تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مورڙو اِن ڪورٽ!!

صبح جي پهر ۾ جيئن ئي مورڙي جي اک کلي ته هي دنگ رهجي ويو هن ڪمري جي جيئن ئي دري کولي ته ، سامهون هر طرف ساوڪ ئي ساوڪ ئي هئي وڏا صنوبر جا وڻ، ڪوئل جون ٻوليون، جهرڪين جي چون چون، ٿڌي هوا جا سرور وارا جهوٽا ۽ فضا ۾ من موهيندڙ سناٽو هو، هي ڪراچي کان رات جي اونداهي ۾ اسلام آباد آيو هو، هن جي تصور ۾ نه ئي هو ته اسلام آباد جي صبح ايڏي ڪا خوبصورت ٿيندي آهي هن سمجهيو پئي ته هي جڏهن صبح جو ننڊ مان جاڳندو ته هر طرف هوڪرا هوندا، گاڏين جو گوڙ هوندو، رڪشائن جي پين پين هوندي ، مني بسن جي ڪنڊيڪٽرن جا پشتو ۾ هوڪا هوندا گڏھه گاڏن وارن جون رڙيون هونديون “او چل جلدي چل، راسته دي” يا ڪو وانا وزير ستان جو پٺاڻ ٽيڪسي ۾ ويٺل مسافر کي چوندو هوندو“ لالا ڪراچي ٿو ڪابل اور پشاور سي ڀي پشتو زبان بولني والون کا بڙا شهر هي!”
پر هتي ته قصو ئي ابتو آهي هي شهر آهي يا فطرت جي ٽڪساٽ سان جڙيل ڪو طلسماتي قلعو سڀئي شيون توازن ۾ ايئن آهن جيئن فطرت توازن ۾ هوندي آهي. هن ڪمري جي دروازي جي در تي ٿيندڙ ٺڪ ٺڪ تي دريءَ مان ڏسندڙ اسلام آباد جي حسن تان اک ڦيري ۽ وڌي وڃي در کوليو.
ڊگهن سلڪي وارن واري ڇوڪريءَ هن کي سلام ڪيو هن ان کي غور سان ڏٺو هن جي نڪ ۾ سنهي سوني تار پيل هئي، هن جو چهرو ڏسي هن کي شڪارپور جي اها ڇوڪري ياد آئي جيڪا هن سان منهوڙي تي جڏهن ملي هئي ته هن ايئن محسوس ڪيو هو ته هن جي دل جي منهوڙي جي ڪچي ڀت کي ڄڻ 1831ع کان پوءِ ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو ٻيهر ڪو گولو اچي لڳو هو. اها شڪارپوري ڇوڪري هن سان سمنڊ ڪناري تي پسار ڪندي پڇي ويٺي هئي ته ڪراچي ڪنهن جي آهي؟! مورڙي چيو ته ڪراچي سنڌين جي آهي. ڇوڪريءَ ٺيڪ شڪارپور جي اترادي لهجي ۾ چيو“ مان کي ته ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي مني پاڪستان آهي” ڪراچي پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن ماڻهن جي ملڪيت آهي ڪي ته ايئن چون ٿا “ڪراچي همارا هي” .
مورڙي کلي چيو ته ڪراچي ڪو يتيم خانو ته ناهي جو ان کي مني پاڪستان چئون، نه ئي ڪراچي تي ڪنهن حملو ڪري جنگ کٽي ڪراچي تي قبضو ڪيو آهي جو اسان چئون ته ڪراچي مني پاڪستان آهي، ڪراچي صدين کان سنڌ آهي ۽ قيامت تائين ڪراچي سنڌ ئي رهڻو آهي. ڇوڪريءَ کلي چيو مورڙا او، هو ٿورو پريان ڏس سمنڊ جي وچ تي ڪو ٻيڙو تري رهيو آهي پر مونکي سچ ته ڪراچي جو مستقبل ٻڏندي پيو محسوس ٿئي شل ڪراچي ٻيڙو هجي ها ته مان ڪراچي کي هڪالي تاري تانگھه مان ڪڍي وڃان ها. مورڙي سمنڊ جي لهر جي پاڻي کي ٻڪ ۾ کڻي آسمان ڏانهن اڇلايو ته شڪارپوري ڇوڪري ۾ ڄڻ ٽاهه پئجي ويو مورڙي وڏو ٽهڪ ڏيئي چيو جڏهن ڪراچي ۾ ايئن ئي پنج ڪروڙ سنڌين جي هٿن جا ٻڪ گڏجي رڳو پاڻيءَ جي ڇولين کي هوا ۾ اڏائيندا ته ڪراچي جا ڪوڙا دعويدار ايئن ڇرڪ ڀري ڀاڄ کائيندا جيئن تو اڄ ڇرڪ ڀريو آهي.
مورڙي در تي دستڪ ڏيندڙ ڇوڪريءَ جي گلابي چهري مان اک ئي نه ڪڍي ته ڇوڪريءَ ٿورو پاڻ کي ساهه کڻندي سوڙهو محسوس ڪيو ۽ انتهائي احترام مان ڪرائيءَ ۾ ٻڌل واچ ڏي ڏسي چيائين ته سر اسان وٽ فقط اڌ ڪلاڪ بچيو آهي اوهان فريش ٿي هيٺ اچو ناشتو ڪريو ته پاڻ کي ملڪ جي اعليٰ عدالت ڏانهن به هلڻو آهي مورڙو هوٽل جي لابي ۾ پهتو ته سڀني جون اکيون هن ۾ ئي کتل رهيون ڄڻ چئي رهيا هجن ته سنڌي اڃان به پاڇولن جي ليڪن تي وقت ڏسڻ وارا آهن دنيا بدلجي ويئي پر سنڌين جو مزاج نه بدليو . مورڙي پاڻ کي سوالي نظرن کان بچائيندي بوفي مان ناشتو کنيو تڪڙا تڪڙا گرھه کنيا ۽ چانهن جي ڪوپ مان ڪجهه سرڪيون ڀريون، ساڳي گلابي چهري واري ڇوڪريءَ هن جي ڀرسان اچي هن کي چيو سر هلجي.هنن جي ڪار وڻن جي ڇانورن ۾ لڪل ويڪرا ۽ خاموش رستا لتاڙيندي شاهراه دستور تان ٿيندي اچي اعليٰ عدالت جي در تي بيٺي.
مورڙي پنهنجي ڪلهن ۾ پيل اجرڪ کي سنڀاليو ۽ ٽوپي جي محراب کي نڪ جي سامهون آڱر جي ليڪ سان سڌو ڪيو، سخت سيڪيورٽي جا سڀ دروازا ٽپندا نيٺ هي اعليٰ عدالت جي ايوان ۾ اچي پهتا ڪجهه ئي گهڙين ۾ عدالت جو وسيع ايوان ماڻھن سان ڀرجي ويو ته اعليٰ عدالت جي ججن جي آمد جو اعلان ٿيو، سڀ ماڻهو اٿي بيٺا جج صاحبان مهانگين، پرڪشش ويڪرين ڪرسين تي برجمان ٿيا. ٻڌڻي شروع ٿي ملڪ جي اعليٰ عدالت جي اٽارني جنرل شروعات ڪئي.
معزز جج صاحبان، وفاق چاهي ٿو ته ڪراچي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي جيئن ته اڳئين عدالتي شنوائي ۾ سنڌ حڪومت کي چيو ويو هو ته ڪراچي جي صفائي سٿرائي بابت نه صرف اڳڀرائي ڪري پر اهڙي رپوٽ به پيش ڪري پر اسان جي اطلاعن مطابق سنڌ سرڪار ڪراچي کي ھٿ سان برساتي پاڻي ۾ ٻوڙي رهي آهي ان ڪري اعليٰ عدالت کي استدعا آهي ته بنا دير ڪراچي وفاق حوالي ڪئي وڃي. اعليٰ عدالت جي جج پڇيو اڳئين فيصلن تي سنڌ حڪومت ڪيترو عمل ڪيو عدالت ڄاڻڻ چاهي ٿي. سنڌ حڪومت جي وڪيل ڪجهه تصويرون عدالت جي اڳيان پيش ڪيون ۽ چوڻ لڳو ڏسو اوهان جي حڪم تي ڪراچي کي مڪمل طور صاف ڪيو ويو آهي. اعليٰ عدالت جي وڏي جج وڪيل پاران ڏنل تصويرن کي حقارت سان ڏٺو ۽ ريمارڪس ۾ چيائين اوھان ڪراچي کي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي، اوھان جي ڪراچي سان ڪابه دلچسپي ناهي لڳي ٿو ته اعليٰ عدالت کي ڪراچي بابت ڪو وڏو فيصلو ڪرڻو پوندو. وفاق جي نمائندگي ڪندي وڪيل صاحب فرمايو ته ڪراچي بابت آئين پٽاندڙ فيصلو ٿيندو ڪراچي جو مستقبل روشن ڪرڻ جي لاءِ ضروري آهي ته ڪراچي کي وفاق حوالي ڪيو وڃي.
مورڙي ڪرسي تان اٿي رڙ ڪئي جج صاحب ڪراچي سنڌ آهي ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪرڻ جو نه آئيني نه تاريخي جواز موجود آهي. عدالتي ايوان ۾ ويٺل ماڻهن اجرڪ ڪلهي ۾ پاتل ۽ مٿي تي سنڌي ٽوپي پاتل مورڙي تي گڏجي هڪلون ڪيون ويهي رهه ويهي رهه، ڄٽ سنڌي تون عدالت جي ڪارروائي ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهين ويهي رهه ويهي رهه. مورڙي جو آواز وڏن آوازن جي گوڙ ۾ ڪجهه وقت لاءِ گم ٿي ويو پر مورڙي ڳالهائڻ بند نه ڪيو هي رڙهندو اچي جج صاحبان جي انتهائي ويجهو پهتو. گوڙ جھڪو ٿيو ته جج مورڙي کان پڇيو توهين عدالت جي قانون کان واقف آهين يا رڳو گوڙ ڪندي. مورڙي چيو جج صاحب مان عدالت جي توهين نه پر عدالت جي فيصلي ۾ مدد ڪرڻ چاهيان ٿو. جج چيو نالو ڇا اٿئي. هن چيو مان مورڙو آهيان. وڏي جج چشمي کي نڪ کان پري ڪري مورڙي ڏانهن غور سان ڏٺو، ايئن لڳو ڄڻ جج مورڙي جي نالي کان واقف هو.ٽنهي ججن پاڻ ۾ سس پس ڪئي ۽ آخر وڏي جج چيو مورڙا اڳيان اچ، عدالت جي ڪهڙي مدد ڪرڻ چاهين ٿو.
مورڙي ڳالهائڻ شروع ڪيو. محترم جج صاحبان مان مورڙو ميربحر آهيان مان ڪراچي مان آيو آهيان اها ڪراچي جيڪا صدين کان ڪلاچي جي نالي سان موجود هئي، جنهن ڪراچي کي اوهان وفاق جي حوالي ڪرڻ چاهيو ٿا ان ڪراچي ۾ منهنجي ابن ڏاڏن جون ست پيڙهيون دفن ٿيل آهن هي اها ڪراچي آهي جنهن جي تعمير ۽ ترقي ۾ اسان جي ابن ڏاڏن جو پگهر ۽ رت شامل آهي هي ڪراچي رڳو زمين جو ٽڪرو ۽ سمنڊ جو نيرو پاڻي ناهي هي ڪراچي اسان لاءِ سورج جيان آهي اسان هن جا سورج مکي آهيون جيڏانهن سج نهار ڪندو آهي اوڏانهن اسان جا ڪنڌ ورندا آهن ڪراچي رڳو گجر نالو ناهي.
منهنجا محترم جج صاحبان مان ننڌڻڪي ڪراچي جو وڪيل ٿي اڄ هن اعليٰ عدالت ۾ حاضر ٿيو آهيان. ڪراچي جي مقدر جي فيصلي ڪرڻ کان پهرين اوهان کي ڪراچي بابت مڪمل ڄاڻ حاصل ڪرڻ گهرجي مان ڊگهي تاريخ بيان ڪري اوهان جو قيمتي وقت وڃائڻ نٿو گهران ٿو. ڪراچي تي 3 فيبروري 1831ع تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ حملو ڪري منهوڙي جي ڪچي قلعي تي گولا هڻي قبضو ڪيو هو ان مزاحمت ۾ منهنجا وڏا ماريا ويا هئا چارلس نيپئر جڏهن 1843ع ۾ مياڻي جي جنگ کٽي ته هن ڪراچي کي پهريون ڀيرو سنڌ جي گادي جو شهر بڻايو ان کان اڳ حيدر آباد سنڌ جي گادي جو شهر هو.
اڳتي هلي انگريزن 1854ع ۾ ڪراچي پورٽ قائم ڪيو.1999ع تائين ڪراچي ڪڻڪ برآمد ڪرڻ وارو اوڀر جو سڀ کان وڏو بندرگاهه بڻجي ويو ان وچ واري عرصي ۾ ڪراچي ميونسپل ڪاميٽي ٺاهي ويئي ڪراچي جو پهريون ميئر سيٺ هرچندراءِ وشنداس بڻيو اهو 1911ع جو سال هو، سيٺ هرچندراءِ وشنداس کي ڪراچي جو ابو سڏيندا آهن. ان دور ۾ ڪراچي جي روڊ رستن کي خوشبوءَ واري پاڻي سان ڌوتو ويندو هو ڪراچي ۾ ڪن ڪچرو نه هو يورپ جا ماڻهو پنهنجن موڪلن جا ڏينهن اچي ڪراچي ۾ گذاريندا هئا. سمنڊ ۾ ان وقت اڃان شهر جي گٽرن جو نيڪال نه هو ان ڪري ڪراچي ۾ نه سمنڊ تي آلودگي هئي نه شهر جي گهٽين ۾ ڪچرن جا ڍير هئا. ورهاڱي کان اڳ عملي طور ڪراچي“ سنڌي شهر”هو جنهن جي ڪل آبادي ساڍا چار لک جي لڳ ڀڳ هئي جنھن ۾ 61.2 سيڪڙو ماڻهو سنڌي ڳالهائيندڙ هئا ورهاڱي کان پوءِ هٿ وٺي سنڌين کان ڪراچي کسڻ جي رٿا رٿي ويئي،
1951ع جي آدمشماري مطابق ڪراچي شهر جي آبادي ساڍا يارنهن لک جي لڳ ڀڳ ٿي ويئي لساني اعتبار سان ان آدمشماري جا انگ اکر ڇرڪائيندڙ آهن، ان آدمشماري مطابق 61 سيڪڙو سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ آبادي گهٽجي وڃي 8.6 سيڪڙو بچي جڏهن ته 6.3 سيڪڙو اردو ڳالهائيندڙ آباديءَ جو انگ وڌي 55 سيڪڙو کان به وڌي ويو. معزز جج صاحبان منهنجي هن ڳالهه تي ڌيان ڏيو 1941ع کان 1951ع جي وچ ۾ ڪراچي اندر ڌارين آبادڪاري ۾ 161 سيڪڙو هٿرادو واڌ ڪئي ويئي. جنرل ايوب خان جي دور حڪومت ۾ 60 جي ڏهاڪي ۾ پختونن جي آمد، 1972ع ۽ 1973ع جي وچ ۾ بنگلاديش مان اٽڪل ساڍا ٽي لک پناهه گير جيڪي بهاري هئا سي ڪراچي ۾ آباد ڪيا ويا. افغان جنگ کان پوءِ ٽي لک کان وڌيڪ پناهه گير ڪراچي ۾ آباد ڪيا ويا ايئن ڪراچي جي توازن کي لاڳيتو ئي تبديل ڪيو ويو.
ڪراچي ڏانهن 1960ع تائين ڀارت مان لڏي آيل ماڻهن جي غير قانوني آمد جاري رهي جن پاڻ کي سنڌ جي ڪلچر ۽ ثقافت کان ڄاڻي واڻي الڳ رکيو، جيئن اوهان چيو ته ڪراچي کي ڳوٺ بڻايو ويو آهي ايئن ئي انهن لڏي آيل ماڻهن سنڌين لاءِ نفرت مان چيو ته سنڌين جي ڪهڙي ثقافت آهي گڏهن ۽ اٺن واري ثقافت.
معزز جج صاحب ها مان ڳوٺاڻو آهيان مونکي ورهاڱي کان اڳ واري ڪراچي واپس ڪريو اها ڪراچي جنهن ۾ منهوڙي جون ٿڌيون هوائون هيون اها ڪراچي جنهن ۾ ڊرل مشين سان سوراخ ٿيل لاش اڇلايا نه ويندا هئا اها ڪراچي جنھن ۾ ڪڏهن به انسانن کي جيئري نه ساڙيو ويو. اوهان ڪڏهن غور ڪيو آهي ته ڳوٺن ۾ جهنگل جو قانون نه هوندو آهي ڳوٺ روايتن ۽ اصولن جي پاسداري ڪندا آهن ڪراچي جي هر گهٽي ۾ جهنگل جو قانون آهي ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ورهاڱي کان پوءِ ملڪ جي واڳ ڌڻين فيصلو ڪري ورتو هو ته سنڌين کان ڪراچي کسڻو آهي.
جناب اعليٰ ڪراچي ٽن ڏهاڪن کان ايم ڪيو ايم جي شهري ميئرن جي حوالي آهي فاروق ستار کان وسيم اختر تائين سڀني ڪراچي تي حڪمراني ڪئي آهي چائنا ڪٽنگ کان وٺي قدرتي نالن تي قبضن، پارڪن کان وٺي فٽ پاٿن تي قبضا انهن صاحبن جي صاحبي ۾ ٿيا ان ٽن ڏهاڪن جي حڪمراني جي باوجود به هنن کي ڪراچي الڳ صوبي طور کپي يا وري هي سازشون ڪن ٿا ته ڪراچي وفاق جي حوالي ٿئي هنن کي خبر ئي ناهي ته ڪنڪريٽ جي گهرن ۾ ويٺل هي ماڻهو ڪراچي الڳ نه پيا ڪن پر نئين بيروت کي دعوت ڏيئي رهيا آهن جنھن بيروت ۾ مونکي بم ڌماڪا، باهن ۾ سڙندڙ زنده انسان ۽ ويران رستا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن.
هي عدالت سنڌ کي وفاق کي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪلهو ڏيئي رهي آهي، عدالت جو ڪم آئين جي تشريح ڪرڻ آهي قانون سازي ڪرڻ ناهي.
جناب اعليٰ
اوهان کي ايترو ئي قانون سازي جو شوق آهي ته آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ آرٽيڪل 23 کي تبديل ڪري ڏيکاريو.آئين جو آرٽيڪل 15 ملڪ جي شهرين کي جتي کپي اتي رهڻ جو حق ڏيئي ٿو، آئين جو آرٽيڪل 23 جتي کپي ملڪ جي شهري کي زمين خريد ڪرڻ جو حق ڏيئي ٿو. هي آئين جا ٻئي آرٽيڪل منهنجي سنڌ جي خلاف استعمال ٿي رهيا آهن سڄي ملڪ جا ماڻهو منهنجي ڪراچي ۾ ڌوڪيندا پيا اچن منهنجي وطن جي زمين تي قبضو ڪري رهيا آهن.
اعليٰ عدالت جي ايوان مان گوڙ شروع ٿيو مورڙي تي ڪجهه ماڻهن الرون ڪرڻ شروع ڪيون گڏيل آواز ۾ اعليٰ عدالت ۾ موجوده اڪثريت چيو هي غدار آهي هن کي گرفتار ڪريو عدالت جي وڏي جج ڪاٺ جو مترڪو کڻي زور سان ڦهڪا ڪيا آرڊر آرڊر آرڊر .
مورڙو ماڻهن جي ميڙ مان اجرڪ ڪلهن تي سڌي ڪري ٻاهر نڪتو، شاهراهه دستور تي پهچي هن ڊوڙ پاتي پويان تيز رفتار گاڏي آئي جنهن مان لهندڙ ماڻهن هن جي اجرڪ ڪلهي مان ڪڍي هن جي مٿان وجهي گاڏي ۾ کنڀي هنيو،ان ڏينهن کان پوءِ مورڙو ڪٿي آهي ان بابت ڪنهن کي به ڄاڻ ناهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *