اڳ ۾ ئي نوڪرين ۾ هيا انهن جي روزگار جو تحفظ ڪرڻ ۾ هي حڪومت ناڪام نظر اچي رهي آهي. هن حڪومت وٽ هر معاشي مسئلي جو حل ڄڻ هڪڙو ئي وڃي بچيو آهي ته جتي بحران هجي اتان ملازمن کي ڪڍيو وڃي ۽ ادارن جا خرچ گهٽايا وڃن پر اهو نه سوچيو ويندو آهي ته اهي ئي ملازم آهن جن جي ڪارڪردگي سان اهي ادارا ملڪ جي معيشت کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪندا آهن. اهڙين ڇانٽين جو شڪار اڪثر ڪري اهي ئي هيٺين سطح جا ملازم ٿيندا آهن جن جي پگهار هزارن ۾ هوندي آهي پر ڪڏهن به لکين رپين ۾ پگهارون کڻندڙ آفيسرانهن ڇانٽين جي ور نه چڙهيا آهن جيڪي واقعي ادارن تي بار هوندا آهن.
اسان سمجهون ٿا ته ملازمن کي نوڪرين مان ڪڍڻ ڪنهن به صورت ۾ مسئلي جو حل ناهي ان ڪري هن مهانگائي جي دور ۾ وفاقي حڪومت اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪري جن سان اهي سرڪاري يا بيروزگار ٿيندڙ ملازم مجبور ٿي روڊن تي نڪري اچن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *