تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

مهانگائي جو ٻلو ۽ ڪبوتر وانگر اکيون ٻوٽيندڙ حڪمران

مهانگائي هن وقت گذريل 8 ورهين جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي اهي ڊيڄاريندڙ انگ اکر ڪنهن سروي ڪندڙ ڪمپني،ڪنهن آرگنائيزيشن جا ناهن پر اهي انگ اکر سرڪاري رپورٽ ۾ جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته وزيراعظم مهانگائي کي مخالف ڌر جي پروپئگنڊا قرار ڏيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ناهي.شماريات کاتي پنهنجي جائزاتي رپورت وفاقي سرڪاري کي اماڻي ڇڏي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي 800 ڏينهن دوران کنڊ 45 رپيا 88 پئسا،اٽو 11 رپيا ،چانور 15 رپيا،۽ گيهه 64 رپيا في ڪلو تي مهانگا ٿيا ،جڏهن ته دال مسور47 رپيا،دال چڻا26 روپيا،ٻاڪرو گوشت 203 رپيا،ڳائو گوشت 98 رپيا ڪلو تي مهانگو ٿيو جڏهن ته پٽاٽن جي اگهه ۾ 40 رپيا،بصر جي اگهه ۾ 37 رپيا في ڪلو تي اضافو ٿيو آهي انهي کانسواءِ بيضن جو درجن 72 رپيا وڌي ويو، کير ،ڏهي جي اگهه ۾ به اضافو ٿيو ، جڏهن ته رڳو بجلي ۽ گئس جي اگهن ۾ واڌ تي 550 ارب رپين جو عوام تي اضافي بار پيو آهي.
شماريات کاتي پاران وفاقي حڪومت ڏانهن موڪليل انهي جائزاتي رپورت تي جيڪڏهن نظر ڦيرائجي ٿي ته هر شيءَ ۾ مهانگائي جو طوفان نظر اچي ٿو ،مٿي رڳو انهن شين جو ذڪر ڪيو ويو آهي جيڪي عام ماڻهو جي زندگي جو اهم جز آهن، جن کانسواءِ زندگي جو گذر سفر تقريبن ناممڪن آهي جڏهن ته زندگي جي ٻين ضرورتن جي اگهه ۾ جيڪو واڌارو ٿيو آهي اهو انهي کان الڳ آهي انهي ۾ ڪپڙي لٽي کان وٺي دوائن ۽ تعليم جي خرچن سميت ڪيترا ئي ائٽم آهن جن جو مٿي ذڪر ئي نه ڪيو ويو آهي ۽ وري جيڪڏهن نظر ڪجي عوام جي قوت خريد يا آمدني تي ته انهن 800 ڏينهن دوران ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي، هڪ طرف انهي مهانگائي عوام کي سوڙهو ڪيو آهي ته ٻئي طرف انهن جا آمدني جا ذريعا گهٽجي ويا آهن ،ڪنهن به سيڪٽر ۾ روزگار جا ذريعا پيدا نه پيا ٿين ،هڪ طرف ڪورونا جي وار شهري صنعتن کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي ته ٻئي طرف ماڪڙ ۽ برساتي ٻوڏ زراعت جهڙي اهم شعبي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو، مٿان رهيل سهيل ڪسر حڪومت جي پاليسين ڪڍي ڇڏي. حڪومت معيشت کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي پاليسيون جوڙڻ بدران رڳو خرچ گهٽائڻ جي آڙ ۾ ملازمن کي بيروزگار ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ،اسٽيل ملز کان وٺي پي آءِ اي ۽ ريلوي کان وٺي ريڊيو پاڪستان تائين رڳو ملازمن کي بيروزگار ڪري اهو سمجهيو ويو ته معيشت تي اضافي بار گهٽائي سگهبو، جڏهن ته اهو خيال نه ڪيو ويو ته ملازمتن جا موقعا پيدا ڪرڻ سان ئي معيشت بهتري طرف وڃي سگهي ٿي ،جڏهن ماڻهن ۾ قوت خريد هوندي ته پرائيويٽ بزنس به وڌي سگهندو جنهن سان هڪڙو سرڪل قائم ٿيندو جيڪو انهي مهانگائي ۽ بيوزگاري جي طوفان کي منهن ڏئي سگهندو. موجوده پي ٽي آءِ حڪومت اچڻ کانپوءِ اها روش لڳاتار ڏٺي وئي آهي ته هر بحران جو ذميوار اڳوڻين حڪومتن کي قرار ڏئي پنهنجي جان آجي ڪرائجي. جڏهن ته معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ نه ڪو ڌيان ڏنو ويو نه ئي ڪي پاليسيون نظر آيون جنهن سان سڌو سنئون عام ماڻهوپ کي فائدو پهچي سگهي. جڏهن وزيراعظم هائوس جون مينهون ۽ گاڏيون وڪڻڻ جهڙا نمائشي قدم کنيا ويا جنهن جو معيشت تي اثر اٺ جي وات ۾ زيري جيترو به نه پئجي سگهيو پر واهه واهه ٻڌڻ لاءِ ضرور ملي پر انهي واهه واهه سان معيشت کي لڳل کاٽ کي لڪائي ته نه پيو سگهجي، جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندڙ مهانگائي جي صورت ۾ ظاهر ٿيو آهي. ٻئي طرف وري اسان جا حڪمران حقيقت کي قبولڻ کان الائي ڇو انڪاري هوندا آهن. هن مهانگائي جي طوفان کي به وزيراعظم مخالف ڌر جي پروپئگنڊا قرار ڏئي رهيو آهي جڏهن ته اهي انگ اکر سرڪاري اداري جاري ڪيا آهن .ٻي اهم ڳالهه اها ته جيڪڏهن حقيقت ۾ مهانگائي نه هوندي ته مخالف ڌر ڀلي لکين دفعا پروپئگنڊا ڪري پر ان جو عوام تي اثر ناهي پوڻو، جيڪڏهن عوام انهي پروپئگنڊا ۾ اچي ٿو ته انهي جو مطلب ته واقعي مهانگائي ٿي آهي جنهن عوام جو جيئڻ جنجال ڪيو آهي .اسان سمجهون ٿا ته شماريات اداري جا جاري ڪيل انگ اکر حڪومت جون اکيون کولڻ لاءِ ڪافي هجڻ گهرجن ان مهانگائي کي مخالف ڌر جي پروپئگنڊا جو الزام هڻي انڪار ڪرڻ ٻلي کي ڏسي ڪبوتر جي اکيون ٻوٽڻ وانگر ئي آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *