تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

ملڪ نين چونڊن جي سٽ سهي سگهندو؟

ڪراچي کي ڇڏي سنڌ جي ٻين شهرن کي پاڪستاني سياستدانن پنهنجي مصروفيتن مان وقت ڏيڻ ۾ وڏي حد تائين ڪوتاهي ڪئي پر پي ڊي ايم جي جلسي جلوسن کانپوءِ ن ليگ سنڌ جي انهن شهرن تي ڌيان ڏنو آهي ۽ پنهنجي حق ۾ عام راءِ کي هموار ڪرڻ لاءِ نڪتا آهن. پي ڊي ايم جي اڳواڻن خاص طور تي ن ليگ وارن جي بيانن ۾ سختي ضرور آهي پر نواز شريف جي بيانن تي ڳالهه ٻولهه کان پاسو ڪري رهيا آهن. حيدرآباد ۾ ته ن ليگ جي جنرل سيڪريٽري احسن اقبال بقول هن جي قومي گهرجن کي نظر ۾ رکندي نيشنل ڊائلاگ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته نيشنل ڊائيلاگ جي دعوت ڪير ڏيندو ته هن چيو ته اعليٰ ايوان کي اڳڀرائي ڪرڻ گهرجي. هي اهو ئي ايوان آهي جنهن جي چيئرمين صادق سنجراڻي خلاف ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي پيش ڪيل بي اعتماري واري رٿ پيپلزپارٽي جي آخري وقت ۾ سوديبازي سبب ناڪام ٿي چڪي هئي. پوءِ اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته اعليٰ ايوان جو سربراهه ڪهڙي زور تي نيشنل ڊائيلاگ جي دعوت ڏئي سگهي ٿو، ان جو ايجنڊا ڪير طئه ڪندو. اڃان ته پي ڊي ايم 3 جلسا ڪري چڪو آهي اڃان سندس رفتار جو اندازو ته کين به ناهي. ڇا ڪنهن به قسم جون ڳالهيون عمران حڪومت جي حق ۾ هونديون ۽ عمران خان ڇو نيشنل ڊائيلاگ ۾ شرڪت تي راضي ٿيندو. نيشنل ڊائيلاگ جو اهو به مطلب وٺي سگهجي ٿو ته حڪومت ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي سياسي طور تي ضمانت جو موقعو ڏئي رهي آهي. احسن اقبال نواب شاهه، سانگهڙ وغيره ۾ ڪارڪنن جي ڪنوينشن جي نالي تي جلسا ڪيا. هو اڳوڻي وزيراعظم محمد خان جوڻيجي جي ڳوٺ به پهتو. محمد خان جو پٽ اسد جوڻيجو ن ليگ ۾ شامل آهي پر ن ليگ جي قيادت کيس وساري چڪي هئي. رڳو ن ليگ ئي نه، تحريڪ انصاف به پنهنجي ساٿين کي وساري چڪي آهي. بهر حال احسن اقبال پي ڊي ايم جي موقف کي اڳتي وڌايو. پر نواز شريف جي بيانن تي ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. هڪ اخباري اطلاع موجب نواز شريف پارٽي اڳواڻن جي اهڙي رويي تي چڙيل آهي ته هو سندس بيانيئي کي اڳتي نه پيا وڌائين. اهي اطلاع به آهن ته پارٽي جي اهم اڳواڻن کي لنڊن به طلب ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ سياست ڪرڻ وارا چڱي ريت سمجهن ٿا ته نواز شريف جي نقطه نظر جي حمايت سندس سياسي حيثيت کي متاثر ڪري سگهي ٿي. مريم نواز ۽ سندس تڪ جي ماڻهن جو خيال آهي ته نواز شريف جي نقطه نظر سبب ن ليگ جي مقبوليت ۾ واڌ ٿي آهي.
پي ڊي ايم جو بس هڪ ئي مطالبو آهي ته عمران حڪومت جو خاتمو ٿئي. مريم نواز کانپوءِ بلاول ڀٽو به جنوري تائين حڪومت تبديل ٿيڻ جو پنهنجي جلسن ۾ اظهار ڪري چڪو آهي. ايوب خان جي دور ۾ به مخالف پارٽين سان ڳالهيون ٿيون جن جو انجام مارشل لا لاڳو ٿيڻ تي ٿيو. ايم آر ڊي جي 2 ڀيرا تحريڪ جو جنرل ضياءُالحق ڪو اثر نه ورتو هو ۽ ڳالهين جي مطالبي کي به رد ڪري ڇڏيو هو. عمران خان جا وزير به ڪراچي کان نڪري ٻين شهرن جي دوري تي اچي رهيا آهن. اسد عمر حيدرآباد آيو ۽ ايم ڪيو ايم جي آفيس ۾ ملاقات لاءِ پهتو. هن خوشخبري ٻڌائي ته حڪومت طرفان ٻين شهرن لاءِ جلد هڪ وڏي پيڪيج جو اعلان ٿيڻو آهي. توانائي وارو وفاقي وزير عمر ايوب حيدرآباد آيو. واپارين، صنعتڪارن پنهنجي هم خيال سياستدانن سان ملاقاتون ڪيون. هنن بجلي فراهم ڪندڙ اداري حيسڪو ۾ سڌارن جي خوشخبري ٻڌائي. ساڻس صنعتڪارن ۽ سندس سياسي ساٿين شڪايتون به ڪيون. اوچتو دورن جو ظاهري طور ڪو سبب نظر نٿو اچي پر اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي طئه آهي ته پي ڊي ايم جي جلسن جي تپش ئي انهن جو وڏو سبب آهي نه ته گذريل 25 مهينن ۾ ڪنهن به وزير کي خيال نه آيو ته سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به وڃجي. عمر ايوب کان سوال ڪيو ويو ته پي ڊي ايم جي ٻيهر چونڊن واري مطالبي تي حڪومت جو ڪهڙو رد عمل هوندو، هن برجستو جواب ڏنو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. حڪومت کي پنهنجو مقرر ڪيل مدو پورو ڪرڻو آهي. هن چونڊن ۾ حاصل ڪيل پنهنجا ووٽ فورن ڳڻايا ۽ چيو ته حڪومت کي پنج سال پورا ڪرڻ جو حق حاصل آهي.
قومي اسيمبلي ۾ حڪومتي پارٽي پي ڊي ايم خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو آهي جيڪو بي وقتائتو آهي. پي ڊي ايم اهڙو ڪو ڪم ناهي ڪيو جو سندس خلاف ٺهراءُ منظور ڪرايو وڃي. پيپلزپارٽي جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف مطالبو ڪيو آهي ته هن ٺهراءُ کي واپس وٺڻ گهرجي. پي ڊي ايم جي جلسن کي حڪومت ڪيئن غيرقانوني قرار ڏئي سگهي ٿي. تحريڪ انصاف جلسا ڪري ته ڪا ڳالهه ناهي، پي ڊي ايم ڪري ته اعتراض پيدا ٿي ويو آهي. حڪومتي وزيرن سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان جي ٻولي ۾ به سختي پيدا ٿي وئي آهي جيڪا ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته هو پي ڊي ايم جي سرگرمين مان ڊنل آهي. پي ڊي ايم جي ڀرپور ڪوشش هوندي ته حڪومت کي ان حد تائين مڇرائي جو هو اهڙي ڪارروائي ڪري ويهي جو هن ملڪ ۾ سياست جي راند ئي ويڙهجي وڃڻ جو سبب بڻجي وڃي . ان صورت ۾ تحريڪ انصاف کي ته سراسر نقصان ئي ٿيندو پر پي ڊي ايم جي هٿ به ڪجهه نه ايندو. جڏهن سياسي نظام ئي ويڙهجي وڃي ته ماضي جا تجربا اهو ٻڌائين ٿا ته ڪنهن جي هٿ ڪجهه نٿو اچي. موجوده دور ۾ مارشل لا لاڳو ٿيڻ جو امڪان مختلف سببن جي ڪري سولو ناهي پر حڪومت جي غير آئيني خاتمي کانپوءِ ٽيڪنوڪريٽ سيٽ متعارف ڪرائي سگهجي ٿو. طاقتور ڌريون ملڪ ۾ پارلياماني حڪومتي نظام بدران صدارتي نظام جي حق ۾ آهن. ارڙهين ترميم، سمنڊن ۾ موجود ٻيٽن تي وفاقي حڪومت طرفان جاري ڪيل آرڊيننس، مني لانڊرنگ جي حوالي سان ڪيس ۽ ٻين ڪيترن ئي معاملن تي سنجيده آهن جن تي ڪجهه اهم ڌريون فيصلو چاهين ٿيون. ان کانسواءِ هو سياسي ڇڪتاڻ کي ملڪ جي حق ۾ نٿيون سمجهن. خبر ناهي ڇو سياسي اڳواڻ هر ڀيري اندازو ڪرڻ ۾ ناڪام رهندا آهن. ايئن ايوب خان جي دور کان ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم حڪومت تي دٻاءُ وڌائڻ ۾ ڪامياب ٿي به وڃي ٿي ته عمران خان حڪومت جي سربراهه هجڻ جي ناتي فيصلائتا قدم به کڻي سگهي ٿو. اها اڳڪٿي آهي ته نيون چونڊون ٿي سگهن ٿيون. ڇا پاڪستان هن مرحلي تي نين چونڊن جي سٽ سهي سگهي ٿو، اهو ملڪي سياسي اڳواڻن جي سوچڻ جو ڪم آهي. شاعر قتيل شفائي موجب
جس ڪا جي چاهي وو انگلي پر نچاليتا هي،
جيسي بازار سي منگوائي هوئي لوگ هين هم.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *