تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مهانگائي جا عوام تي حملن مٿان حملا

ملڪي تاريخ جي شايد هي پهرين حڪومت آهي جنهن ۾ عوام مٿان هڪ ٻئي پٺيان مهانگائي جا ايئن حملا ٿيا هجن.قدرتي آفتن جي ڪري انهي عوام جي مشڪلاتن ۾ آيل اضافو الڳ آهي،پي ٽي آءِ جي حڪومت جيڪا عوام کي ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر ڏيڻ جي نعري سان آئي انهي حڪومت دوران ميڊيا سميت هر انڊسٽري مان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويا. ڪورونا، ماڪڙ ۽ آخر ۾ ٻوڏ ملڪي معيشت سان گڏ ماڻهن جي انفرادي مالي حالت به خراب ڪري ڇڏي.انهن حالتن ۾ عوام جي چونڊيل حڪومت جو فرض ٿئي پيو ته اهڙيون پاليسيون جوڙي يا اهڙا فيصلا ڪري جيڪي اڳ ۾ ماريل عوام جي تڪليفن کي ڪنهن حد تائين گهٽائي سگهن پر هتي قصو ان جي ابتڙ هلي رهيو آهي.اڃان ماڻهو اٽي کنڊ ۽ پيٽرول جي وڌايل قيمتن وارو بار ئي نه سهي سگهيا هيا ته اوچتو ئي اوچتو زندگي بچائيندڙ دوائن جي قميتن ۾ واڌارو ڪيو ويو،عام ماڻهو کان وٺي سياسي اڳواڻ حڪومت جي انهي فيصلي تي تنقيد ڪري رهيا هيا ته وري بجلي جو في يونٽ اگهه تقريبن پوڻا ٻه رپيا وڌايو ويو آهي.انهي سان گڏوگڏ يوٽيلٽي اسٽورن تي سستي اگهه ۾ ملندڙ کاڄرو تيل ، گيهه ،سڪل کير ،ٻارن جي خوراڪ لاءِ استعمال ٿيندڙ شيون ۽ ٻين عام استعمال جي شين جا اگهه به وڌائڻ واري خبر عام ماڻهن تي ڪنهن آفت جيان اچي ڪڙڪي آهي. جنهن سان لڳي ٿو ته ملڪي معيشت تي جيڪي ڏکيا ڏينهن آهن انهن کي سنڀالڻ جو سڄو بار حڪومت عوام تي اڇلائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي پر اهو ناهي سوچيو ته روزگار جا موقعا گهٽجڻ ،عام ماڻهو جي آمدني گهٽجڻ ۽ ڪاروبار واپار کي نقصان پهچڻ ۽ تازين برساتن ۽ ماڪڙ جي حملن ڪري زراعت تباهه ٿيڻ سباڳ ئي عوام جي آمدني کي وڏو ڌڪ لڳو آهي. ڏکئي وقت ۾ عوام کي سهولت ڏيڻ جو ڪم حڪومتون ڪنديون آهن جڏهن حڪومت پنهنجو بار به لاهي عوام تي اڇلائي ڇڏي ته عوام پنهنجي پورت جو بندوبست ڪيئن ته ڪري سگهندو. جيڪي ماڻهو اڳ 100 رپيو ڪمائڻ جي پوزيشن ۾ هوندو هيو ان جي ڪمائي اچي 50 رپيا بيٺي آهي ته پوءِ عام استعمال جي شين کان وٺي پيٽرول،بجلي ۽ دوائن جي قيمتن ۾ اضافو هو ڪيئن پورو ڪري سگهندا؟جنهن جو مطلب ته عوام جي زندگي جيڪا اڳ ئي سورن ۾ گذري رهي هئي اها وڌيڪ ڏکي گذرندي جنهن جي نه حڪمران پارٽي کي پرواهه آهي نه ئي وري مخالف ڌر جون پارٽيون ان معاملي تي بيانبازي کان اڳتي وڌي ڪو احتجاج ڪو لائحه عمل جوڙي سگهيون آهن جو حڪومت کي دٻاءُ وجهي اهڙا فيصلا واپس وٺرائي سگهن. جيڪڏهن حڪمران پارٽي کي عوام جي پرواهه هجي ها ته اها لڳاتار مختلف مدن ۾ قيمتن جي واڌ جي اجازت ڏيڻ کان اڳ 100 ڀيرا سوچي ها ۽ مخالف ڌر کي عوام جي مسئلن تي پريشاني ٿئي ها ته هر فورم تي حڪومت جي اهڙن فيصلن کي چئلينج ڪندي نظر اچي ها پر لڳي ٿو ٻنهي جو رويو روايتي آهي حڪومت ملڪي معيشت جي خراب حالت جو ذڪر ڪري مهانگائي کي مجبوري ڄاڻائي رهي آهي ته مخالف ڌر بيان جاري ڪري ڄڻ ته سمجهي ٿي ته انهن پنهنجي ذميواري پوري ڪري ڇڏي انهي وچ ۾ ڪٿي به اها پرواهه نظر نه ٿي اچي ته عوام جي حالت ڇا ٿيندي.جيڪو مزدور ڏهاڙي 500 رپيا ڪمائي ٿو اهو پنهنجي 4 ڀاتين واري خاندان جو گذر ڪيئن ڪري سگهندو؟
اهي ته اهڙين شيون آهن جن جي سرڪار طرفان باضابطه قيمتون وڌائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي پر عام استعمال جي شين جي اگهن ۾ پاڻمرادو واڌ اڳ ئي عوام لاءِ عذاب بڻيل آهي. وڌندڙ مهانگائي ڪري حالتون اتي اچي پهتيون آهن جو ماڻهو دال روٽي جو بندوبست ڪرڻ کان قاصر آهن.
اسان سمجهون ٿا ته جنهن نموني جي مهانگائي ٿي آهي ان ۾ عام مزدور ۽ ڏهاڙي تي ڪمائڻ وارن جي گذاري ڪرڻ جو ته سوچي ئي نه ٿو سگهجي پر پگهاردار ۽ لوئر مڊل ڪلاس جا ماڻهو به انهي حالت تي پهچندا جو اهي سوچڻ تي مجبور هوندا ته اهي انهي مهانگائي ۾ ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪن يا ڪنهن بيمار فرد جي دوائن جو، بجلي جو بل ڀرين يا موٽر سائيڪل لاءِ پيٽرول تي اهي پئسا خرچ ڪن. جيڪڏهن حڪومت عام ماڻهو جي زندگي ۾ بهتري نه ٿي آڻي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ انهن جي اڳ ئي ڏکي گذرندڙ زندگي جي ڏکياين ۾ ته اضافو نه ڪري.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *