Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_4f5baf8faafkvfqqhiqu82fer6, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
ملڪي سياست ۾ آيل گرمي ۽ مهانگائي جو طوفان - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar ملڪي سياست ۾ آيل گرمي ۽ مهانگائي جو طوفان - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

ملڪي سياست ۾ آيل گرمي ۽ مهانگائي جو طوفان

ملڪ جي موسم تبديل ٿي رهي آهي،اونهاري جون گرميون ۽ سانوڻي جون برساتون پنهنجي تباهين جا پيرا ڇڏي موڪلائي چڪيون آهن ته سرديون اچڻ لاءِ پر سوري رهيون آهن اهڙي ماحول ۾ سياسي موسم پنهنجي گرمي ڏيکارڻ لاءِ تيار بيٺي آهي ۽ ڪالهه کان مخالف ڌر جي وڏين پارٽين پنهنجي تحريڪ گوجرانوالا ۾ وڏي عوامي جلسي سان شروع ڪري ڇڏي آهي.ملڪي سياست ۾ ٻه معاملا سدائين اهم رهيا آهن جنهن جي چوڌاري حڪومت توڙي مخالف ڌر جي سياست ڦرندي رهي آهي ،حڪمران ڌر سدائين ڪرپشن جو ڪارڊ استعمال ڪري مخالفن کي سوڙهو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي ته مخالف ڌر چونڊن ۾ ڌانڌلي ۽ احتساب کي سياسي مخالفن خلاف انتقامي ڪاررواين طور استعمال ڪرڻ جو الزام هڻي حڪومت خلاف عوام ۾ پنهنجو بيانيو وڌ کان وڌ پهچائڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي پر هي شايد پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو مهانگائي جو طوفان مخالف ڌر جي تحريڪ کان وڌيڪ حڪومت لاءِ مٿي جو سور بڻجي ويو آهي جنهن عام ماڻهو کي به هن حڪومت کان بيزار ڪرڻ شروع ڪيو آهي جنهن جو اعتراف حڪومتي وزير پاڻ ڪري رهيا آهن ته هي مهانگائي حڪومت جي وڏي ۾ وڏي دشمن ثابت ٿي سگهي ٿي.
ملڪي سياست ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جو آمهون سامهون ٿيڻ ڪو پهريون ڀيرو نه ٿيو آهي هر حڪومت خلاف هڪڙي مخالف ڌر جي تحريڪ جاري رهندي آهي ڪڏهن پارليامينٽ ۾ ته ڪڏهن جلسن جي صورت ۾، ڪڏهن قانون ويڙهه وڙهي ويندي آهي ته ڪڏهن اها تحريڪ روڊن رستن کان ٿيندي گرفتارين ۽ جيلن تائين به پهچي ويندي آهي جنهن جا ڪيترائي مثال ماضي ۾ موجود آهن.هن وقت به نظر اهو اچي رهيو آهي ته 2018 واري اليڪشن کانپوءِ جيڪا رساڪشي پارليامينٽ کان شروع ٿي اها هاڻي اچي وڏن عوامي جلسن تائين پهتي آهي ۽ اها اڳتي لانگ مارچ کان ٿيندي استيفعائن واري پاسي به وڃي سگهي ٿي، جنهن جو اظهار مخالف ڌر جي تازو ٺهيل اتحاد پي ڊي ايم جي 26 مطالبن ۾ به شامل آهي ته ان جا مرڪزي اڳواڻ يا اتحاد ۾ شامل وڏين پارٽين جا اڳواڻ پنهنجي سياسي بيانن ،پريس ڪانفرنسن يا مختلف موقعن تي ورجائيندا رهيا آهن.سياست ۾ ڳالهين جا دروازا ڪڏهن به بند نه ٿيندا آهن ڇو ته معاملا هر حال ۾ وڃي ڳالهين ذريعي ئي نبيريا ويندا آهن اسان جو ملڪ به هڪ جمهوري ملڪ آهي جنهن جا معاملا هڪ آئين ذريعي هلايا وڃن ٿا وڏي ۾ وڏي مسئلي جو حل به انهي جمهوري آئين اندر موجود آهي پر اسان جي بدقسمتي آهي ته جڏهن به ڪي معاملا سامهون ايندا آهن ته انهن جو آئيني حل ڪڍڻ بدران ان کي انائن جي ور چاڙهيو ويندو آهي جيڪا وڏي ۾ وڏي ذميواري حڪومتي ڌر جي هوندي آهي ته اها معاملن کي روڊن رستن تائين پهچڻ تائين نه کڻي وڃي ڇو ته حڪومت وٽ ئي اهي اختيار هوندا آهن ته اهي معاملن جو نبيرو ڪري سگهي. جڏهن مخالف ڌر جي سياسي اڳواڻن کي چونڊن ۾ ڌانڌلي جون شڪايتون هيون ته ان جي جاچ لاءِ مخالف ڌر سان گڏجي ڪم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هئي ،جيڪڏهن مخالف ڌر کي موجوده احتساب جي طريقيڪار تي اعتراض هو ته حڪومت جي ذميواري هئي ته ان لاءِ مخالف ڌر سان گڏجي اهڙي قانون سازي ڪري ها جو معاملا پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿين ها نه ڪي مخالف ڌر کي ضرورت پئي ها ته اهي روڊن رستن يا احتجاج تائين پهچن، ڇو ته مخالف ڌر جي جڏهن پارليامينٽ ۾ ڳالهه ئي نه ٻڌي ويندي يا ان کي ڪنهن به قانونسازي ۾ حصو ئي نه بڻايو ويندو ته انهي وٽ روڊن تي اچڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو نه ٿو بچي ۽ اسان جو آئين هر ڪنهن کي پرامن احتجاج جو حق ڏئي ٿو.
اسان سمجهون ٿا ته مهانگائي کان تنگ ٿيل عوام جڏهن مخالف ڌر جي تحريڪ ۾ گڏجي پيو ته ان جو وڌ ۾ وڌ نقصان حڪومت کي ئي پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *