تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

منڇر ڍنڍ جي بحالي ڪيئن ممڪن آهي؟

چون ٿا ته منڇر ڍنڍ ايشيا جي وڏي ۾ وڏي مٺي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي پر گذريل اٽڪل 30 سالن کان اها ڍنڍ گدلاڻ جو شڪار آهي، جنهن ڪري ان جي مدار رکندڙ مهاڻن ، رهواسين ۽ هارين جي حالت خراب آهي. هڪ مقامي تنظيم ان خراب صورتحال هن ريت بيان ڪئي آهي.
“سال 1950ع ۾ منڇر مان ساليانو ٽي هزار ٽن مڇي مرندي هئي جيڪا سال 2001ع ۾ رڳو سو ٽن رهجي وئي آهي، مڇي جو شڪار ڪندڙ مهاڻن مان اٽڪل چاليهه هزار مهاڻا ٻين هنڌن ڏي لڏپلاڻ ڪري ويا آهن. جن مان ڪجھه منگلا ڊيم، تربيلا ڊيم تائين پهتا آهن. سال 2001ع ۾ منڇر جو زهريلو پاڻي پيئڻ ڪري 100 ماڻهو مري ويا. منڇر واري علائقي ۾ غربت جي شرح وڌي وئي آهي. مٺي پاڻيءَ تي پيدا ٿيندڙ پٻڻ، لوڙهه، ٻوراڻي ۽ بيهه ختم ٿي ويا آهن، جنهن ڪري ماڻهن جو روزگار ختم ٿي ويو آهي. سائبيريا مان ايندڙ پکي آڙيو ۽ نيرڳ وغيره اچڻ گھٽجي ويا آهن، جنهن ڪري ڍنڍ جي ماحوليات تي تمام گھڻا خراب اثر پيا آهن، ڍنڍ جي پکي پکڻ، جيت جڻين تي تمام خراب اثر پياآهن ۽ انهن مان ڪيترن جا نسل ئي ناپيد ٿيڻ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. ڍنڍ جي چوڌاري ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڳ زراعت ٿيندي هئي جيڪا ڍنڍ جي پاڻي خراب ٿيڻ ڪري ختم ٿي وئي آهي.”
منڇر ڍنڍ جو پاڻي ڇو خراب ٿيو:
انهيءَ جو ڪارڻ واپڊا وارا آهن. سال 1976ع ۾ واپڊا وارن نارٿ دادو سرفيس ڊرين جو لوڻياٺو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرائڻ جو رٿيو. انهيءَ تي سنڌ سرڪار اعتراض واريو ته ايئن ڪرڻ سان منڇر ۾ لوڻياٺ جي سطح وڌي ويندي جنهن تي واپڊا وارن چيو ته سندن ڪنسلٽنٽس چون ٿا ته لوڻياٺ واري سطح 700 پي پي ايم کان مٿي نه ويندي. هنن مطابق انهيءَ لوڻياٺ واري سطح جي ڪري نه پيئڻ جو پاڻي خراب ٿيندو نه زراعت کي نقصان ٿيندو، ڇاڪاڻ جو پيئڻ جي پاڻي جي سلامتي واري سطح 100 پي پي ايم جڏهن ته زراعت لاءِ اها سطح 1500 پي پي ايم آهي. ان بنياد تي اها رٿا منظور ڪرائي وئي. سال 1992ع ۾ جڏهن اهو ڪم پورو ٿيو ته خبر پئي ته انهيءَ ڇوڙ جي ڪري منڇر جي لوڻياٺ واري سطح 3500 پي پي ايم ٿي وئي آهي جيڪا زراعت توڙي انساني واهپي لاءِ هاڃيڪار رٿا ثابت ٿي .نتيجي ۾ مٿي ٻڌايل نقصان ٿيا.
ڇا ٿيڻ کپندو هو:
پاڻي ڏيڻ واري رٿا ۾ اهو ڏسڻو هوندو آهي ته پاڻي ڪٿان ايندو، وري پاڻي نيڪال واري رٿا ۾ اهو ڏسڻو هوندو آهي ته پاڻي ويندو ڪاڏي، يعني ڇوڙ ڪٿي ڪندو؟ جيستائين خاطري واري پاڻي ملڻ جو ذريعو نه هجي آبپاشي جي ڪا به اسڪيم ٺـاهي نٿي سگھجي. وري جيستائين پاڻي ڇوڙ جو خاطري وارو ذريعو نه هجي پاڻي نيڪال واري ڪا به اسڪيم نه ٺاهڻ کپي. نارٿ دادو سرفيس ڊرين واري رٿا لاءِ سنڌ جي اعتراض باوجود ان جو ڇوڙ منڇر ڍنڍ ۾ ڪرايو ويو جنهن ڪري منڇر گدلاڻ جو شڪار ٿي ۽ مهاڻن، هارين ۽ ڀر وارن ڳوٺن جي پيئڻ جي پاڻي جو ذريعو متاثر ٿيو. ان سان گڏ ٻيا ماحولياتي اثر به ٿيا. هاڻي انهيءَ رٿا کي ايم اين وي ڊرين بدران آر بي او ڊي سڏيو وڃي ٿو.
رٿا تي عمل جي صورتحال:
واپڊا وارن آر بي او ڊي جو پاڻي درياهه ۾ وجھڻ بابت اسلام آباد ۾ هڪ گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ مان به شامل هئس. انهيءَ گڏجاڻيءَ ۾ جنرل مشرف فيصلو ڪيو ته درياهه ۾ وجھڻ بدران آر بي او ڊي جو پاڻي سمنڊ ڏي نيو وڃي. اها اسڪيم آبپاشي کاتي ۽ انجنيئر 5 ڪور وارن گڏجي ٺاهي. انهيءَ ۾ هڪ 273 ڪلوميٽر واري ڊرين ٺاهي پاڻي سمنڊ ۾ گھارو ڪريڪ ذريعي کڻي وڃبو. اها اسڪيم 14 ارب رپين جي منظور ڪئي وئي ۽ 4 سالن ۾ پوري ڪرڻي هئي، انهيءَ ٽڪريءَ جو نالو آر بي او ڊي ٽو رکيو ويو.
اها رٿا سال 2001ع ۾ شروع ڪئي وئي پر چئن سالن ۾ 14 ارب رپيا ملڻ بدران 2.9 ارب رپيا ڏنا ويا، جيڪو ڪل رٿا جو رڳو 20 سيڪڙو ٿئي ٿو، تنهن ڪري رٿا مڪمل نه ٿي سگھي. اها رٿا اڃان هلي پئي ته ظفرالله جمالي پاڪستان جو وزيراعظم ٿيو جنهن جو تعلق بلوچستان سان هو. هن بلوچستان جي صوبي جي ڪجھه علائقن جو پاڻي آر بي او ڊي معرفت نيڪال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. ايئن ڪرڻ سان آر بي او ڊي جو اخراج 2000 ڪيوسڪ مان وڌي 3500 ڪيوسڪ ٿي ويو، اها رٿا وزيراعظم جي زور ڏيڻ تي نئين سر تيار ڪئي وئي ۽ ان جي روائيز قيمت 29 ارب رپيا ٿي وئي.
اڃان آر بي او ڊي ٽو تي ڪم هلي رهيو هو ته سنڌ ۾ سال 2010ع ۾ مهاٻوڏ اچي وئي. جنهن ڪري درياهه جو ويجھو ٺهندڙ انهيءَ رٿا جي ڪجھه حصن کي نقصان پهتو، ان بعد انهيءَ اسڪيم تي ڪم هلندو رهيو ۽ هن تي ريوائيز قيمت وارا 29 ارب رپيا خرچ ٿي ويا. سال 2017ع جي 26 جولاءِ تي ايڪنيڪ انهيءَ رٿا جي ٻيهر ريوائيز پي سي ون منظور ڪئي جنهن جي قيمت وڌي اٽڪل 62 ارب رپيا ٿي وئي. جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي ڀرڻا آهن اٽڪل 55 ارب رپيا ۽ سنڌ حڪومت کي ڀرڻا آهن 7 ارب رپيا. رٿا جي ڪل فزيڪل پروگريس 73 سيڪڙو آهي.
سپريم ڪورٽ جو ازخود نوٽيس:
سال 2010ع ۾ دادو جي وڪيل فضل حسين جمالي جي رپورٽ تي سپريم ڪورٽ ازخود نوٽيس ورتو ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيتريون شنوايون ٿي چڪيون آهن. ٻڌڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ ان مامري جا هيٺيان ٽي حل تجويز ڪيا.
آر بي او ڊي جي زهريلي پاڻي کي ٻيهر استعمال لائق بڻائڻ لاءِ ان تي ٽريٽمينٽ پلانٽ هنيا وڃن.
آر بي او ڊي ٽو کي مڪمل ڪري هلائڻ کپي.
درياهه مان منڇر ڍنڍ ۾ مٺو پاڻي ڇڏجي.
سپريم ڪورٽ جي آخري گڏجاڻي 5 جولاءِ 2017ع ۾ ٿي جنهن ۾ هن چيو ته:
آر بي او ڊي ٽو جو ڪم جولاءِ 2017ع ۾ شروع ڪرڻ کپي.
انهيءَ بابت سنڌ حڪومت وقت به وقت پروگريس رپورٽ ڏئي.
آر بي او ڊي ٽو تي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدارن جي لسٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ کپي جنهن ۾ اهو به ٻڌائڻ کپي ته هر ٺيڪيدار کي گھڻي قيمت جو ڪم مليو ۽ هن کي ڪهڙو ڪم مليو.
اڃان تائين سپريم ڪورٽ ان ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي نه ڪئي آهي.
چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل پراجيڪٽ اسٽيرنگ ڪاميٽي:
رٿا جي ترقي ڏسڻ ۽ ڪم ڪرائڻ بابت فيصلا ڪرائڻ لاءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ هڪ پراجيڪٽ اسٽيرنگ ڪاميٽي جوڙي وئي. انهيءَ ڪاميٽيءَ جي 6 سيپٽمبر 2019ع تي هڪ گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ آبپاشي، وفاقي حڪومت، انجنيئر 5 ڪور ۽ ٻيا واسطيدار ادارن جا ميمبر هئا، انهيءَ گڏجاڻي ۾ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا:
پراجيڪٽ ڊائريڪٽر کي کپي ته سپريم ڪورٽ کي لکت ۾ ٻڌائي ته اها رٿا نومبر 2019ع ۾ پوري نه ٿي سگھندي تنهن ڪري انهيءَ جو مدو 2 سال وڌايو وڃي.
وزارت پاڻي ۽ بجلي ٻيهر ٽين ڌر کان جاچ ڪرائيندي ته رٿا ڪيئن هلائجي ۽ تنهن کان پوءِ نيسپاڪ وٽ ويندي ته ان جا ٽي او آر ڇا ٿيڻ کپن.
فوج جي ڊائريڪٽر جنرل ملٽري آپريشن کي عرض ڪيو ته هن رٿا لاءِ مناسب ماڻهو ڏئي.
سيڪريٽري (Services) يڪدم اسسٽنٽ ڪمشنر مقرر ڪندو ته رٿا لاءِ زمين حاصل ڪري سگھجي. اها واڌاري چارج هوندي ۽ انهن تعلقن ۾ هوندي جتي زمين وٺڻ ڏکيائيون آهن.
آر بي او ڊي ٽو جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ٻي گڏجاڻي ۾ زمين وٺڻ جي پروگريس رپورٽ کڻي ايندو ته جيئن ڏسجي ته گھربل زمين هدف حاصل ڪرڻ ۾ ڪيتري مدد ڏيندي.
ٻوڏ کان بچاءَ وارا رهيل ڪم پي سي ون ۾ شامل نه ٿيندا ۽ اهي جدا نموني ڪيا ويندا.
سپريم ڪورٽ کي عرض ڪيو ويندو ته هڪڙو ايگزيڪيوٽو آرڊر ڪڍي ته جيئن زمين وٺڻ وارا ڪيس جلدي نبيري سگھجن.
سيڪريٽري آبپاشي ۽ چيف سيڪريٽري کي هر مهيني ۽ هر ٽئين مهيني گڏجاڻيون ڪرڻ کپن ته رٿا مڪمل ٿيڻ ڏانهن وڌي سگھي.
پراجيڪٽ اسٽيرنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي 14 جولاءِ 2020ع تي رٿيل آهي.
آر بي او ڊي ٽو جا مسئلا:
آر بي او ڊي ٽو جو ڪم سنڌ آبپاشي کاتو ۽ 5 ڪور آف انجنيئرز گڏجي ڪري رهيا آهن. ڪم ٻنهي جي صلاح سان ٿين پيا. پر آبپاشي کاتي اها ٽيم هٽائي ڇڏي آهي. آبپاشي کاتي وارن جو خيال هو ته انهيءَ ٽيم وڌيڪ اگهه تي ٺيڪيدارن کي ڪم ڏنا آهن، جيڪي گھٽ ٿيڻ کپن. نتيجي ۾ ڪم بند پيا آهن. فوج وارا F.W.O کان ڪم ڪرائڻ ٿا چاهين جڏهن ته آبپاشي وارا پنهنجي مرضي جي ٺيڪيدارن کان ڪم ڪرائڻ چاهين ٿا. جيستائين آبپاشي کاتي ۽ 5 ڪور انجنيئرز ۾ يڪجهتي نه ٿيندي ڪم ڍرا هلندا ۽ وقت تي پورا نه ٿيندا.
ٻيو مسئلو زمين حاصل ڪرڻ (Land acquisition) جو آهي، ڪيترا ماڻهو ڪورٽ ۾ وياآهن ۽ ڪورٽ کان Stay ورتو آهي ۽ انهيءَ Stay واري وقت کي وڌائيندا رهن ٿا. زمين جي حاصلات لاءِ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي وئي آهي ته انهيءَ ڏس ۾ هوءَ هڪ ايگزيڪيوٽو آرڊر ڪڍي ته ڪيس تڪڙا اڪلايا وڃن.
ڇا ڪرڻ کپي؟
ريوائيز پي سي ون منظور ٿيڻ کانپوءِ پئسن جو مسئلو حل ٿي ويو آهي پراجيڪٽ اسٽيرنگ ڪاميٽي ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته ٻوڏ کان بچاءَ وارا ڪم جدا ڪرڻ کپن. سنڌ سرڪار کي کپي ته اهي ڪم آبپاشي کاتي وارن کان ڪرايا وڃن. جنهن جا پئسا سنڌ سرڪار ڀريندي. ٻيو ڪم آهي Land acquisition جو، رهيل زمين حاصل ڪرڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کان مدد ورتي وڃي. ٽيون مسئلو آهي آبپاشي کاتي وارن ۽ 5 ڪور انجنيئرز ۾ يڪجهتي، جيستائين اها نه ٿيندي رهيل ڪم ٿي نه سگھندا.
جڏهن منڇر ۾ پوندڙ گدلو پاڻي آر بي او ڊي ٽو معرفت سمنڊ ۾ گھارو ڪريڪ ذريعي پوندو ته منڇر جي گدلاڻ ختم ٿي ويندي. اهو تڏهن ئي ٿي سگھندو جڏهن آر بي او ڊي ٽو جو ڪم پورو ٿي ويندو. انهيءَ کان پوءِ منڇر ڍنڍ جو اوج موٽي ايندو. مهاڻن کي روزگار ملندو، ڍنڍ جي چوڌاري فصل ٿي سگھندا، بيهه، لوڙهه ۽ ٻيون شيون جام ملنديون، سائيبريا کان ڊگھو سفر ڪندڙ پکي وڏي تعداد ۾ اچي سگھندا ۽ ٻين جيت جڻين، پکي پکڻن کي سٺو ماحول ملندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *