تازا ترين
  • *فيصل آباد ۾ انوکو جنازو، فوتي شخص جو مڙهه بينڊ باجا وڄائي آخري آرامگاهه نيو ويو *فوتي جي مرشد کيس هدايت ڪئي هئي ته مرڻ کانپوءِ کيس بينڊ باجن سان دفنايو وڃي: وارث**
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

مندر ڪارڊ تي مفادن جي سياست !

جناح صاحب 11 آگسٽ 1947ع تي پهرين قانون ساز اسيمبليءَ ۾ هڪ تقرير ڪئي هئي ته پاڪستان ۾ هر مڪتبه فڪر کي مذهبي آزادي هوندي. اسان سڀ شهري هن رياست جا برابر جا شهري آھيون واري ڳالھه ڪندي جناح صاحب چوي ٿو ته:
‘You are free; you are free to go to your temples, you are free to go to your mosques or to any other places of worship in this State of Pakistan. You may belong to any religion or caste or creed — that has nothing to do with the business of the State. Now, I think we should keep that in front of us as our ideal and you will find that in course of time Hindus would cease to be Hindus and Muslims would cease to be Muslims, not in the religious sense, because that is the personal faith of each individual, but in the political sense as citizens of the State.'( توهان پنهنجي مندرن، مسجدن ۽ ٻين عبادتگاهن ۾ وڃڻ لاءِ آزاد آهيو. توهان پاڪستان جي رياست ۾ ڪنهن به مذهب، ذات يا مسلڪ سان واسطو رکو ٿا، ان سان رياست جو ڪم ڪونهي…
هاڻ آئون سوچيان ٿو ته اسان جي سامهون هڪ ئي رهنما اصول هجڻ گهرجي ته وقت گذرڻ سان توهان ڏسندا ته هندو هندو نه رهندو ۽ مسلمان مسلمان نه رهندو . مذهبي اعتبار سان نه، ڇو ته اهو هر فرد جو ذاتي عقيدو آهي، پر سياسي اعتبار کان رياست جي شهري طور.) ڇا جناح صاحب اڄ Irrelevant آهي؟ هي جناح جو پاڪستان آهي يا ٻئي ڪنهن جو؟ ملڪ جو ترقي پسند لڏو جناح صاحب جي ان تقرير جي بنياد تي پنهنجو سياسي موقف جوڙي ٿو. اهو نقطه نظر به درست آهي ته مذهبي عبادت جي آزاديءَ هر مڪتبه فڪر کي هئڻ گهرجي، پر هن رياست ۾ مذهبي اقليت ته آئيني، سماجي ۽ سياسي طور تي ٻي درجي جي شهري آھي ۽ ٻه قومي نظريو عملي روپ ۾ اڄ به موجود آهي.
هن وقت اسلام آباد ۾ مندر ٺهڻ جي ڳالھه ٿي رهي آهي، جنهن جي هڪ ئي وقت حمايت ۽ مخالفت ٿي رهي آهي. اسلام آباد ۾ ٺهندڙ ڪرشنا مندر لاءِ وزيراعظم عمران خان پهرين مرحلي ۾ ڏهه ڪروڙ به جاري ڪيا آهن، جڏهن ته مندر جي ڪل لاڳت پنجاهه ڪروڙ ٻڌائي پئي وڃي. جڏهن ديوار ڪيرائڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو عمل هاڻ ئي شروع ٿي ويو آهي، اتي سڀاڻي ڪنهن بدتر واقعي جي امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي. اقليتي پتو کيڏيندڙ کلاڙين کي گهرجي ته هو مذهبي رنگ جي سياست کان ڪنارا ڪشي ڪن. اقليتي مذهب پسند سياست مثبت نتيجا نه ڏيندي. ڇا پنجاهه ڪروڙ جي رقم سان حيدرآباد ۾ شاگردن جي هاسٽل ٺاهي، مهراڻ  انجنيئرنگ يونيورسٽي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ شاگردن جي رهائش جو مسئلو نٿو حل ڪري سگهجي؟ ياد رهي ته ڪيترائي معاشي طور غريب شاگرد رهائش جو خرچ افورڊ نه ڪرڻ سبب يونيورسٽيءَ جي ريگيولر تعليم تان دستبردار ٿي وڃن ٿا.
حڪمران طبقو عوام جي جذبن سان کيڏاڙ ڪندو آهي. جڏهن هو عوام جا حقيقي مسئلا حل ڪرڻ ۾ ناڪام ويندو آهي، عوام تي نفسياتي اثر مرتب ڪرڻ لاءِ ڪو اشو کڻندو آهي. ڪجهه اشو اهڙا هوندا آهن جيڪي عقل جي بدران عقيدي سان جڙيل هوندا آهن ۽ حڪمراني ڪرڻ لاءِ اهو آسان طريقو آهي. “اقليتي نمائندن” به “مندر ڪارڊ” کيڏيو آهي. اسلام آباد ۾ مندر ٺهڻ يا نه ٺهڻ جي مسئلي کي زندگيءَ ۽ موت جو مسئلو ڪري پيش ڪيو ويو آهي.هندو سرمائيدارن جي مندر معاملي تي سياست ۽ مفادن جي ڳٺ جوڙ تي واضح ٿيڻ ضروري آهي.
مندر ٺهڻ گهرجي يا نه؟ ان کان به اهم سوال هي آهي ته ڇا مندر جو هئڻ يا نه هئڻ ئي پورهيت عوام جو مسئلو آهي؟ مزدور ماڻهو ته بک ۽ غربت سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. انهن جو سماجي تحفظ نه هجڻ ڪري قتل ٿي رهيا آهن. تازو هڪ ئي هفتي ۾ ڪنري جي سنيل ميگھواڙ ۽ ننگر پارڪر جي هريش ڪولهي جا خون ناحق ٿيا آهن. ان کان علاوه پورهيت طبقي جي روزگار جا وسيلا ختم ڪيا پيا وڃن. هاري پورهيت جو مسئلو مندر نه پر بک کان نجات آهي. جتي بک ۽ ڏک سبب زندگيءَ نه هجي، اتي زندگيءَ کان وڏو مسئلو مندر آهي؟
هندو سماج بدترين ذات پات ۽ ان کان وڌ اڳتي طبقاتي طور ورهايل آهي. هڪ نام نهاد اوچ جاتين جو سماج آهي، ۽ ٻيو اڇوت هندن جو. رهڙڪي کان ڪراچي تائين هندو سرمائيدار حڪمرانن جو ڪاروبار ۾ پارٽنر آهي. انهن سيٺين جو پنچائتي نظام به آهي، جيڪو پورهيت هندو سان متڀيد رکي ٿو. هي پنچائت پرست هندو اوچ جاتين جي مسئلي تي آواز اٿاري ٿو، پر مظلوم دراوڙن تي ٿيندڙ ظلم ۽ ناانصافي تي ٻوڙو، انڌو ۽ گونگو ٿي وڃي ٿو. جڏهن ته دراوڙ اوچ جاتين سان ٿيندڙ انياءِ تي هم آواز ٿي بيهندا آهن.
سنڌ ۾ اڪثر اهڙا مندر آهن جتي “اڇوت” جاتين سان سٺو رويو نٿو اختيار ڪيو وڃي. سچو سترام داس SSD نالي ڪاروباري سيٺين جو مندرن جو نيٽ ورڪ آهي، جتي ڪاروبار ٿئي ٿو ۽ انهن جي گهمڻ ڦرڻ جا ٺڪاڻا به آهن. ڪوبه اڇوت هندو انهن جي مندرن ۾ داخل ٿي نٿو سگهي. شڪارپور جي نارائڻ داس مندر سميت واڻين جي هر مندر ۾ اڇوت جو اچڻ ممنوع آهي. ڏيپلي ويجهو پار برهم جو مندر آهي، جتي هندو سيٺيا هر سال ميلو لڳائن ٿا، ان ميلي ۾ اڇوت هندو وڃي نٿو سگهي. اهڙا ڪيئي مثال آهن، جتي اڇوت هندو جاتين جا برتن الڳ آهن، يا انهن کي اخبار جي ڪاغذ تي ڀت کارايو وڃي ٿو.
هندو سرمائيدار اقتدار ۽ ڪاروبار ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبرن سان ڀاڱي ڀائيوار آهن، بلڪه هي ايوانن جون سيٽون ۽ وزارتون سرمايي جي زور تي وٺن ٿا. پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، ن ليگ ۽ ٻين اقتدار پرست پارٽين ۾ نام نهاد اوچ هندو سيٺيي جي اسيمبلي سيٽن جي مخصوص ڪوٽا مقرر آهي، يا اهي پارٽي مالڪن کي سرمايو ڏئي سيٽون خريد ڪندا آهن. انهن سيٺين کي نام نهاد اوچي ذات جي هندن جي رهائش، ماني ۽ ٽوئر لاءِ ٺڪاڻا گهرجن، ان لاءِ مندر مناسب جاءِ آهي. اهي نه صرف مندرن کي ٽوئرسٽ مقصد سان تعمير ڪن ٿا، پر انهن مندرن ۾ دان ۽ چندو به پنڊتن جي ڪمائي جو وڏو ذريعو آهي.
چونڊيل نمائندا نه صرف مندرن جي تعمير ذريعي وشواس وڪوڙيل عوام جون همدرديون حاصل ڪندا آهن، پر اليڪشن دوران مندرن جي تعمير کي وڏو ڪارنامو ڪري پيش ڪندا آهن. هن وقت پي ٽي آءِ، ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي مخصوص سيٽن تي ڪجهه ڪولهي، ڀيل ۽ ميگھواڙ جاتين جي فردن کي منصب ڏنا ويا آهن، اهي ان مسند جي مدد سان مظلوم ماڻهن کي ووٽ لاءِ استعمال ڪندا آهن، ۽ جڏهن ڪو انهن تي ظلم ٿيندو آهي ته ظالم جي پاسي بيهي “پارٽي پاليسي” بجا آڻيندا آهن.
کٽو مل ميگھواڙ هر سال مندرن جي تعمير ۽ مرمت جي مد ۾ ڪروڙن جي رقم “اوچ هندن” کي جاري ڪري ٿو، ۽ هي طبقو وري ان مان ڪاروبار ۽ عياشيون ڪري ٿو. سادا پورهيت هندو گهر جي ڪنڊ ۾ ڇيڻي، لڏ ۽ مٽي مان مندر ٺاهي گذارو ڪن پيا. ان ڪري مندر پورهيتن جو نه پر انهن جو مسئلو آھن جن مندرن کي سياست جو مورچو ۽ بزنيس انسٽيٽيوٽ بڻايو آهي.
يورپ، ايشيا سميت پوري دنيا جي تاريخ پڙهي ڏسو ته خبر پوندي رجعتي ادارن ۽ مرڪزن ۾ انسان دوستي ، روشن خيالي ۽ عقليت پسندي جي ڪابه تعليم نٿي ڏني وڃي، بلڪه تعصب، نفرت ۽ طبقاتي فرق وڌائڻ جي سکيا ڏني وڃي ٿي.
` رجعتي ادارن ڪهڙي انسانيت، امن ۽ ڀائيچاري کي وڌايو آهي ان تي انسان دوست امن پسند انسان سوچي سمجهي سگهي ٿو ته حقيقت ڇا آهي؟ سچ هي آهي ته رجعتي ادارن جي آڙ ۾ سياسي ۽ ڌرمي  پنڊت ڪاروبار ڪن ٿا. بکايل کي گيتا جي ضرورت آهي يا ماني جي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *