تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

منهنجي سنڌ “ڪراچي ڪميٽي ” قبولي وٺندي ؟

سنڌ حڪومت ترديدون ڪندي ڪندي نيٺ وفاقي حڪومت طرفان ڪراچي جي مسئلن بابت ٺاهيل ڪميٽي جو اعلان ان ئي ڏينهن ڪيو جنهن ڏينهن ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي مبينا ڪوشش تي وفاقي حڪومت خلاف پ پ سڄي سنڌ ۾ مظاهرن جو سڏ ڏنو هو. عوام جي شديد مخالفت باوجود مراد علي شاهه صاحب، ناصر شاهه صاحب ۽ سعيد غني صاحب سيڙجي وڃي اسلام آباد پهتا ۽ پرائيم منسٽر هائوس ۾ ويهي ڪميٽي ٺاهي ڇڏي. هاڻي وري ترديد بدران معاملي کي ڍڪ ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي ته ڪميٽي ڪراچي لاءِ نه پر سڄي سنڌ بابت آهي، پر ٻن ٽن ڪلاڪن کانپوءِ ڪميٽي جي وفاقي ميمبرن اسد عمر، علي زيدي ۽ امين الحق پريس ڪانفرنس ڪئي جنهن سان ٻلي ٿيلهي مان ٻاهر اچي وئي ته هي ڪميٽي سنڌ لاءِ ناهي. ڇاڪاڻ ته جيڪي 6 مسئلا ڪميٽي ٺاهڻ لاءِ ٻڌايا ويا اهي سمورا ڪراچي سان لاڳاپيل آهن. ڪراچي ۾ پيئڻ جو پاڻي،گندي پاڻي جي نيڪال جو مسئلو، ڪچرو، روڊ رستا، ٽرانسپورٽ اهي 6 ئي مسئلا ڪراچي شهر لاءِ ٻڌايا ويا.
اهو پاڻ سڀ ڄاڻون ٿا ته هي ڪميٽي ٺاهڻ سنڌ سرڪار جي ڪا آئيني ۽ قانوني مجبوري نه هئي. اسان جي آئين يا قانون مطابق سنڌ سرڪار پابند ناهي ته هو ڪا اهڙي ڪميٽي ٺاهي. پراها ڪميٽي ان دٻاءُ جو نتيجو آهي جيڪو پي ٽي آءِ جي اڳواڻن طرفان بار بار وڌو پئي ويو ته ڪميٽي ٺاهڻ جي ڳالهه قبول ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ گورنر راڄ سميت آرٽيڪل 149 جا آپشن به وفاق وٽ موجود آهن. ظاهر آهي سنڌ سرڪار پنهنجي دعوائن جي ابتڙ 48 ڪلاڪ به اهو دٻاءُ برداشت نه ڪري سگهي پ پ ڀلي هاڻي سو دليل ۽ بهانا ڏئي پر سنڌ جي ماڻهن لاءِ اها انتهائي ڏکوئيندڙ ڳالهه آهي.جيڪي معاملا ڪميٽي ڏسندي اهي خالصتن صوبائي معاملا آهن بلڪه صوبائي ته ڇا اهي ته ميونسپل ۽ مڪاني سطح جا معاملا آهن جن کي بهانو بڻائي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي جنهن جو سڌو مطلب اهو ٿيو ته پيپلز پارٽي سرڪار دٻاءُ ۾ اچي راڄوڻي ذريعي پنهنجي ايگزيڪيوٽو اختيارن ۾ وفاق کي ڀائيوار بڻائي ڇڏيو آهي جنهن سان ارڙهين ترميم پنهنجي اهميت عملي طور وڃائي ويندي. انهيءَ تي وڌيڪ ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ واري ڳالهه اها ٿي آهي جو اسد عمر چئي ٿو ته هن ڪميٽي جنهن ۾ صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو وڏو وزير مراد علي شاهه به آهي انهيءَ جو ڪو ڪنوينر يا سربراهه نه هوندو.
سڀني کي ياد هوندو ته قائم علي شاهه جي وڏ وزارت دوران امن امان لاءِ ايپڪس ڪميٽي ٺاهي وئي هئي انهيءَ ڪميٽي جي ڪپتاني جي ٽوپي قائم علي شاهه کي پارائي ويندي هئي هتي ته مراد علي شاهه کي اهاٽوپي به نه ٿي پارائي وڃي . جيڪڏهن ڪراچي ۾جيڪو ڪجهه ٿيڻو آهي ان جو فيصلو هي 6 رڪني ڪميٽي ڪندي ۽ ان جي سربراهي به اسان جو وڏو وزير نه ڪندو ته پوءِ پاور شيئرنگ نه ڪرڻ واري سنڌ حڪومت جي دعويٰ ڪٿي وڃي بيهندي .
سنڌ جو هر ماڻهو جيڪو هن ڳالهه جو مطلب سمجهي ٿو اهو رت جا ڳوڙها ڳاڙيندو هوندو ته هيتريون ڳالهيون ڪرڻ کانپوءِ هٿ سان ئي ڪراچي جا اختيار ڏنا وياآهن . وفاقي وزير علي زيدي ته ان کا اڳتي جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته هي ڪميٽي مانيٽرنگ ڪميٽي هوندي. يعني هي وفاقي وزير ئي ٻڌائيندا ته ڪهڙو ڪم صحيح ٿئي پيو ڪهڙو ڪم غلط . اسان چئون ٿا ته ڪراچي اسان جي دل آهي پ پ سرڪار وارا به اهو ئي چون ٿا ته پوءِ هي ڇا ڪيو ويو آهي ؟ هي ڪراچي کي الڳ ڪرڻ لاءِ بنياد رکيو ويو آهي. هي پهريون قدم آهي پوءِ ڇا ٿيڻو آهي ان جو به اندازولڳائڻ ڏکيو ڪونهي. منهنجو اندازو آهي ته 28 آگسٽ کانپوءِ ڪراچي لاءِ هڪڙو ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيندو جيڪو اتفاق راءِ سان ٿيندو. اهو اتفاق راءِ اهو ئي هوندو جيڪو وفاق پاران ٻڌايو ويندو ،پوءِ 6يا 8 مهينا جيستائين مڪاني چونڊون ٿين، تيستائين انهيءَ ايڊمنسٽريٽر کي آهستي آهستي با اختيار ڪيو ويندو. قانون ۾ ترميمون ٿينديون. پوءِ مڪاني چونڊون ٿينديون، گهڻو ڪري پي ٽي آءِ جو ميئر چونڊجي ايندو جيڪا خانصاحب عمران جي پراڻي خواهش آهي، تيستائين اتفاق راءِ سان مڪاني نظام ۾ وري بنيادي قسم جون تبديليون اينديون. ترميمون ڪري انهيءَ ميئر کي ڪراچي جا تقريبن سڀئي اختيار ڏنا ويندا. باقي الڳ صوبي کي سڱ ٿيندا آهن ڇا؟
مڪاني سطح تي اختيارن جي ورڇ جي خلاف ناهيان پر هي ته ڪراچي کي انتظامي طرح سنڌ کان ڌار ڪرڻ طرف پيش رفت آهي جيڪا آهستي آهستي ٿي رهي آهي. جيڪڏهن گورنر راڄ يا آرٽيڪل 149 لاڳو ٿيڻ جي ڊپ يا دٻاءُ تحت سنڌ حڪومت اهو ڪيو آهي ته پوءِ ڌرتي جي بقا ۽ دائمي مفاد ڇا ڪجهه ناهي!؟ جيڪڏهن ايئن دٻاءُ ۾ پوئتي هٽندا رهيا ته ڪيترو پوئتي هٽندا.؟ مونکي ته لڳي ٿو پ پ حڪومت کي هر ايندڙ ڏينهن پوئتي هٽڻو پوندو. اڄ هيستائين پهتا آهن پوءِ وڌيڪ پوئتي هٽڻو پوندن. جيڪڏهن ڪنهن موقعي تي پ پ جي سنڌ سرڪار چيو ته اسان وڌيڪ پوئتي نه هٽنداسين ته گورنر راڄ ته پوءِ به لاڳو ٿيندو. سنڌي ۾ چوندا آهن ته ڪتو به کاڌوسين ڪک به نه ڀري.
اسد عمر هڪڙو جملو چيو ته ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻين علائقن کي ڏسنداسين. پوءِ سنڌ حڪومت باقي ڇا جي لاءِ آهي؟ اسد عمر اهو به چيو ته ٻن هفتن کانپوءِ اهو به ڏسنداسين ته ترقياتي فنڊن جو بندوبست ڪير ڪندو مطلب پيسا سنڌ جاپر نگراني وفاق ڪندو!18هين ترميم کانپوءِ صوبن کي جيڪي اختيار مليا جيڪڏهن خرابي حڪمراني نه هجي ها ته اسان اڄ هتي نه بيٺل هجون ها. سنڌ جا ٻه ڏوهه ٿي پيا آهن هڪ ته تمام گهڻي خراب حڪمراني رهي آهي ۽ ٻيو ڪراچي اسان وٽ آهي جنهن جي وسيلن تي ڌرين جون اکيون آهن. اسان وٽ ٻيٽ آهن جن بابت عمران خان ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته اتي نئون شهر اڏينداسين.اهو سڀ ڪجهه ٿي ويو پر منهنجي سنڌ جنهن ڪنهن وقت ۾ ٻٽي نظام تي شديد ردعمل ظاهر ڪري هڪ سنڌ هڪ نظام کي يقيني بڻائي ڇڏيو هيو ،ڇا اڄ “ڪراچي ڪميٽي”قبولي وٺندي؟

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *