تازا ترين
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

مهانگائي، ڏياري ۽ ڪشمور جو دردناڪ واقعو!

مهانگائي ايتري وڌي ويئي جو ڇا ٻڌايان؟ اٽو وٺان ته کنڊ کٽي پيئي هجي، کنڊ وٺان ته پتي ڪانهي، پتي وٺان ته گيهه ڪونهي، ڀاڄيون وري ايتريون مهانگيون جو اگهه ٻڌيو سڙيو وڃان. اهڙي ڪاوڙ چڙهيو وڃي جو ڀانيان ته بابا واري دونالي بندوق ۾ مرون مار ڪارتوس وجهي اچي ڀاڄي واري جي سيني تي ٺڪا ڪرايان! زندگي گذارڻ ايتري ڏکي ٿي پئي جو آئون گهٻرائڻ لڳس. گهٻراهٽ ۾ ٽي وي کوليم ته عمران خان فرمائي پيو: گهبرانا نهين هي. مون گهٻرائڻ ڇڏي ڏنو ته روئڻ پيو اچي. عمران خان کي فون ڪري چيم گهٻرائڻ ڇڏي ڏنم ته روئڻ پيو اچي ٻڌاءِ ته هاڻي ڇا ڪريان؟ چيائين: ڦاهو وڃي کاءُ! مهانگائي ڪانه گهٽبي! چيومانس: هڪ ننڍڙوپٽ اٿم ٻي عاقل بالغ زال اٿم ٻئي رهي ويندا! چيائين: پوءِ تون ڪنهن وزير جو صلاحڪار ٿي وڃ! چيومانس: هل ڙي! اسان غريبن جا اهڙا ڀاڳ ڪٿي! چيائين: پوءِ منهنجو رت نه پي مون کي اڳيئي پي ڊي ايم وارن ڇتو ڪري ڇڏيو آهي. اهو چئي هن فون بند ڪري ڇڏيائين. تيسين طوطن ماءُ اخبار ۾ ڏٺو ته سون 300 رپيا سستو ٿي ويو آهي. سا نچندي ٽپندي آئي. چئي: مئا! سون سستو ٿي ويو آهي هاڻي ته مون کي سَت سري دهري ٺهرائي ڏي! چيومانس: سستي ٿيڻ کانپوءِ به سون جو اگهه 112200 رپيا تولو آهي. اڃا انتظار ڪر، جڏهن سون 200 رپيا تولو ٿيندو ته توکي ڪلو جي دهري ٺهرائي ڏيندس! کلي چيائين: مئا ڪجهه وزن گهٽ ڪر ڪلو جي دهري ته منهنجي ڪنڌ جو مڻڪو ٽوڙي وجهندي! چيومانس: هل ڀلا مني ڪلو جي! ڇا ياد ڪندينءَ. چيائين: مئا تون اٽو به اڌ ڪلو وٺيو ٿو اچين سو ڪٿان ٿو منو ڪلو سون وٺين! چيومانس: سون سستو ٿئي نه ٿئي باقي سرڪار جا جيڪ پرڪار آهن ته شايد اٽو به 200 رپيا تولو ٿي وڃي! چيائين: هل ڙي! پوءِ پاڻ ڇا کائينداسين؟ چيومانس: پوءِ پاڻ ماڪوڙين وانگر ڪڻڪ جو داڻو داڻو کائينداسين، داڻو طوطن، داڻو تون ۽ داڻو آئون، يعني ٽي داڻا صبح، ٽي داڻا منجهند ۽ٽي داڻ رات جو ڪل 9 داڻا کائي مٿان مينهن وانگر بهه ۽ ٻراڙ کائي سمهي پونداسين. اهو ٻڌي ڏک ۾ طوطن ماءُ جا ڳوڙها وهڻ لڳا. چيومانس: گهٻراءِ  نه عمران خان چيو آهي ته مهنگائي ۾ ڪيترا به ذليل ٿي وڃو پر گهبرانا نهين هي! هن ڳوڙها اگهي ڇڏيا. آئون دل وندرائڻ لاءِ ٻاهر نڪري ويس. سوچيم کتيجان کلڻي جو ديدار درشن ڪري غم غلط ڪريان. هن مهينو اڳ سينٽ، پرس، لپ اسٽڪ، فيس واش ۽ رنگ ڳورو ڪرڻ واري ڪريم جي فرمائش ڪئي هئي، پر کوٽ کاتي ۾ اٽي ۾ جهليل سو سندس فرمائش پوري ڪو نه ڪري سگهيس. هن منهنجو فون نمبر 420 تي لڳائي اهڙو بند ڪرائي ڇڏيو جو نه ڪال وڃي نه ڪال اچي. کوٽ کاتو به اهڙو خطرناڪ مرض آهي جو ان ۾ مبتلا ماڻهو مان سنگت ساٿ، مٽ مائٽ ۽ پاڙي جي دڪانن وارا به هٿ ڪڍيو وڃن. بهرحال سندس در تي وڃي ٺڪ ٺڪ ڪيم. سندس ننڍي ڀيڻ ٻڌايو ته ماسي جي گهر وئي آهي. اتي وڃي ٺڪ ٺڪ ڪيم ته سندس ماسات ٻڌايو ته مامي جي گهر وئي آهي. مامي جي گهر وڃي ٺڪ ٺڪ ڪيم. در ۾ وٿي هئي ان مان ڏٺم ته کتيجان کلڻي هڪ ٻار کي پئي چيو ته همراهه کي ٻڌاءِ ته آئون چاچي جي گهر ويل آهيان! اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ منهنجو منهن سڪي صفا ڏونگهي وٽي جهڙو ٿي ويو. مون واپس گهر اچي انڊيا جا پراڻا درديلا ڪلام ڳائڻ شروع ڪيا. انڊيا جي پراڻن گانن ۾ ايڏو درد هوندو آهي جو لڳندو آهي ته اهي گانا ٻڌندڙ ۽ ڳائيندڙ جي گهر ۾ لاش پيو هجي. مون گانو ڳائڻ شروع ڪيو. “اي دل ڪسي ڪي ياد مين هو تا هي بيقرار ڪيون، جس ني تجهي بهلا ديا اس  ڪا هي انتظار ڪيون” ابا گانو ٻڌي طوطن ماءُ ڊوڙي آئي چيائين مئا جنهن توکي وساري ڇڏيو انهي لاءِ بيقرار ڇو ٿو ٿين؟ هڻينس ڀونڊو! پاڪستان سڄو محبوبائن سان ڀريو پيو آهي. چيومانس: بروبر سچ ٿي چوين! پر پاڪستاني محبوبائن کي بيماري آهي فرمائش جي، لطيف آباد جي اڇن خاتون سان هڪ عدد دعوت ۾ ملاقات ٿي. ان دعوت ۾ آئون لئي ڪري عطائي ڊاڪٽر سلو سروٽي جو ڪمپليٽ سوٽ پائي ويو هئس ۽ سندس ڊرائيور عاليشان ڪار ۾ مون کي وٺي هليو هو. مائي سمجهيو ته آئون ڪو ڪروڙ پتي سرمايه دار آهيان سو مون سان فري ٿي وئي. فون نمبر وتائين، ڏاڍيون مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪندي هئي. دوستي رکڻ جو چيومانس ته چيائين گهر ٿي وٺان ڏهه لک ڏي ته دوستي رکان! چيومانس آئون توکي ڏهه لک دعائون ڏيئي سگهان ٿو باقي ڏيڻ لاءِ رپيو به ڪو نه اٿم. ابا اهو ٻڌي مائي بگڙي پئي ۽ منهنجي نمبر تي 420 لڳرائي ڇڏيائين. ڪاش پاڪستان ۾ به سستين شين وانگر محبوبائن جو به ڪو يوٽيلٽي اسٽور هجي ها ته اسان جهڙن مولائين جو به ڪم ٿي وڃي ها. پر يوٽيلٽي وارا همراهه به وڏا استاد آهن، سستو مليل اٽو ۽ کنڊ به ٻين دڪاندارن کي وڪڻي ڏيو ڇڏين. سو سستيون محبوبائون به مهانگي اگهه تي وڏن ماڻهن کي وڪڻي ڏيئي ڇڏين ها ۽ اسان جهڙا کوٽ کاتي وارا پيا تاڙيون وڄائين ها.
اهو ٻڌي طوطن ماءُ کلي کلي کيري ٿي پئي. رات جو سمهڻ وقت مون کي وري کتيجان کلڻي جي ياد ستائڻ لڳي. آئون گانو ڳائڻ لڳس! ميرا دل لي گيا ڪوئي رهي موهي نيند نه آئي مين ڪيا ڪرون! اهو گانو ٻڌي طوطن ماءُ رڙ ڪري چيو مئا! ننڊ نٿي اچنئي ته ننڊ واري گوري کائي سمهه. اسان جو مٿو نه کاءُ! اهو ٻڌي مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ۽ منهنجو منهن صفا ناڪاره فلٽر پلانٽ جهيڙو ٿي ويو. پوءِ آئون پڇ مروڙي ائين سمهي پيس جهڙو پراڙ جي دن ۾ گلر سستو پيو هجي. صبح جو اهڙا ڌماڪا شروع ٿي ويا جو مون سمجهيو ته ڳوٺ کي ڌاڙيلن گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. ٻاهر  نڪري جاچ ڪيم خبر پئي ته هندو ڀائرن جو ڏياري جو ڏڻ آهي. سندن ٻارڙا خوشي ۾ ڦٽاڪا پيا ڦاڙين. ٻين هندو ڀائرن کي ڏياري جون مبارڪون پئي ڏنيون. آئون انهن ڏکويل هندو امڙين ۽ پيئرن وٽ ڏک ونڊڻ لاءِ وڃي پهتس، جن جي معصوم نياڻين کي اغوا ڪري، زوري مذهب مٽائي، شاديون ڪرايون ويون هيون. ڏياري جي خوشين جي موقعي تي انهن جي غير موجودگي سندن هانءُ ڏاري وڌو هو. سندن ڳلن تي ڳوڙهن جا ڪارا گونگڙا وهي پيا هئا. آئون سندن ڏک برداشت ڪونه ڪري سگهيس. گهر موٽي آيس. ٽي وي ۽ اخبارن ۾ هڪ خبر پڙهي آئون وري مري جهري پيس. خبر ڏاڍي دردناڪ هئي. ڪراچي جي هڪ غريب مائي تبسم کي هڪ وحشي رفيق ملڪ چاليهه هزارن جي نوڪري ۽ گهر ڏيارڻ جو ليکو ڏئي ڪشمور وٺي ويو. جتي ٻئي وحشي خير الله بگٽي به وحشت ۾ شرڪت ڪئي، مسڪين مائي تي تشدد ڪري سگريٽن جا ڏنڀ ڏيئي بار بار لڄالٽ ڪئي. نه فقط ايترو پر وحشي پڻو  جانورن کان به گوءِ کڻي ويو. انهن وحشين تبسم جي چئن سالن جي معصوم نياڻي عليشا کي به بخش ڪونه ڪيو. جيڪا مس هلڻ لڳي هئي ۽ ٻاتا ٻول ٻوليندي هئي. جڏهن مرون صفت وحشين سندس زوري لڄالٽ ٿي ڪئي. هن اڀ ڏاريندڙ رڙيون پئي ڪيون. اهي رڙيون ٻڌي سندس ماءُ تبسم جي مامتا تڙپي پئي هئي. ان جي نازڪ جاءِ کي وحشين ايترو ته زخمي ڪيو هو جو سندس آپريشن ڪندڙ ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين جي اکين ۾ به لڙڪ لڙي آيا هئا. عليشا جو اڌ مئل جسم ڏيڻ لاءِ به انهن وحشين ٻي عورت آڻڻ جو شرط رکيو. شابس هجي اي ايس آءِ محمد بخش ٻرڙو کي جنهن پنهنجي نوجوان ۽ پاڪدامن ڌيءُ کي وحشين حوالي ڪرڻ جو رسڪ کڻي جوابدارن کي گرفتار ڪرايو. محمد بخش ٻرڙي ۽ سندس ڌيءُ کي ٻنهي هٿن سان سئو سئو سلام! خدا ڪري ته زخمي عليشا صحتمند ٿي گهر موٽي اچي. شابس هجي ايس ايس پي ڪشمور کي جنهن پنهنجون ننڊون ڦٽائي جوابدار گرفتار ڪيا. رفيق ملڪ ته ڪتي جي موت جيان مارجي ويو، باقي خير الله بگٽي کي هزار دفعا ڦاسي ڏجي ته به گهٽ آهي. ان عمل کانپوءِ ممڪن آهي ته سنڌ ۾ موجود ٻيا وحشي به وحشت ڇڏي انسان بڻجي پون ۽ شاهه سائين جي هن بيت کي ساڀيان ملي پوي.
متو آهين مڇ ٿلها ٿو ٿونا هڻين
جا تو ڏٺي اڇ تنهن پاڻي پني ڏينهڙا. (شاهه)

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *