تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

ملڪي آئين ۽ قانون جو احترام سڀني تي لازم آهي

قانون سڀ کان مٿاهون هوندو آهي، جن به ملڪن ۾ قانون جي حڪمراني ڪمزور هجي ٿي اهي ملڪ نه رڳو انساني حقن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام ويندا آهن پر سندن جمهوري نظام به ڪمزور ۽ کوکلو بڻجي ويندو آهي، اسان جي ملڪ ۾ به قانون سڀ کان مٿاهون سمجهيو ويندو آهي پر ان جي بالادستي کي قائم رکڻ لاءِ اسان جون حڪمران جماعتون ڪنهن به دور ۾ سنجيدا نه رهيون آهن انڪري اسان وٽ به جيڪو ڏاڍو سو گابو يا وري ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا وارو لقاءُ جاري آهي. گذريل ڪيتري ئي عرصي کان سنڌ ۾ ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ڪيترائي ڀيرا حڪم ناما پڻ جاري ڪيا آهن پر ان تي ڪوبه عملدرآمد ڪرڻ لاءِ تيار نه آهن، کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ عدالتي حڪم تي ڪميشن پڻ جڙي پر انهي جي رپورٽ يا سفارشن تي به مڪمل نموني عمل نه ٿي سگهيو .
سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن کان ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ واري سلسلي ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي آهي مختلف شهرن مان ماڻهن کي کنڀيو پيو وڃي ۽ جڏهن انهن کنڀي گم ڪيل ماڻهن جا وارث لاڳاپيل ٿاڻن تي رابطا ڪن ٿا پوليس انهن جي گرفتاري جي تصديق نٿي ڪري اهڙي ريت اهي خاندان نه رڳو پنهنجي پيارن جي گم ٿيڻ سبب پريشان ٿين ٿا پر انهن جي گهرن ۾ ماتم متل هجي ٿو انهن کي ڪير به ٻڌائڻ وارو ڪونهي ته آخر سندن ڀاتي کي ڪهڙي ڏوهه ۽ گناهه ۾ کنيو ويو آهي. جيتو ڻيڪ اسان وٽ قانون موجود آهي عدالتون موجود آهن پوءِ به اهڙي انڌير نگري جاري آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ماڻهو ڪو ڏوهه يا گناهه ڪيو آهي ته قانون موجب ان کي 24 ڪلاڪن اندر ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪرڻ لازمي آهي ته جيئن جيڪڏهن ڪو ڏوهاري آهي يا جوابدار آهي ته ملڪ جي قانون موجب ان تي ڪيس هلي سگهي يا وري ان کي قانون موجب سزا ڏني وڃي پر اسان وٽ قانون ٽوڙي ماڻهن کي کنڀي گم ڪرڻ جو عمل جاري آهي جنهن سان ادارن تي به آڱريون کڄن ٿيون . سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي توڙي سماجي تنظيمن طرفان کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ احتجاج به جاري آهن ڪراچي ۾ به هڪ سماجي تنظيم جي پليٽ فارم تان احتجاج جاري هو ته ان احتجاج جي اڳواڻي ڪندڙ سماجي اڳواڻ ۽ ليکڪ سارنگ جويو کي کنڀي گم ڪيو ويو جنهن جو اڃان تائين ڪوبه ڏس پتو ناهي ته هو ڪٿي گم ڪيو ويو آهي. پاڪستان هڪ جمهوري ملڪ آهي ۽ جمهوري ملڪ ۾ ڪنهن به ماڻهو کي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿارڻ جو پورو پورو حق آهي جيڪڏهن سارنگ جويو ۽ سندس ساٿين جمهوري طريقي سان احتجاج ڪيو پئي ته اهو سندن حق هو ته پوءِ آخر ڪهڙي ڏوهه ۾ کيس کنڀي گم ڪيو ويو آهي. سارنگ جويي جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي يا قانون ٽوڙيو آهي ته پوءِ کيس ظاهر ڪري عدالتن ۾ پيش ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجو ڪيس وڙهي سگهي.ايئن ئي جيڪي به کنڀي گم ڪيل ماڻهو آهن انهن کي ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ ملڪي عدالتن آڏو پيش ڪرڻ گهرجي . سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پڻ ماڻهن کي ايئن کنڀي گم ڪرڻ جو نوٽيس ورتو آهي ۽ آءِ جي پوليس کي حڪم ڪيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن. آءِ جي پوليس جي اها ذميواري ٿئي ٿي ته سنڌ جي مختلف شهرن مان کنڀي گم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرائي عدالتن آڏو پيش ڪري. سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي به سارنگ جويو سميت کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي معاملي جو نوٽيس ورتو آهي ان حوالي سان جوڙيل ڪميشن جي چيئرمين ۽ آءِ جي سنڌ کي ايندڙ اجلاس ۾ گهرايو ويو آهي . اسان سمجهون ٿا ته ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ماڻهن کي ايئن گم ڪرڻ ڪڏهن به مسئلن کي حل ڪرڻ جو بنياد نه ٿو بڻجي سگهي بلڪه ماڻهن تان قانون ۽ آئين جو احترام ختم ٿئي ٿو ،تنهن ڪري ضروري آهي ته آئين جيڪي ماڻهن کي بنيادي حق مهيا ڪري ٿو ان تي عمل ڪرڻ سڀني ادارن جو فرض آهي، سڀني گم ٿيل ماڻهن جي واپسي کي ممڪن بڻائڻ گهرجي ۽ جن تي ڪي الزام آهن انهن کي عدالتن آڏو پيش ڪيو وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *