تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

موسمي ڦير گھير جا نتيجا

ڪراچي ۾ غير معمولي برساتون پوڻ ڪري سڄو شهر ٻڏي ويو.
حيدرآباد شهر ۾ به تمام گھڻا مينهن پيا ، سنڌ جي ٻين شهرن ۾ به تمام گھڻيون برساتون پيون
آمريڪا جي رياست ڪيليفورنيا ۾ وڄون ڪرڻ سبب جھنگن ۾ باهه لڳي ۽ اٽڪل 10 لک ٻيلا سڙي ويا. ڪيليفورنيا جي گورنر جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اوهان موسمي گھير ۾ يقين نٿا رکو ته ڪيليفورنيا ۾ اچي حالتون ڏسو (NI) ۾ وڄ ڪرڻ سبب 6 لک ايراني سڙي ويا آهن ۽ 840 ڍانچن کي نقصان ٿيو آهي، ٻئي پاسي SCU باهه ڪري ٽي لک چاليهه هزار ايراضي سڙي وئي آهي. جتي 500 سال پراڻا وڻ بيٺل هئا، انهن کي سخت نقصان پهتو آهي. باهه وارن علائقن مان اٽڪل 1،19،000 ماڻهو ڪڍيا ويا آهن، باهه کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪئناڊا ۽ آسٽريليا کان به مدد ورتي وئي آهي.
ترڪي ۾ به برساتن ڪري 5 ماڻهو مري ويا آهن ۽ 12 گم آهن.
هوا جا 2 طوفان آمريڪا جي گلف ڪوسٽ ڏانهن وڌي رهيا آهن، جن جي ڪري تمام گهڻي نقصان جو انديشو آهي.
دنيا جي گولي جو گرمي پڌ وڌڻ ڪري موسمن ۾ ڦير گھير اچي ٿي، ڪٿي هوائي طوفان (Cyclones) اچن ٿا، ڪٿي وري واچوڙن وارا طوفان (Tornado) اچن ٿا، ڪٿي کنوڻ ۽ برساتن وارا طوفان (Thunder Storms) ايندا آهن ، ڪٿي وري تيز هوائن وارا برفاني طوفان (Blizzards) اچن ٿا، ڪٿي تيز ۽ تکا مينهن پون ٿا. ڪٿي گليشيئر رجڻ ڪري دريائي وهڪرا وڌن ٿا، ۽ سمنڊ جي سطح چڙهي ٿي، ڪٿي وري صفا مينهن نٿا پون ۽ ڏڪار واري صورتحال ٿئي ٿي، ڪٿي دريائن ۾ وهڪرا وڌڻ ڪري ٻوڏون اچن ٿيون، انهن سڀني ڳالهين ڪري آفتون اچن ٿيون ۽ تمام گھڻا نقصان ٿين ٿا.
گرمي پڌ جو وڌڻ:
مٿي بيان مان اها خبر پوي ٿي ته موسمي ڦير گھير دنيا جي گولي جو گرمي پڌ وڌڻ ڪري ٿئي ٿي پر گرمي وڌڻ جو سبب ڇا آهي؟ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهو صنعتي انقلاب اچڻ کانپوءِ وڌيو، صنعتي انقلاب اٽڪل 1860ع ۾ شروع ٿيو، انهيءَ انقلاب جي نتيجي ۾ فيڪٽريون ۽ بجلي گھر لڳا، سامونڊي جهاز، هوائي جهاز ۽ گاڏيون هليون، ايئر ڪنڊيشنگ ۽ ريفريجريشن وارا ڪم ٿيا. انهن سڀني ۾ نامياتي ٻارڻ (Fossil Fuel) استعمال ٿيو، يعني ڪوئلي، گئس ۽ تيل جي استعمال سان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ پيدا ٿي، جنهن ڪري فضا ۾ ڪاربائڊ جي مقدار وڌي وئي، ٻيلا ۽ جھنگ ڪاربائڊ کي جذب ڪندا آهن، ٻيلا ۽ جهنگ ڪٽجڻ ڪري ڪاربائڊ جو جذب ٿيڻ گھٽجي ويو، مٿان وري آدمشماري وڌي وئي، جنهن لاءِ کاڌ ۽ خوراڪ جي ضرورت وڌي وئي. انهيءَ ڪري مال مويشي وڌيا ۽ پوکي جي ايراضي وڌي. انڪري ميٿين گئس ۽ نائيٽريٽ آڪسائيڊ تمام گھڻيون پيدا ٿيون،. اهي ٽئي گئسون يعني ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ، ميٿين ۽ نائيٽريٽ آڪسائيڊ گرين هائوس گيسون (G.H.S) سڏجن ٿيون، اهي گئسون سج جي موٽندڙ شعاعن کي روڪين ٿيون، تنهن ڪري دنياجو گرمي پڌ وڌي ويو.
اهو خيال غلط آهي ته هر هڪ ملڪ هڪ جيتريون GHS موڪلي ٿو. دنيا جا صنعتي ملڪ اهي گئسون وڌيڪ موڪلين ٿا، غريب ملڪ ته ڪنهن ليکي ۾ ئي ناهن، آئون نمبر وارا انهن ملڪن جا نالا ڏيان ٿو، جيڪي وڌ ۾ وڌ گئسون پيدا ڪن ٿا. (1) چين، 19.1 سيڪڙو، (2) آمريڪا 18.3، (3) يورپين يونين (28 ملڪ) 13.3 سيڪڙو، (4) روس 5.2، (5) هندستان 4.9 (6) جاپان 3.2، (7) برازيل 2.7، (8) جرمني 2.6، (9) ڪينيڊا 2.0 ۽ (10) انگلينڊ 1.7 سيڪڙو گئس پيدا ڪن ٿا،
صنعتي انقلاب يورپ، آمريڪا ۽ روس ۾ شروع ٿيو، تنهنجي ڪري گدلاڻ واريون گئسون (GHS) به اتي پيدا ٿيون، جيئن جيئن ٻين ملڪن ۾ صنعتي انقلاب وارا اثر ڦهلجندا ويا، اتي به اهي گئسون وڌيڪ پيدا ٿيڻ لڳيون. دنيا جي 73 سيڪڙو جي ايچ ايس مٿيان 10 ملڪ پيدا ڪن ٿا. جن مان 3 وڏن ملڪن چين، آمريڪا ۽ يورپي يونين جو حصو 50.7 سيڪڙو ٿئي ٿو، يعني جيڪڏهن اهي ٽي ملڪ گئسن جو مقدار گھٽائين ته اڌ جي ايچ ايس گئسون ختم ٿي سگھن ٿيون.
ڇا ڪرڻ گھرجي؟
گڏيل قومن جي اداري ۽ عالمي موسمياتي آرگنائيزيشن موسمي ڦير گھير جو هڪ بين السرڪاري پينل جوڙيو آهي، جنهن ۾ سرڪاري ۽ غير سرڪاري سائنسدان شامل آهن. انهي پينل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن جي ايچ ايس ايئن ئي پيدا ٿينديون رهيون ته هن صديءَ جي پڇاڙيءَ تائين گولي جو گرمي پد 6 ڊگري سينٽي گريڊ ٿي ويندو. اسان ته 2 ڊگري جي واڌ به سهي نه سگھنداسين، انهيءَ کان مٿي واڌ ۾ اسان جو جيئڻ ڏکيو ٿي پوندو. هينئر تائين هڪ ڊگري جي واڌ ٿي چڪي آهي، اسان کي جي ايچ ايس جو اخراج گھٽائڻو پوندو، اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن اسان نامياتي ٻارڻ جو استعمال گھٽائي متبادل ذريعن مان توانائي پيدا ڪنداسين، جيئن سج، هوا، نيوڪليئر پاڻي، سامونڊي لهرن ۽ زير زمين گرمي وغيره.
ڇا ڪيو ويو آهي؟
جي ايچ ايس گھٽائڻ لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ڪيون ويون آهن. سال 1997ع ۾ جاپان جي شهر ڪيوٽو ۾ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي هئي. سال 2009ع ۾ وري ڊينمارڪ ۾ ڪانفرنس ڪئي وئي. سال 2011ع ۾ ڏکڻ آمريڪا جي شهر ڊبلن ۾ ڪانفرنس ڪئي وئي، انهن ڪانفرسن ۾ يا ته جي ايچ ايس جا حدف طئه ئي نه ٿيا يا وري انهن تي عمل نه ٿي سگھيو. متبادل ذريعن مان توانائي پيدا ڪرڻ ۾ خرچ وڌيڪ اچي ٿو ۽ ماڻهن جي معيار زندگي تي اثر پوي ٿو، جيڪو ڪو به ملڪ ڪرڻ نٿو چاهي، ان کي عوام ۽ سيڙپڪارن جي مخالفت کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ حڪومت لڏڻ لڳي ٿي. پر پوءِ آمريڪا ۽ چين ۾ ايترا نقصان ٿيا جو اهي ٻئي انهيءَ بابت سوچڻ تي مجبور ٿي ويا. نيٺ 12 ڊسمبر 2015ع تي پيرس ۾ هڪ معاهدو ٿي ويو، جنهن جون خاص ڳالهيون هي آهن.
دنيا جي گولي جو گرمي پد صنعتي انقلاب شروع ٿيڻ واري سطح کان 2 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه وڌڻ کپي.
ڪوشش ڪئي وڃي ته مٿين واڌ گھٽ عرصي ۾ 1.5 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي نه ٿئي.
ملڪن طرفان گئسون گھٽائڻ واري پروگرام کي مڃيو ويو پر انهيءَ کي هر پنجن سالن کان پوءِ ورجايو ويندو، پهريون ورجاءُ سال 2023ع ۾ ٿيندو.
گئسون گھٽائڻ بابت امير ملڪ غريب ملڪن جي مدد ڪندا رهندا ته جيئن اُهي غريب ملڪ نه رڳو گيسون گھٽائي سگھندا پر گرمي پڌ وڌڻ جي صورت ۾ موسمي ڦير گھير تي پاڻ کي هيرائي به سگھندا.
جيڪڏهن ڪو ملڪ پنهنجي ڏنل پروگرام تي عمل نٿو ڪري سگھي ته اُنهيءَ ملڪ تي ڪو ڏنڊ نه وڌو ويندو.
موسمي ڦير گھير جي نتيجي ۾ متاثر ٿيل ملڪ کي ڪو معاوضو نه ڏنو ويندو.
ملڪ ڪاروبار جو وڪرو ڪري سگھندا.
مٿيون معاهدو هڪ مثالي معاهدو ناهي پر جتي متضاد گھرجون هجن، اتي مثالي معاهدو ٿي نٿو سگھي. انهيءَ ۾ سڀني ڌرين جو خيال رکڻو پوي ٿو ، ڪجھه “ڏي وٺ” Give and Take ڪرڻو پوي ٿو، پوءِ به هڪ تاريخي معاهدو آهي. معاهدي ٿيڻ کانپوءِ ان جي توثيق ڪرڻي هئي، جنهن لاءِ اهو شرط رکڻو پيو ته جي ايچ ايس جو اخراج ڪل دنيا جي اخراج جو 55 سيڪڙو ٿي وڃي ته لکين ڏين ته اهو سمجھيو ويندو ته معاهدي جي توثيق ٿي وئي. 5 آڪٽوبر 2016ع تي اهو شرط پورو ٿيو، معاهدي تي عمل جون تياريون ٿيڻ لڳيون. انهيءَ سلسلي ۾ موراڪو ملڪ جي شهر مراڪش ۾ 7 نومبر 2016ع تي هڪ ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ پيرس معاهدي تي عمل بابت ڳالهيون ٿيون. اڃا اهي ڳالهيون هلن پيون ته 8 نومبر 2016ع ۾ آمريڪا ۾ صدارتي چونڊون ٿيون، جنهن جي نتيجي ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ چونڊجي ويو، 20 جنوري 2017ع تي آمريڪا جي صدر جي چارج سنڀاليندڙ ٽرمپ پيرس معاهدي کي رد ڪيو، جنهن جو مطلب اهو ٿيو ته دنيا جو ٻيو نمبر گدلاڻ پيدا ڪندڙ ملڪ دنيا ۾ گدلاڻ وڌائيندو، مٿان وري هو گدلاڻ گھٽائڻ لاءِ غريب ملڪن جي مدد به نه ڪندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ موسمي ڦير گھير بابت پنهنجي بيانن تي بيٺل آهي ته پيرس وارو معاهدو ۽ ان تي عمل ممڪن نه ٿي سگھندو ڇو جو جڏهن گھٽ گيسون پيدا ڪندڙ ملڪ ڏسندا ته ٻيو نمبر وڌ ۾ وڌ گدلاڻ پيدا ڪندڙ ملڪ ئي انهيءَ تي عمل نٿو ڪري ته هو ڇو ڪن ۽ ايئن ڪرڻ جو ڪهڙو اثر ٿيندو؟.وري جڏهن آمريڪا جھڙي امير ملڪ کان غريب ملڪن کي پئسا ئي نه ملندا ته هو گدلاڻ ڪيئن گھٽائيندا؟ جيڪڏهن دنيا جو ڪاروبار ايئن ئي هلندو رهندو، جيئن هلي پيو ته دنيا جي گولي جو گرمي پڌ وڌندو رهندو ۽ آفتون اينديون رهنديون، خاص طرح پاڪستان متاثر ٿيندو، جرمن واچ واري اداري مطابق پاڪستان جو وڌ ۾ وڌ خطري وارو نمبر 7 آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *