تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

مهانگائي بابت حڪومت پنهنجي ميمبرن جو ته آواز ٻڌي !

جڏهن حڪومتي ميمبر ئي ڪنهن معاملي تي پنهنجي حڪومت خلاف ڳالهائڻ تي مجبور ٿين ته سمجهي سگهجي ٿو ته اهو معاملو ڪيترو سنگين هوندو ،مهانگائي جي معاملي تي ڪيتري وقت کان وٺي عام ماڻهو ۽ سياسي مخالف حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا هئا پر هاڻي ته ڳالهه سرڪاري بئنچن تائين اچي پهتي آهي جو چونڊيل سرڪاري ميمبر عوام جي دٻاءُ تي پنهنجي حڪومت تي مهانگائي سبب تنقيد ڪري رهيا آهن. قومي اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي ٽن ميمبرن دوائن جي قيمتن ۾ واڌ خلاف رٿ پيش ڪري قيمتون گهٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ گڏوگڏ الزام هنيو آهي ته دوائن جي قيمتن ۾ واڌ دوائن جي ڪمپنين سان ڳٺجوڙ جو نتيجو آهي،جڏهن ته سرڪاري ڌر جي انهن ميمبرن انهي رٿ تي ڳالهائيندي اهو به چيو ته سال ۾ 3 دفعا قيمتون وڌايون ويون آهن عوام دوائون خريد ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي ماڻهو اسان کان پڇن ٿا انهن کي ڪير جواب ڏيندو تنهن ڪري اسان ان معاملي تي خاموش نه ٿا رهي سگهون.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ توڙي جو ڪورونا جي ڪري معيشت کي ٿورو گهڻو نقصان پهتو پر حڪومت پاڻ دعويٰ ڪري رهي آهي ته سندن پاليسين جي ڪري ڪورونا وبا دوران معيشت کي ايترو نقصان ناهي پهتو جنهن جو خطرو هيو ۽ وفاقي حڪومت پنهنجي بهتر پاليسي سبب ڪورونا کي منهن ڏيڻ ۽ معيشت کي بچائڻ جو ڪريڊٽ کڻندي رهي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر حڪومت جي ڪا به معاشي پاليسي نه هجڻ جو الزام هڻندي ان کي مهانگائي جو ذميوار قرار ڏيندي رهي آهي ،اگهه رڳو دوائن جا نه وڌيا آهن ڪابه اهڙي شي نه آهي جنهن جون قيمتون نه وڌيون هجن يا ان جو بحران نه ٿيو هجي اٽي کان وٺي کنڊ توڙي عام استعمال جون ٻيون شيون هجن اهي مهانگيون به ٿيون ته مارڪيٽ ۾ انهن جي کوٽ به پيدا ٿي .اڳ ۾ ته مخالف ڌر حڪومت تي تنقيد ۽ دوائن جي ڪمپنين سان مليل هئڻ جو الزام هڻي رهي هئي هاڻي ته حڪومتي ڌر جا ميمبر پاڻ اها ڳالهه ڪري رهيا آهن جنهن جو مطلب مهانگائي عام ماڻهن کي ايتري حد تائين متاثر ڪيو آهي جو سرڪار ۾ ويٺل ميمبر به عوام جي پڇاڻي کان تنگ ٿي پنهنجي ئي حڪومت جي پاليسين تي تنقيد ڪري رهيا آهن يا اگهه گهٽائڻ جا مطالبا ڪري رهيا آهن. جڏهن ته حڪومت جو سڄو زور رڳو سياسي معاملن کي منهن ڏيڻ ۾ نظر اچي رهيو آهي روز وفاقي وزير اچي پريس ڪانفرنس ڪن ٿا پر ڪنهن به پريس ڪانفرنس ۾ نه ڪي معاشي معاملن، مهانگائي ۽ بيروزگاري تي ڳالهايو ٿو وڃي نه ئي انهن مسئلن کي منهن ڏيڻ جي ڪا پاليسي ڪا گائيڊ لائين ٻڌائي وڃي ٿي بس سياسي الزامن ۽ جوابن جي ڏي وٺ لڳي پئي آهي جنهن ڪري عوام سمجهي ٿو ته حڪومت کي سندن مسئلن سان ڄڻ ڪا دلچسپي ئي ناهي.
اسان سمجهون ٿا ته ملڪ جا سياسي معاملا به اهم آهن انهن بابت عوام کي آگاهه ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي پر حڪومت جو اصل ڪم ته ملڪي عوام جي زندگي ۾ بهتري آڻڻ به هجڻ گهرجي ڇو ته ڏينهون ڏينهن جي مهانگائي کان عوام بيزار ٿي پيو آهي ۽ اها مهانگائي هاڻي عوام جي برداشت کان ٻاهر ٿي وئي آهي جيڪڏهن حڪومت کي مخالف ڌر جي مهانگائي بابت ڳالهين تي اعتبار ناهي ته نه ڪري پر گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ميمبرن جي ڳالهين کي مان ڏئي جيڪي ووٽ وٺي اسيمبلي ۾ پهتا آهن ۽ مهانگائي بابت عوام جي آواز جي ترجماني ڪري رهيا آهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *