تازا ترين
  • *صديق ڪلهوڙو کي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري*
  • *تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي جو اجلاس، سنڌ ۾ پهرين فيبروري کان پرائمري، مڊل ۽ سيڪنڊري ڪلاسز کولڻ تي اتفاق*شاگردن کي بنا امتحان جي پروموٽ نه ڪيو ويندو، اسٽيئرنگ ڪميٽي اتفاق ڪيو آهي ته امتحانن جي معاملي تي تڪڙ نه ڪئي ويندي: سعيد غني* ڪورس گهٽائي نٿا ڪري سگهون، ڀلي امتحان ري شيڊول ٿي وڃن، ڪوشش ڪنداسين ته تعليمي ادارن ۾ 60 سيڪرو نصاب پڙهايو وڃي*
  • *سي پيڪ اٿارٽي آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود آرمي چيف چيني سفير سان ڇو ملاقاتون ڪري رهيو آهي؟: اپوزيشن جو سينيٽ ۾ سوال*اطمينان جوڳو جواب نه ڏيڻ تي اپوزيشن جو ايوان مان واڪ آئوٽ، آرڊيننس ختم ٿيڻ باوجود جنرل باجوه جي مقرري ڇو ڪئي وئي؟: جاويد عباسي*

منڇر کان موڪلاڻي

صبح سوير ڍڪيءَ جي ويل سنڌو درياءَ جي ڪناري تي پنڌ ڪندي ڪندي هاڻي ته ڪيئي سال ٿي ويا آهن هزارين سج مون سنڌو درياءَ مان اڀرندي ڏٺا آهن ۽ ڀڳو ٺوڙهي جي جبل پويان مسافتن جا ٿڪ ڀڄڻ لاءِ سج لهندي به ڏٺا آهن، سنڌو مان ڦٽي نڪتل هر صبح ساڳيو ناهي نه ئي سج جي روشني کان پوءِ اوندهه جي هر ڪاري رات ساڳي آهي. هر سج نئين ڪهاڻي پنهنجي ڪڇ ۾ کڻي اچي ٿو بس سنڌو ساڳيو آهي جيئن ڀڳو ٺوڙهو جبل پنهنجي جڳهه تان تر به پري نه ٿو ٿئي ايئن سنڌو درياءَ جي ڪناري جي صبح جون حسناڪيون به ساڳيون آهن. اڄ ڪلهه ته سنڌو ۾ پاڻي ڇا آيو آهي ڄڻ زندگي اچي ويئي آهي.
ڪڏهن سنڌو درياءَ جي سانتيڪي ماحول ۾ ڪناري جي مٿان بيهي اوهان پري تائين جوهه وجهي نهار ڪريو اوهان کي صبح جي ان جوهه ۾ سج جا ڪرڻا سنڌو جي پاڻيءَ ۾ ترندي ملندا ، درياءَ جي وچ تي بيٺل ٻيڙين سان پاڻيءَ جون ٿپڪيون شڙپ شڙپ جي دلڪشي موسيقي سان ڪتڪتائيون ڪندي ملنديون. ٻيڙين جي سڙهن جي مٿان جهوليندڙ ڳاڙها جهنڊا ڄڻ چوندا هجن ته ڳاڙهو رنگ ته اڄ به مزاحمت ۽ قرباني جو رنگ آ، انقلابي جي ٿڪجي ويهي رهيا ته ڇا ٿيو ڳاڙهو جهنڊو ته اڄ به جهولي رهيو آهي اهو ڳاڙهو رنگ سڏ ڏئي چئي رهيو آهي ته جيڪي ماڻهو سنڌو درياءَ جي ڪُنن سان مزاحمت ڪن ۽ هر وقت قرباني ڏيڻ جي لاءِ تيار رهن سي ئي سنڌو جي سيني تي راڄ ڪري سگهن ٿا.
سنڌو ندي 1700 سو ميل جون ڊگهيون مسافتون ڪري وڃي مها سنڌو ساگر سان مکا ميل ٿئي ٿي جتي انڊس ڊيلٽا جي پٽي 130 ميل يعني 210 ڪلوميٽرن تائين پکڙي پئي آهي سنڌو درياءَ جي ڊيلٽا سنڌي تهذيب جي شروعات کان وٺي گذريل صديءَ تائين سنڌ ۽ پري پري جي ملڪن مصر، حجاز، سمير، ايران، اوڀر آفريڪا، مهاراشٽر ۽ چين سان گڏيل واپار جو مرڪز رهي آهي، توڙي جو ھاڻي انڊس ڊيلٽا جي جياپي جا نوان سوال بحث هيٺ آهن سنڌو درياءَ مان گهربل پاڻي مها سنڌو ساگر تائين نه پهچڻ سبب ساگر جو پاڻي تيزي سان انڊس ڊيلٽا ڳڙڪائيندو ۽ ڌوڪيندو پيو اچي، انڊس ڊيلٽا تي نه گهڻي مقدار ۾ تمر جا وڻ بچيا آهن جيڪي نه صرف مها سنڌو ساگر جي طوفان کي روڪڻ جو ڪم ڪندا هئا پر لاڙ پٽيءَ جي جتن جي لکين اٺن جي جياپي ۽ مهاڻن جي گذر جي ذريعي جهينگن جي نرسري جو ڪم ڪندا هئا، ان جي باوجود به گهٽ ۾ گهٽ ڏهين سال سنڌو درياءَ پنهنجي فطري موج سان وهندو سڀئي رڪاوٽون ٽوڙي وڃي انڊس ڊيلٽا تي ڪروڙين مڻ واريءَ جا ڀاڪرن ۾ ڀريو ڇڏي، سنڌو درياءَ جنهن جي مٿاهين تي رهندڙ وڏن ڀائرن هٿرادو بند ٻڌي سنڌو درياءَ کي ڊيمن، بيراجن ۽ ڪينالن ۾ ونڊي ورڇي ڇڏيو آهي تن حڪمران ڀائرن جو انڊس ڊيلٽا سان رڳو ان ڪري نه اچي نه وڃي جو انڊس ڊيلٽا مها سنڌو ساگر جي اڳيان اها فطري ڀت آهي جيڪا لاڙ جي پٽن کي مها سنڌو ساگر جي طوفاني لهرن کان محفوظ رکڻ جو ڪم ڪري ٿي.
علي بابا لکيو هو ته
اسان ماڻهو لاڙ جا
درياءَ جي پاڇاڙ جا
اترڙو ٿو لڳي!
ورلڊ بينڪ جي هڪ تازي سروي مطابق سنڌ ۾ غربت جي سطح کان هيٺ زندگي گذاريندڙ لاڙ جا ماڻهو آهن اهو لاڙ جيڪو فاضل راهو جي جدوجهد جو مرڪز رهيو سو لاڙ هاڻي برساتي پاڻي ۾ ايل بي او ڊي جي اٿل سبب لنڪ روڊن جي ڪناري تي سرڪاري ڀت جي آسري تي هر ايندڙ سرڪاري گاڏي ۾ سڪڻي ٻار جيان اک وجهيو ويٺو آهي. پاڻ ڪڏهن سوچيو به آهي ته سمنڊ، تيل، گئس ۽ پن بجليءَ هوندي به لاڙ غربت جون سڀ لڪيرون لتاڙي ڇو پستيءَ جي ڪن ۾ وڪڙ کائي مري رهيو آهي. سنڌو درياءَ جي ڪناري تي پنڌ ڪندي مون فطرت جا عجيب لقاءَ ته ڏٺا آهن پر گڏوگڏ مون اڌ اگهاڙا مهاڻن جا ٻار، بيمار مائرون ، وقت کان اڳ پوڙها ٿي ويل مرد ۽ ٽٽل ڦٽل ٻيڙين جا لڙهندڙ تختا به ڏٺا آهن، سنڌو درياءَ جي ڪناري تي موجود قمبر شاهه جي قبر تي ۽ سنڌ جي مشهور ڌاڙيل شيرو رند جي سيراندي جي مٿان ڏيئا ٻاريندڙ هارون موالي اڄ به ٻنهي قبرن ۾ دفن ٿيل ڪردارن جي تاريخ کان بي خبر آهي ايئن جيئن مٿي کي هٿ ڏيئي درياءَ ۾ ٻڏل ٻيڙيءَ مٿان ويٺل اڇي مٿي وارو ناکئو محمد غربت جي سببن کان بي خبر آهي.
ڪافي ڏينهن کان سوچيم پئي ته ان ٻڏل ٻيڙيءَ جي مالڪ سان ملي ان جي اکين ۾ اٽڪيل لڙڪن کي پنهنجي قميص جي پلاند سان اگھي ڪي آٿت جا لفظ چوان پر هر دفعي ٻيڙيءَ جي ڀر ۾ بيهي ايئن لڳندو هو ته هي اڪيلي ٻيڙي ناهي ٻڏي هي ته پورو خاندان غربت ۾ غرق ٿي ويو آهي، آئون ڪيئن ڀلا انهن کي ٻيهر تاري ڪناري تي وٺي ايندس مون نيٺ اڄ همٿ جا سندرا ٻڌي وڃي ناکئي جي ڀر ورتي. مون پڇيو ناکئا، ٻيڙي ڪيئن ٻڏي، هن منهنجي چهري ۾ چتائي ڏٺو ۽ اکيون اکين ۾ ملائي چيائين ته جڏهن قسمت اوهان جو ساٿ ڇڏي وڃي ته ايئن سمجهو اوهان جي ترندڙ ٻيڙي به وڃي ترو وٺندي مونسان به ايئن ٿيو آهي هي رڳو ٻيڙي ناهي جنهن جي تري ۾ بند نه ٿيڻ جهڙا سوراخ آهن پر هي اسان جي نصيب جو اهو ڦٽل شهر آهي جنهن جي هاڻي سر به سر سان نٿي ملي.
مون چيو ناکئا مانجهند ۽ ڀاڻوٺ جي درياءَ جا ڪنارا ڀلا يا منڇر جو ڇر ڀلو هو، هن جي ڄڻ يادن تي وڄ وراڪا ڪيا هلڪو مرڪيو، مون ناکئي جي اکين ۾ ڏٺو هن جي اکين ۾ منڇر جا عڪس هئا اها منڇر جنهن جي ڪناري تي پير لاکو، لهڙي، پير مشاخ ۽ ٽهڻي قديم ماڳ آهن جنهن لاءِ ڪاڇي جي ڌاڙيلن هٿان مارجي ويل قديم آثارن جي انڊين ماهر اين جي مجدار لکيو هو ته پير لاکو جو ماڳ“ موهن جو دڙو” جو هم عصر آهي.
قديم زماني کان اجھل ۽ اهاڳ سنڌو درياءَ، سنڌ جي سموري زمين تي ليٽ پيٽ ڪئي آهي، اتر پاسي سنڌو ندي جو ڪجهه وهڪرو ڪشمور کان ڪڏهن هيٺان ته ڪڏهن ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ کان مٿان وهندو رهيو آهي اهو وهڪرو ادشت – آب واري ڍنڍ مان سنڌو نالي هڪ ننڍڙو وهڪرو ڪنڌڪوٽ ۽ شڪارپور جو پاسو ڏيئي موهن جو دڙو کان ٿيندو وڃي سيوهڻ قلعي جي ڀر وٺي منڇر ۾ ڇوڙ ڪندو هو جيڪو وري لال باغ وٽان واپس ٿيندو لڪي شاھ صدر کان ٿيندو آمري شهر ڏانهن ويو ٿي جنهن کي ان دور ۾ اڙل ندي چيو ويندو هو،1959ع ۾ آمري دڙي جي کوٽائي مان ماهرن کي اڙل ندي بابت پتو پيو ته هي اڙل ندي منڇر مان ٿيندي سيوهڻ شهر جي قلعي جي اتر – اوڀر کان ڦري لڪي جي ڦٽل وهڪرن مان ٿيندي اڳتي اوڀر طرف وڌي وڃي، آمري کي ڪلهو هڻي سن شهر جي مٿئين پاسي کان سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ڪندي هئي. محمد بن قاسم جڏهن سنڌ تي حملو ڪيو ته ان زماني ۾ به منڇر ڍنڍ موجود هئي چچ نامي ۾ ڍنڍ لاءِ لفظ “دنده ” لفظ استعمال ڪيو ويو آهي سيوستان جي ڀر ۾ چچ نامي ۾ ذڪر ڪيل ڪنڀ ڍنڍ لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها ئي منڇر ڍنڍ آهي جنهن ڳالهه جي ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ به تحقيق يا تصحيح ۽ تصديق ڪئي آهي. منڇر جي ڀر مان ئي قديم شاهراهه هئي جيڪا ايران کان ٿيندي دنيا جي ٻين ملڪن سان سنڌ کي ڳنڍڻ جو ڪم ڪندي هئي. سنڌو درياءَ جي چاڙھه واري وقت ۾ اڙل واھ پنج لک ڪيوسڪ پاڻي منڇر کي فراهم ڪندو هو، اڙل واھه جي هن وقت ڊيگهه ذري گهٽ 30 ميل آهي، منڇر ڍنڍ جنهن جي پکيڙ 350 چورس ڪلوميٽر ۽ وڌ ۾ وڌ 520 ڪلوميٽر آهي تنهن جي معيشت جو سبب رڳو مٺو پاڻي ئي هو ان مٺي پاڻيءَ تي مڇي، بهه، ڪوڻي ، لوڙهه، پٻڻ، ٻوراني ۽ پکي هئا، منڇر مان پاڻي هٽڻ کانپوءِ فصل به جام ٿيندا هئا،منڇر مان ملندڙ پني مان توئريون به ٺهنديون هيون هن منڇر ۾ ڄار ۽ ٻيڙين ٺاهڻ جو به وڏو مرڪز هو، منڇر ۾ هجرت ڪري ايندڙ پکين جا به ڪيترائي قسم هئا جن مان آڙي، ٿورهاندو، نيرڳي ،ڊگوش، رونهارو، ٿرنيرڳ، لنگهو، رتبو، ڦولارو، ڪانيرو، ڏوريو، ڄاڄي، پيئڻ، کڻائي، ڪهنگ، ڪارٻائو، ٻرهي ،ٻرهڙو، سانهه، ڦاراهو، ڪوڪڙاٽ، جهالي، سفيد هنج، سليٽي هنج توهر، ڪان ٿائو، ڪيني، ڪينو، ڍنڍ ڪينو ڪونج ٽمر، کنڀو، ڪڪڙو، گاجرو، چيڪلو، ڪانئرو ٽينگو، لڪڻو، لف ۽ چورپائو وافر مقدار ۾ هئا. ماضيءَ ۾ منڇر اعليٰ قسم جي مڇي جي نرسري چئون ته وڌاءُ نه ٿيندو، ڪرڙو، لهر، پوپري، موراکو، سريو، گائينرو، سڻي، ڄرڪو، شاڪر، سنڱاري، کڳو، گندڻ، رڙو، لهڙ، گوج، فوجي رڙو، ورو، ديو، لوسيئي، ڇيلري، ٿيلهري، مندو، گپ، گلو، ونج، ڏاهي، اوٽي ٻٽي ڏنڀرو موراکو، مرا ۽ چٽو سميت 60 مڇين جا قسم منڇر ڍنڍتي ٻيڙين ۾ رهندڙ 32 ترندڙ ڳوٺن جي ماڻهن جي خوشحالي جو ذريعو هئا، گاهه ۾ سنپوري، پن، ڏير، ڪل، ڀرڻو، کاراهو، پٻڻ، ڪُم، کوئي گربڻ ۽ ٻيا قسم هئا. پر وقت اهڙو وريو جو دونالي بندوق ۾ پنج سو جا نوٽ وجهي خوشي جي موقعي تي فائر ڪندڙ منڇر ڍنڍ جا مهاڻا هاڻي پاڻ ڇٽل ڪارتوس جيان ڪنهن نه ڪم جا رهيا آهن. مون سنڌو درياءَ ۾ ٻڏل ٻيڙيءَ ڏانهن اشارو ڪندي ناکئي محمد کي چيو ناکئا منڇر کي الوداع ڪندي ڪيئن لڳو هو، هن پاڻي سان ڀريل اکين جا ڇپر اگهندي ٻڌايو ته اها هڪ نڀاڳي شام هئي جنهن منڇر تي رهندڙ سوين ماڻهن کي اڙل کان سنڌو درياءَ ڏانهن سفر ڪرڻ لاءِ ٻيڙن هڪلڻ لاءِ مجبور ڪيو هو، آر بي او ڊي سم نالي جي پاڻي نه منڇر ۾ گاهه ڇڏيو نه مڇي نه نيرڳ پکي کي لهڻ ڏنو هو سالن تائين اسان وقت جي حڪمرانن آڏو جھوليون جهلي رڙندا رهياسين اسان جي گهر ڪا ملڪ جي قانون جي خلاف نه هئي اسان ته رڳو ايترو ٿي گهريو ته صدين کان اسان جي ابن ڏاڏن جي ملڪيت منڇر کي زهريلي پاڻي کان بچايو جيئن اسان ۽ اسان جا ايندڙ نسل منڇر سان گڏ جيئي سگهن.
پريا مڙس هي رڳو منڇر ڍنڍ رڳو ڍنڍ نه هئي هي ڪائنات جي اها خوبصورت جڳهه هئي جتي محبتن جا ميلا هئا،جتي گهرن جون سرحدون نه هيون نه ڳوٺن جا ڇيڙا هئا نه رات جي اونداهي ۾ ڪتن جي ڀونڪڻ جا آواز هئا نه ئي وري قبائلي خونريزي جو خوف هو هي انهن ماڻهن جو الڳ جهان هو جن ماڻهن جو ايمان هو ته پاڻيءَ ۾ پاڻ خدا موجود آهي جنهن جي مٺي سرڪ پيئڻ سان انسان جي پئي ٿو. منڇر تي سڀ ڪجهه مفت جو هو ڪاٺيون، پاڻي، مڇي ايتري تائين جو نه لائيٽ جو بل ڏيڻو هو نه ئي ڪيبل جي ڪنيڪشن جي منشا هئي، اسان جي ٻيڙين جي ڊيڪ تي ٻرندڙ هٿ جي بتين سان سڄو منڇر جرڪي پوندو هو پاڻي ۾ روشنيءَ جون لڪيرون ڦٽي پونديون هيون، رات جو تصور ئي نه هو منڇر ته رڳو گيتن، عشق جي داستانن، سهرن ۽ وصال جو مرڪز هئي منڇر ڪڏهن دلين جا وڇوڙا نه ڪيا هئا هي پهريون ڀيرو هو جو اسان منڇر کي الوداع ڪري ڪڻو ڪڻو ٿي جدا ٿي رهيا هئاسين ان ويل اسان جي اکين جا لڙڪ لڙي پيا هئا اسان يتيم ٻار جيان رنا هئاسين اسان جون ٻيڙيون سنڌو درياءَ ۾ لهندي ٿڪجي پيون هيون اهو ٿڪ اڃان تائين اسان پنهنجي وجود ۾ محسوس ڪيون ٿا. اسان سنڌو درياءَ ۾ ڇا لٿاسين ڄڻ غربت جي ڪن ۾ لهي پيا آهيون اسان ٻڏل ٻيڙي جي هريڙ جيان آهيون بس جيئون ٿا ان آسري تي ته شال وقت جي حڪمرانن کي رحم اچي اسان ٻيهر منڇر سان ملي پاڻيءَ تي پنهنجو راڄ قائم ڪريون. هن ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ڏانهن الوداعي نظر وڌي ۽ انگوشو ڪلهي تي رکي سنڌو درياءَ جي ڪندي وٺي قمبر شاھ جي قبر ڏانهن وڃڻ شروع ڪيو مون پڇيو ناکئا ڪاڏي پيو وڃين
پوئتي ڪنڌ ورائي چيائين جيئرا ماڻهو جڏهن تهذيب، تاريخ ۽ وطن جي تباهين تي مقبرن جيان خاموش ٿي وڃن ته بهتر آهي ته مئلن جي قبرن تي وڃي هٿ مٿي کڻي چئجي“ اي خدا اسان جي ذهنن ۽ ضميرن کي زنده ڪر!”

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *