تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

ملڪ کي سياسي مانڌاڻ جي ضرورت آهي يا استحڪام جي!

ملڪ ۾ هڪ ڀيرو وري سياسي مانڌاڻ متل آهي. هڪ طرف مهانگائي جو طوفان آهي جيڪو رڪجڻ جو نالو ئي نه ٿو وٺي، ٻئي طرف امن امان جي صورتحال به آهستي آهستي بگڙي رهي آهي، ٽئين طرف مخالف ڌر احتجاج ڪري رهي آهي جنهن لاءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ انهن جا احتجاجي جلسا ٿي رهيا آهن ته چوٿين پاسي وري حڪومت جي رويي مان لڳي ئي نه ٿو ته ڪو هو اقتدار ۾ آهن، کين ملڪ هلائڻ ۽ بهتري آڻڻ جي ذميواري مليل آهي پر اهو ٿو محسوس ٿئي ته اقتدار جي ڪرسي تي ويٺل ماڻهو به ڄڻ ته مخالف ڌر ۾ آهن جيڪي قانون جي حڪمراني قائم ڪرڻ، عوام لاءِ سهنجائي پيدا ڪرڻ، مهانگائي تي ڪنرول ڪرڻ، ملڪ اندر سيڙپ کي وڌائڻ لاءِ قدم کڻڻ، سهپ ۽ رواداري کي هٿي وٺرائڻ بدران ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. جڏهن ته سڄي دنيا ۾ حڪومت رڳو عوام جا اهنج گهٽائڻ جي ڪوشش ڪندي آهي پر اسان وٽ گه گنگا ئي ابتي وهي رهي آهي. حڪومت ۾ ويٺل ماڻهو هجن يا وري مخالف ڌر جا اڳواڻ انهن جا بيان ٻڌي ۽ پڙهي ماڻهو مونجهاري جو شڪار ٿي ويندو آهي ته حڪومت ڪير پيو ڪري جيڪي حڪومت ۾ آهن جن جي خلاف مخالف ڌر وارا احتجاج ڪري رهيا آهن اهي يا وري جن خلاف حڪومت جا ماڻهو ڌمڪي واري انداز ۾ ڳالهائيندا آهن اهي؟ هاڻ ته ڳالهه ماڻهن کي ننڍن وڏن ڪيسن ۾ ڦاسائي گرفتار ڪرڻ تي وڃي پهتي آهي جنهن جو ثبوت ڪراچي مان مخالف ڌر جي سڀ کان وڏي پارٽي مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ مريم نواز جي مڙس جي قائد اعظم جي مزار تي نعرا هڻڻ تي مٿس ڪيس داخل ڪري ڪيل گرفتاري آهي.
ڪراچي ۾ پي ڊي ايم جي جلسي جي موقعي تي مسلم ليگ نواز جي اڳواڻ مريم نواز قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان موقعي تي مريم نواز جي مڙس ڪيپٽن (ر) صفدر نعريبازي ڪئي. نعريبازي تي وفاقي حڪومت کي سخت مٺيان لڳي ۽ هنن قائداعظم جي مزار جو تقدس پائمال ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين ٿاڻي اندر احتجاج ڪرڻ بعد ڪراچي جي برگيڊ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري هوٽل تي ڇاپو هڻي ڪيپٽن صفدر کي گرفتار ڪيو ويو ۽ منتقل وري عزيز ڀٽي ٿاڻي تي ڪيو ويو. ان گرفتاري سياسي مانڌاڻ مچايو. اهو سڀ ڪجهه ڪراچي ۾ ٿيو آهي جتي پ پ جي حڪومت آهي. ان تي سخت ردعمل آيو آهي. سنڌ حڪومت ان گرفتاري کان لاعلمي جو اظهار ڪيو هنن گرفتاري تي نواز ليگ جي قيادت کان معافي به ورتي آهي. جڏهن ته نواز ليگ پاران چيو ويو آهي ته هن گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت جو ڪو به ڏوهه نه آهي. هو ان سڄي عمل جو ذميوار وفاقي حڪومت کي قرار ڏئي رهيا آهن. پي ڊي ايم جو به چوڻ آهي ته هي مخالف ڌر جي اتحاد ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش هئي. جڏهن ته وفاقي حڪومت ان گرفتاري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها سنڌ پوليس جي بهتر ڪارروائي آهي جيڪا سنڌ حڪومت جي چوڻ تي ڪئي وئي آهي ۽ ان تي پوليس شاباس جي حقدار آهي. ان سان وفاقي حڪومت جو ڪو واسطو نه آهي. مخالف ڌر ان ڪارروائي ۾ وفاقي ادارن تي مداخلت ڪرڻ جا به الزام پڻ هنيا آهن جنهن جي سنڌ حڪومت جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته اها صورتحال ملڪ لاءِ سٺي نه آهي. سياسي اڳواڻن کي قومي اڳواڻن جي مزارن جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ اتي اهڙو ڪو به ڪم نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان قانون جي لتاڙ ٿئي. ٻئي طرف اهو به ضروري آهي ته حڪومتون انتقام بدران سهپ جو مظاهرو ڪن ۽ ڪنهن به اهڙي واقعي کي بهانو بڻائي ڪارروائي نه ڪن. اهڙين ڪاروائين سان ملڪ ۾ رڳو سياسي ڏڦيڙ ئي وڌي سگهي ٿو ان مان ٻيو ڪو به فائدو نه ٿيندو. اميد ڪري سگهجي ٿي ته سنڌ حڪومت اعلان موجب ان سڄي واقعي جي جاچ ڪرائي ان جي رپورٽ به پڌري ڪندي ته جيئن عوام سمورين حقيقتن کان آگاهه ٿي سگهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *