تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

ملڪ نئين تجربي جي سٽ نه سهي سگهندو

پاڪستان جي سياسي تجربي گاهه ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن نئين تجربي جي خبر گردش ۾ آهي، افواهه ۽ سرگوشيون عروج تي آهن ته ايندڙ چئن پنجن هفتن ۾ تبديلي جي اميد آهي. ڪهڙي تبديلي؟ وزيراعظم وڃي سگهي ٿو (يا کيس موڪلي سگهجي ٿو)، سموري حڪومت تحليل ٿي سگهي ٿي ۽ ڪو نئون سيٽ اپ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو، جيڪو به اهڙي قسم جي ڳالهه ڪري ٿو سندس زور هوندو آهي ته اهڙو اطلاع تصديق ٿيل آهي. نئون سيٽ اپ متعارف ڪرائڻ وارو عمل ڪو نئون عمل يا ڪا نئين راند ناهي. پهرين مارشل لا لاڳو ٿيڻ يعنيٰ ملڪ جي قيام جي رڳو ستن سالن کانپوءِ 1958ع ۾ آمريت مڙهي وئي، ان کانپوءِ اڄ تائين رڳو تجربا ٿي رهيا آهن. پيپلزپارٽي جي پهرين حڪومت کانسواءِ ڪابه جمهوري حڪومت پنهنجو آئيني مدو پورو نه ڪري سگهي ۽ غير آئيني ٽنهي حڪومتن ڏهه، ڏهه سال حڪومت ڪئي. هر غير آئيني حڪومت پنهنجي تجربي ۽ خواهش جي روشني ۾ نظام تبديل ڪرڻ جو عمل اختيار ڪيو. ايوب، ضيا ۽ مشرف حڪومتن پنهنجو پنهنجو نظام شروع ڪيو پر ڪنهن کي سدائين لاءِ بقا نه ملي سگهي. ملڪ تي ٻاهريان قرض چڙهندا ويا ، ملڪ اندر معاشي ترقي ان لاءِ نظر نه آئي جو عام ماڻهو جي زندگي ۾ ڪو فرق نه آيو، ڳڀي جي ڳولا ئي سندن مقصد بڻيل رهيو. انصاف حاصل ڪرڻ لاءِ ڊوڙندو رهيو، تحفظ لاءِ سهارن جو محتاج ئي رهيو. پاڪستان جي ستر ورهين جي ڪهاڻي ايئن دردناڪ آهي جو ماڻهن کي ڪجهه نه ملي سگهيو ۽ جيڪي شريڪ سفر نه هئا، کين منزل ملي وئي. رعب ،دٻدٻو مال ، دولت، عزت ۽ پيسو هر شئي ملي وئي پر تحفظ جي اهڙن کي به اهڙي ريت ڳولا آهي جيئن محروم طبقي جي ماڻهن کي هجي.
وزيراعظم پاڻ به تازو هڪ تقريب ۾ چيو آهي ته هن کانسواءِ ڪا چوائس ناهي. هن اها تنبيهه انهن ماڻهن لاءِ ڪئي هوندي جيڪي کيس هٽائي ملڪ ۾ ڪا ٻي حڪومت قائم ڪرڻ جي خواهش رکن ٿا. پاڪستان ۾ حڪومت لاءِ ٻن سالن جو عرصو ڪجهه ڏيکارڻ ۽ نچوڙڻ لاءِ ڪنهن به ريت اطمينان جوڳو ناهي. عمران خان کان ظاهري طور غيرمطمئن ماڻهن سوشل ميديا سندس خلاف ڀري ڇڏيو آهي. هر هر عمل تي تنقيد جو عمل اهڙي ريت ڪيو وڃي ٿو جيئن تنقيد ڪرڻ وارا ئي سڀ ڪجهه بهتر ڪري سگهن ٿا. اهڙن عنصرن کي اهو ڇو نٿو سمجهه ۾ اچي ته تنور تي ويٺل شخص کي ئي تنور جي اندرين گرمائش جو اندازو هوندو آهي. ماني کائڻ وارن کي ڪهڙو اندازو ته کين ماني ڪهڙي ڏکيائين سان پچائي پيش ڪئي وئي آهي. کنڊ جو بحران، اٽي جو بحران، پيٽرول جو بحران، مهانگائي تي ضابطو آڻڻ ۾ ناڪامي، ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ ۾ ڪوتاهي، توڙي جو سمورن معاملن جي ذميواري عمران خان تي وڌي وڃي ٿي. عمران خان کان اڳ وارن کي به اهڙي طرح جي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اڳوڻن دورن ۾ ملڪ ۾ صورتحال غير اطمينان بخش رهي. ڇو ته اطمينان بخش صورتحال پيدا نه ٿي سگهي. هر حڪمران سان نورتن جو ٽولو هوندو آهي. انهن ۾ مهيش داس عرف بيربل به ضرور هوندا آهن جن کي سڀ کان وڌيڪ ذهين تصور ڪيو ويندو آهي جيئن شهنشاهه اڪبر بيربل بابت سمجهندو هو. ڪنهن به حڪومت ۾ بيربل حڪومت جي معاملن کي اطمينان جوڳو نه بڻائي سگهيو. عدم اطمينان سبب عدم استحڪام ئي برقرار رهيو. هتي ته مسئلو اهو آهي جو سڀ بيربل بڻيل آهن. حڪومت کليل اکين سان اطمينان سان ڪرڻ جو معاملو آهي. اطمينان يا ته نيرو کي حاصل رهيو يا نامي گرامي آمرن کي. جمهوري حڪومتن کي ته هر روز تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو آهي. اسان جي سياسي تجربي گاهه ۾ قيام پاڪستان ٺهڻ جي وقت قائم پارلياماني نظام کي ختم ڪرڻ کانپوءِ صدارتي نظام، ڪنٽرولڊ جمهوريت، نئون مڪاني نظام، وري پارلياماني نظام، پنهنجي پسند جي ماڻهن تي ٻڌل مجلس شوريٰ، سڀ ڪجهه آزمايو ويو آهي. سواءِ بادشاهت کي آزمائڻ جي، خواهش ته هئي ماڻهن جي پر سياسي قوتن ۽ فعال پريس جي موجودگي، فعال عدالتن جي موجودگي سبب انهن جي خواهش عمل ۾ نه اچي سگهي.
نيٺ ڇا سبب آهي جو هر ٽن سالن کانپوءِ اسان بيزار ٿي پئون ٿا. جمهوري طريقي سان ايندڙ حڪمران بيوس هوندا آهن ۽ غير جمهوري طريقي سان اقتدار حاصل ڪندڙ پنهنجي بظاهر طاقت جي زور تي ڏهه ڏهه سال کڻي وڃن ٿا. جمهوري حڪومتون پنهنجي پنهنجي دور ۾ موجود پارليامينٽ جي ذريعي ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهن ٿيون. صلاحن ۽ مشورن تي عمل ۾ ڪوتاهي ٿيندي آهي، ملڪ جو نظام هلائيندڙ بيورو ڪريسي به پنهنجي خواهشن پٽاندڙ ڪم ڪري ٿي ۽ ڪيترن ئي معاملن ۾ وقت جي حاڪم جي سوچ ۽ مرضي جو عمل دخل ئي ناهي هوندو. ايئن کڻي چئجي ته انتظاميا تي پڪڙ مضبوط ناهي هوندي. حاڪم جي نورتن کانسواءِ ڪابينا ۾ شامل ماڻهو به پنهنجي پنهنجي مرضي جو اظهار ڪندا رهيا آهن. عمران خان جي ڪابينا کي به اهڙي ئي ڏکيائي کي منهن ڏيڻو پيو آهي . وزيرن کي پنهنجن کاتن ۾ ٿيندڙ معاملن ۽ مسئلن جي ئي خبر نه هوندي آهي پر اهي ملڪي معاملن تي پنهنجي راءِ ڏيڻ کان به نه مڙندا آهن . پي آءِ اي سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو رهي سهي ڪسر پوري ٿي وئي. ڪنهن کي ذميوار قرار ڏنو وڃي؟ ڇا وزير جي بيان کان اڳ ان بيان تي ڪا مشاورت ٿي هئي؟ ڇا کيس اهڙي ريت ٻاراڻو بيان ڏيڻ گهربو هو؟
ڪو به نئون تجربو ڪرڻ کان اڳ ڪورونا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻو پوندو، دهشتگردي جي واقعن کي نظر ۾ رکڻو پوندو ۽ سڀ کان وڌيڪ چين ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکڻو پوندو، ۽ اهو به سوچڻو پوندو ته هن تماشگاهه ۾ ڪهڙي ضمانت آهي ته نئون سياسي نظريو يا نظام ڪم ڪري سگهندو يا اهو به ماضي ۾ لاڳو ڪيل نظامن جيان ناڪام ثابت ٿيندو. ڪنهن نئين تجربي جي پاڪستان سٽ ئي نٿو سهي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *