Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_r2idso9kdvul3m72a3npn46mqc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مودي سرڪار جو ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مودي سرڪار جو ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *اڪري چودڳي: سرڪاري پلاٽن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پيروسڻ شهر ۾ آپريشن شروع *ڪرين ذريعي علي بحر واھه جي ڪپن تان 200 کان وڌيڪ دڪانن کي ڊاهڻ جو ڪم جاري*
  • *نوشهروفيروز: ٺاروشاھه ۾ نافرمان پٽ پيرسن پيءُ کي قتل ڪري ڇڏيو *جوابدار محراب ڪھاڻين جا وار ڪري پيرسن پيءُ غلام علي سولنگي کي قتل ڪيو *پئسا نه ڏيڻ تان جوابدار پيرسن پيءُ کي قتل ڪيو، جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي: پوليس*
  • *اسلام آباد: پاڪ فوج ۾ 6 ميجر جنرلز کي ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تي ترقيون *ميجر جنرل اختر نواز ۽ ميجر جنرل سردار حسن اظهر حيات کي ليفٽيننٽ جنرل طور ترقي *ترقي ماڻيندڙن ۾ ميجر جنرل آصف غفور ۽ ميجر جنرل سليمان فياض غني شامل *ميجر جنرل سرفراز علي ۽ ميجر جنرل محمد علي کي به ليفٽيننٽ جنرل جي عهدي تر قي*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف ۽ ٻين خلاف رينٽل پاور ريفرنس *راجا پرويز اشرف جي اڄ حاضري کان ڇوٽ واري اپيل عدالت منظور ڪري ورتي *نيب پاران پنجين شاهد يوسف جو بيان قلمبند ڪيو ويوآهي: آگاهي*
  • *شڪارپور جي ڳوٺ ڏاتو خان جعفري ۾ پاڻي واري تان تان جهيڙو، 6ڄڻا زخمي، لاڙڪاڻي منتقل *زخمين ۾ پھلوان جعفري، وڪيل، صفدر، گل شير، محمد حسن ۽ شھمير شامل*
  • *ملتان: اسٽيڊيم قلعي قاسم باغ ۾ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تالا ٽوڙڻ تي ڪيس داخل *جاويد صديقي، شيخ طارق رشيد، عبدالوحيد آرائين سميت 30 ماڻهن خلاف ڪيس داخل*
  • *ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ رات کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري *صدر، لياقت آباد، لياري،ملير، قائد آباد، گلستان جوهر ۽ ٻين علائقن ۾برسات *برسات کانپوءِ ٿڌ وڌي وئي، شهرين جو گرم ڪپڙن جي دڪانن ڏانهن رخ*
  • *گمبٽ: نئون ڳوٺ پٺاڻو ڀرسان فيض بحر واهه کي 15فوٽ گهارو پئجي ويو *گهاري سبب فصل ۽ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا، ڳوٺاڻا گهرن مان سامان ڪڍڻ تي مجبور *آبپاشي عملدار اطلاع ڏيڻ باوجود گهاري واري هنڌ ناهن پهتا: ڳوٺاڻا*
  • *پ پ جو سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻو وفاقي وزير چوڌري احمد مختار لاڏاڻو ڪري ويو *احمد مختار ڊگهي عرصي کان بيمار هو، لاهور جي اسپتال ۾ ساهه جي تند ٽٽي پئي*
  • *سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻو ايم اين اي جادم مڱريو ڪورونا وگهي لاڏاڻو ڪري ويو*
  • *ڦل ڀرسان ڳوٺ مٺل وڳڻ وٽ هڪ ڪار روڊ کان هيٺ ڪري پئي *ڪار گذريل رات دير سان ڪري آهي، اسان جي نظر هاڻي پئي آهي: ڳوٺاڻا *حادثي سبب جاني نقصان جو خدشو، پوليس کي اطلاع ڏنو ويو *
  • *سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات، ٿڌ ۾ واڌ *ميرپور خاص، شاهپور چاڪر، پيرونمل، کورواهه، ميان صاحب، ڀٽ شاهه ۽ ملڪاڻي شريف ۾ برسات*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس:جوابدار احد چيمه ۽ شاهد شفيق جي ضمانت بابت ٻڌڻي *آشيانه هائوسنگ سان ناڻي کي ڪو به نقصان نه پهتو: وڪيل شاهد شفيق *ائين نه ڪيو، هر ڪيس ۾ اهي شيون ٿي رهيون آهن: جسٽس مشير عالم جا ريمارڪس*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس ۾ والدين ۽ سنڌ حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدارن جي آزادي جو فيصلو معطل ڪرڻ جي استدعا رد ڪري ڇڏي *گهڻي عرصي کلان اپيلون ٻڌڻي هيٺ آهن، اڳ ڪجهه نه ٿيو، هاڻي به ڪجهه نه ٿيندو: جسٽس مشير عالم*
  • *امريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدارن جي آزادي خلاف اپيل رد ڪري ڇڏي *سنڌ سرڪار ۽ ڊينيئل پرل جي والدين جوابدارن جي آزادي وارو فيصلو معطل ڪرڻ لاءِ اپيل داخل ڪئي هئي*

مودي سرڪار جو ڪشمير ۾ ظلم ۽ بربريت

اهڙي وقت جڏهن سموري مهذب دنيا ڪرونا وائرس جي اثرن سبب گڏيل تعاون ۽ اعتماد سان گڏ هن وبا جو مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف آهي، اهڙي وقت به هندستان جي مودي سرڪار نه صرف هر روز اشتعال پکيڙڻ جوسلسلو نه رڳو جاري رکيو آهي پر ان ۾ اضافو پڻ ڪندي رهي آهي. نئين دهلي لاءِ سڀ کان گهڻي پريشاني واري ڳالھه اها هجڻ گهرجي ته والاريل ڄمون ڪشمير ۾ موجود سندس 9 لک فوجي پنهنجي تمام گهڻي جديد اسلحي باوجود گهربل نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ڇو رهيا آهن، ان جي برعڪس مودي سرڪار جي پاليسي ساز ادارن ۽ شخصيتن اهو طريقو اختيار ڪيو آهي ته پاڙيسري ملڪن سان ڇڪتاڻ جاري رکي ان جي آڙ ۾ پنهنجي توسيع پسنداڻن ارادن حقيقت جو روپ ڏنو وڃي. دراصل هي طريقو”هندوتوا“ ذهنيت جو عڪاس جنهن مطابق ڀارتي سرزمين تي صرف ۽ صرف هندو مذهب وارا ئي آباد ٿي سگهن ٿا ۽ پاڙيسري ملڪن کي ان حقيقت جو چپ چاپ اعتراف ڪرڻ گهرجي.
عالمي برادري جي سفارتي حلقن ۾ والاريل ڄمون ڪشمير جي صورتحال کي هاڻي ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سنجيدگي سان ڏٺو وڃي ٿو۔ مهذب دنيا لاءِ صرف اها حقيقت ئي حيران ڪندڙ آهي ته مودی سرڪار والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي تي ڌاڙو هنيو آهي ۽ اتي انساني حقن جون شرمناڪ حد تائين خلاف ورزيون عالمي رڪارڊ جو حصو بڻجي رهيون آهن۔ اعتبار جوڳن ۽ قابل اعتماد ذريعن مطابق 5 آگسٽ تي والاريل ڪشمير جي خصوصي حيثيت واري قانون‘ آرٽيڪل 370 ۽ 35-A جي خاتمي کي هڪ سال پورو ٿيڻ تي والاريل وادي جو عوام پرامن انداز ۾ ڪارو ڏينهن ملهائيندو جڏهن ته ساڳئي ڏينهن هندو انتهاپسندن طرفان مسمار ڪيل بابري مسجد جي جڳهه تي هندو مندر جي تعمير شروع ڪئي ويندي، جنهن جي افتتاحي تقريب ۾ وزيراعظم مودي جي شريڪ ٿيڻ جي تصديق ميزبان انتظاميا پاران ڪئي وئي آهي.
ڀارت ۾ اهڙا حقيقت پسند دانشور ۽ امن پسند ماڻهو موجود آهن جن کي ڀلي ڀت علم آهي ته دنيا جي هر مسئلي کي ڳالهين وسيلي حل ڪري سگهجي ٿو ، جنگ ان معاملي ۾ نتيجا ڏيندڙ ۽ بهتر ثابت نه ٿيندي آهي۔ پاڪستان لاتعداد ڀيرا ڀارت کي ڪشمير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي دعوت ڏني آهي ۽ هن ڏس ۾ ڪجھه غيرملڪي همدرد دوستن طرفان ٽياڪڙي جي تجويز به پاڪستان قبولي آهي پر ڀارتي حڪومت هميشه انڪار ڪندي فراريت جو رستو اختيار ڪيو آهي ۽ هاڻي مودي سرڪار ته هن ڏس ۾ پنهنجي ملڪ جي ماضي جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن۔ مودي سرکار جو خيال آهي ته اها اسلحي ۽ گولي بارود جي ذخيرن جي ڏڍ تي پنهنجي توسيع پسنداڻن ارادن کي مڪمل ڪندي پر عالمي مبصر ان خيال کي ”ديواني جو خواب“ قرار ڏئي چڪا آهن۔
مودي سرڪار جي عسڪري جنون جو اندازو ايئن لڳائي سگهجي ٿو ته خود ڀارتي ميڊيا مطابق ڀارت رافيل جنگي جهاز بعد فرانس سان خطرناڪ هيمر ميزائل خريدڻ جو معاهدو پڻ ڪيو آهي، هي ميزائل جابلو علاقن ۾ تنصيبات تباھ ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. 5 رافيل جنگي جهاز 29جولاءِ تي ڀارت جي امبالا ايئرپورٽ تي پهچي وڃڻ جا اطلاع پڻ آهن پر اڃا تائين سرڪاري سطح تي ڪا تصديق جاري نه ٿي آهي، وڌيڪ ڀارتي فوج ايمرجنسي بنياد وارن پنهنجي اختيارن جو استعمال ڪندي فرانس سان هيمر ميزائل خريدڻ جو معاهدو ڪيو آهي۔ هيءَ ڳالھه پڻ قابل ذڪر آهي ته ڪانگريس جي سينئر رهنما منيش تواري اهو سوال اٿاريو آهي ته هيمر ميزائل جو معاهدو رافيل جهازن جي سودي وقت ڇونه ڪيو ويو؟! هن اهو به ڄاڻايو آهي ته هن معاملي ۾ سستي قيمت تي ملندڙ اسپائيڊر ۽ پيووي هٿيارن جي باري ۾ ڇونه سوچيو ويو، جيڪي هٿيار اڳ ۾ ئي ڀارتي هوائي فوج جي اسلحي خاني ۾ موجود آهن۔ بي جي پي جي سيڪريٽري جنرل ڀوپندار يادو جو چوڻ آهي ته جيڪو ماڻهو حڪومت کان پنهنجي سرحدن جي دفاعي حڪمت عملي متعلق سوال ڪري رهيا آهن انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته رافيل جهازن کي هيمر ميزائلن سان ليس ڪيو پيو وڃي۔
هڪ رپورٽ مطابق 60 کان 70 ڪلوميٽرن تائين مار ڪندڙ هيمر ميزائل پنهنجي هدف کي ڪاميابي سان تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔ فرانس جي اختيارين ڀارتي اختيارين کي يقين ڏياريو آهي ته هيمر ميزائل جلد ئي ڀارت حوالي ڪيو ويندو۔ پڙهندڙن کي ياد هوندو ته پاڪستان جي هر حڪومت عالمي برادري سامهون پنهنجي ان خدشي جو اظهار ڪيو آهي ته ڀارت پاڪستان جي سلامتي کي خطرو پهچائڻ لاءِ پاڻ وٽ دهشتگرد تنظيمون ۽ انهن جا محفوظ ٺڪاڻا آهن۔ ان جي جواب ۾ ڀارتي حڪومت ساڳيو الزام اسلام آباد مٿان پئي مڙهيو آهي۔ واضح رهي ته ڀارتي حڪومت ۽ اسرائيل وچ ۾ بيحد قريبي ۽ دوستاڻا تعلقات ڳنڍيل آهن ۽ عالمي ميڊيا تي اسرائيل سان تعلق رکندڙ يهودي لابي قابض آهي، جيڪا پاڪستان خلاف روز منفي پروپيگنڊا جو گند اڇلائڻ وارو موقعو ضايع نٿي ڪري.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *