تازا ترين
  • پنوعاقل ۾ خوفناڪ حادثو، 11 ڄڻا فوت،3 زخمي*سانگي ٿاڻي جي حد ۾ مسافر وين ڪلٽي ٿيڻ سبب حادثو پيش آيو*حادثي ۾ 11 مسافر فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل *زخمين ۾ محمد ابراهيم،ذوالفقار، علي اڪبر،مير مرتضيٰ، نصرالله، غلام عباس جکراڻي ۽ ٻيا شامل*
  • *لاڙڪاڻي ۾ پي ايم سي پاران ميڊيڪل جي شاگردن کان انٽري ٽيسٽ وٺڻ وارو عمل جاري *لاڙڪاڻي جي پنجن سينٽرن ۾ 6 ضلعن جي شاگردن کان ٽيسٽ ورتي پئي وڃي*
  • *پاڪستان ڪورونا صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي: وزيراعظم عمران خان *غير جمهوري سياسي قيادت سان مقابلو آهي:وزيراعظم *سياسي قيادت جمهوري جدوجهد مان ناهي گذري: وزيراعظم عمران خان جو ٽوئيٽ *سياسي قيادت عوام جي ڏکيائين کي سمجهي نه ٿي: وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽ *ان سياسي قيادت عوام لاءِ ڪجهه به نه ڪيو: وزيراعظم *اُها سياسي قيادت لٽيل دولت کي بچائڻ گهري ٿي: وزيراعظم *سياسي قيادت عوام جو تحفظ ڪرڻ بدران جلسا ڪرڻ چاهي ٿي: وزيراعظم عمران خان*
  • *خيرپور ويجهو يتيم نينگري مبينا طور قتل، جوابدار لاش اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا *جوابدار ڳوٺ عالم خان گوپانگ واسڻ 13ورهين جي ڪومل گوپانگ جو مڙهه اسپتال ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا* نينگري والدين فوت ٿيڻ سبب مامن وٽ رهندي هئي، سندس ڳلي تي نشان آهن: پوليس*
  • *قاضي احمد ويجهو جهيڙو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 11ڄڻا رتورت *ڳوٺ سومر جوکيو ۾ رستي جي ڳالهه تان جھيڙو ٿي پيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *ايس ايس پي خيرپور نينگري ڪومل گوپانگ جي مبينا قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو *ايس ايس پي امير سعود مگسي پاران جوابدارن جي گرفتاري جو حڪم *جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن: شاهه لطيف پوليس *

مهانگائيءَ جو جن واپس بوتل ۾ ڪيئن ويندو؟

ملڪ اندر مهانگائي جي نئين لهر جنهن تيزي سان ڦهلي آهي تنهن هيٺئين توڙي وچولي طبقي جو ساهه سڪائي ڇڏيو آهي. روزاني واهپي جي شين جا اگهه ان تيز رفتاري سان وڌيا آهن جو عام ماڻهن سان گڏ حڪومت پاڻ حيران رهجي وئي. انهي حيرانگي ۾ حڪومت کي پهريان ته سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا ڪجي پر نيٺ وفاقي وزيرن ڪالهوڪي پريس ڪانفرنس اهو اعتراف ڪيو ته ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي آهي، اٽي ۽ کنڊ جون قيمتون چڙهي ويون آهن، جنهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اپاءَ ورتا پيا وڃن.
حڪومت نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ عوام کي رليف ڏيڻ جون جيڪي به دعوائون ڪيون هيون، انهن جي ابتڙ نه رڳو مسلسل مهانگائي ۾رڪارڊ واڌ ٿيندي رهي آهي پر عوام جي اهنجن ۾ به اضافو ٿيندور هيو آهي. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته موجوده حڪومت جي ٻئين سال، پهرين جي ڀيٽ ۾ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، آگسٽ ۾ مهانگائي جي شرح 8 سيڪڙو هئي جيڪا گذريل مهيني وڌي 9 ڏهائي 4 سيڪڙو ٿي وئي، عام واهپي جي شين ۾ ٻاهران ايندڙ شيون ئي نه پر مقامي طور تي پيدا ٿيندڙ شيون پڻ شديد مهانگيون ٿيون آهن جن ۾ اٽو، کنڊ، بيدا، ٽماٽا، پٽاٽا ۽ ٻيون زرعي جنسون شامل آهن. مهانگائي وڌڻ ۾ طلب ۽ رسد جو فرق پنهنجي جاءِ تي پر اهو فقط اڪيلو سبب ناهي هوندو، ان سان گڏ ذخيره اندوزي، اسمگلنگ ۽ حڪومتي بدانتظامي پڻ اهم محرڪ هوندا آهن، بدقسمتي سان انهن ۾ حڪومت کي پنهنجي بدانتظامي نظر ناهي ايندي. زرعي جنسن جي اگهن ۾ اضافي جو هڪ اهم سبب حڪومت پاران نظرانداز ڪرڻ آهي، هن شعبي کي جيتري ڌيان جي ضرورت آهي، اوترو ئي حڪومت ڪن لاٽار ڪندي رهي آهي ۽ نوبت اتي اچي پهتي آهي جو هاڻ حڪومت کي کنڊ به ٻاهران گهرائڻي پئجي رهي آهي ته جيئن کنڊ جي قيمتن تي ضابطو آڻي سگهجي. ڪالهه به وفاقي وزير حماد اظهر چيو پئي ته 50 هزار ٽن کنڊ پرڏيهه مان گهرائي وئي آهي، وڌيڪ ڏيڍ لک ٽن کنڊ ۾ امپورٽ ڪري ڪنٽرول ريٽ تي مارڪيٽ ۾ پهچائي ويندي جنهن سان في ڪلو کنڊ جي اگهن ۾ 15 رپين تائين لاٿ اچي ويندي. اهڙي ريت ٽماٽن جي اگهن ۾ لاٿ لاءِ وري ايران کان ٽماٽا گهرائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. سوال اهو آهي ته ڊالرن ۾ کنڊ ٻاهران گهرائڻ بدران پنهنجي مقامي آبادگارن کي سبسڊي ڏيئي پيداوار وڌائڻ واري حڪمت عملي تي عمل ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ هڪ زرعي ملڪ هوندي ۽ پنهنجي ملڪ ۾ سموريون زرعي جنسون هجڻ جي باوجود به جيڪڏهن اسان کي روزاني واهپي جون شيون امپورٽ ڪرڻيون پون ته ان کان وڌيڪ بدانتظامي ٻي ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ حڪومت جي اهڙن قدمن مان اهو واضع نظر اچي ٿو ته وٽس ڪا ٺوس حڪمت عملي ناهي ته زرعي شعبي کي ڪيئن هٿي وٺرائڻي آهي، طلب ۽ رسد جي فرق کي ڪيئن گهٽائڻو آهي، شين جي اگهن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ مڪينزم کي ڪيئن بهتر ڪرڻو آهي ۽ سڀ کان اهم ڳالهه اها ته ذخيره اندوزن ۽ لالچي واپارين کي ڪيئن ٻنجو ڏيڻو آهي. کنڊ اسڪينڊل، جنهن جي هن حڪومت جاچ ڪئي، رپورٽ پڌري ٿي پر انهي رپورٽ تي عملدرآمد اڃان تائين رولڙي جو شڪار آهي. نه ئي ڪڻڪ جي اسمگلنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي نظر آئي آهي. نتيجي ۾ ٿئي ايئن ٿو ته جن شين جي کوٽ آهي اهي ٻاهران گهرايون وڃن ٿيون، اهو مسئلي جو فوري حل ته آهي پر ڪو مستقل حل ناهي.
وفاقي وزيرن جو اهو چوڻ بجا آهي ته وفاقي حڪومت اڪيلي سر مهانگائي تي قابو پائي نٿي سگهي ان لاءِ صوبائي حڪومتن کي به تعاون ڪرڻ گهرجي پر سڀ کان وڌيڪ ذميواري وفاقي حڪومت جي آهي جو اها اگهن جو تعين ڪندي آهي. ان لاءِ سڀ کان پهرين حڪومت کي پنهنجي انتظامي صلاحيتن کي وڌائڻ جي ضرورت آهي، دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ اهو ڪم انتظاميه ڪندي آهي نه ڪي ٽائيگر فورس نالي ڪي رضاڪار تنظيمون ته اهي ريٽ لسٽ چيڪ ڪن. ٻي ڳالهه ته حڪومت کي بروقت فيصلا ڪرڻ جي عادت وجهڻي پوندي ته جنهن شيءِ جي متوقع کوٽ آهي اها امپورٽ ڪئي وڃي ان ۾ ايتري دير نه ڪئي وڃي جو شين جي خريداري عام ماڻهن جي قوت کان وڌي وڃي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *