Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_ukieeq1vauva04oviagqo5grqe, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ٿيندو؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ٿيندو؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

مهانگائي جو جن بوتل ۾ بند ٿيندو؟

مهانگائي جو جن جيئن بوتل مان ٻاهر نڪتو آهي اهو هر شيءَ کي کائي رهيو آهي ۽ کائڻ پيئڻ جي هر شيءَ عوام جي پهچ کان پري ٿي رهي آهي،هاڻي ته ڪنهن به شيءَ جو اگهه پڇجي ٿو ته ماڻهو کان ڇرڪ ڇڏائجي ٿو وڃي،ڪنهن به حڪومت جي لاءِ انهي کان وڏو ٻيو ڪو امتحان نه ٿو ٿي سگهي ته هو عام ماڻهو کي رليف پهچائڻ ۾ ناڪام ٿئي .عوام هر شيءَ برداشت ڪري سگهي ٿو پر جڏهن سندس ٻچن جي وات مان گرهه کسجڻ لڳندو آهي تڏهن هو ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.
ملڪ ۾ هن وقت جيڪا معاشي صورتحال آهي انهي عوام کي هر شيءَ کان ڄڻ ته محروم ڪري ڇڏيو آهي ،ماڻهو هاڻي دال پٽاٽو کائڻ جهڙا به نه رهيا آهن ،کاڌي پيتي جون شيون جنهن انداز ۾ مهانگيون ٿي رهيون آهن انهن کي ڏسي لڳي ٿو عوام رکو گرهه کائڻ لاءِ به پريشان هوندا. اٽو جيڪو ڪجهه وقت اڳ تائين 50 رپيا ڪلو تائين ملي رهيو هو، اهو هاڻي 70 کان 75 رپين تائين پهتو آهي ۽ خراب اقتصادي صورتحال سبب ماڻهن کي ڪمائي لاءِ مزدوري به نه ٿي ملي جيڪو ماڻهو ڏهاڙي 5 سو رپيا ڪمائي ٿو جيڪڏهن انهي جي خاندان ۾ 4 کان 8 ڀاتي آهن ته انهن پئسن ۾ ٻن ويلن جي ماني لاءِ هو رڳو اٽو ئي مس وٺي سگهي ٿو، پٽاٽا جيڪي 20 کان 30 رپين تائين اهي 80 کان 10 رپيا ڪلو تائين پهچي چڪا آهن ڪا هڪڙي سبزي ناهي جيڪا 100 رپيا ڪلو کان گهٽ قيمت ۾ ملندي هجي،اندزاو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪو پورهيت ڪو هاري ڪو گهٽ آمدني وارو سرڪاري ملازم اهڙي صورتحال ۾ پنهنجي زندگي ڪيئن گذاري سگهندو ۽ پنهنجي خاندان جي پورٽ ڪيئن ڪري سگهندو، زندگي جا ٻيا معاملا ته ٿيا پري رڳو ٻه ويلا ماني سک سان ملڻ ئي مسئلو ٿي ويو آهي .
مهانگائي عوام جي دشمن ته آهي ئي آهي پر ڪنهن به حڪومت ۽ سياسي حڪومت لاءِ مهانگائي جهڙو ڪو به دشمن نه ٿو ٿي سگهي اهو به ان وقت جڏهن هڪ طرف ملڪ جون وڏيون مخالف ڌر جون پارٽيون حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ سندرا ٻڌي چڪيون هجن، انهي وقت ۾ مهانگائي جو طوفان حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ جو وڏو هٿيار ثابت ٿي سگهي ٿو.حڪومت خلاف سياسي مهم ايڏو اثر شايد عوام ۾ نه وجهي سگهي پر جڏهن مهانگائي وارو هٿيار انهي سان گڏجي پوندو ته اهو حڪومت خلاف گهڻو اثرائتو ٿيندو .توڙي جو وزيراعظم انهي وڌندڙ مهانگائي کي روڪڻ جو عزم ڪيو آهي پر ڪٿي به ڪو مڪينزم نظر نه ٿو اچي نه ئي ڪا پاليسي نظر ٿي اچي ته انهي مهانگائي کي ڪيئن روڪيو ويندو.وزيراعظم پنهنجي ٽائيگر فورس کي هدايت ڪئي آهي ته اهي مهانگائي تي نظر رکن ۽ پورٽل تي انهي جون شڪايتون درج ڪرائين.انتظامي معاملن ۽ حڪومتي ڪمن ۾ سياسي ڪارڪنن کي استعمال ڪرڻ جا خراب نتيجا نڪرندا آهن جيڪڏهن انهي ڪم لاءِ به ٽائيگر فورس کي استعمال ڪرڻو آهي ته پوءِ هي هيڏي ساري انتظامي ۽ حڪومتي مشينري ڪهڙي ڪم جي آهي. ذميوارا ادارا ۽ کاتا ڪهڙي کاتي مان عوام جي ٽئڪس جي پئسي مان پگهارون ۽ سهولتون کڻي رهيا آهن .
اسان سمجهون ٿا ته هي مهانگائي جو طوفان حڪومتي ۽ انتظامي اهليت کي وائکو ڪري رهيو آهي جڏهن زرعي ملڪ سڏجندڙ ملڪ ۾ اٽي ۽ سبزين جو بحران هجي ۽ انهن جا اگهه آسمان سان ڳالهيون ڪندا هجن ته باقي ٻيا معاملا ڪيئن هلندا هوندا ان جو اندازو ڪرڻ ايڏو ڪو ڏکيو ناهي. تنهن ڪري حڪومت کي انهي مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ترت ۽ تڪڙا فيصلا ڪري قدم کڻڻا پوندا، پورٽل تي ٽائيگر فورس جي شڪايتون درج ڪرائڻ کان هي معاملو گهڻو چڙهيل آهي ان ڪري انهي تي اهڙي قسم جو ڌيان ڏيڻ گهرجي، ايئن نه ٿئي ته مهانگائي جو ماريل عوام به سڀاڻي بک تي بيوس ٿي ويهڻ بدران روڊن تي نڪرڻ تي مجبور ٿي پئي جنهن کي سنڀالڻ ڪنهن جي وس ۾ نه هوندو،انهي ڪري اهڙي صورتحال ٿيڻ کان اڳ ئي انهي مهانگائي جي جن کي بوتل ۾ بند ڪرڻو پوندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *