Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_b8a243a3n9hdufi1laq3o0711l, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
موٽروي ريپ ڪيس ۽ انسانيت جي ڳولا - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar موٽروي ريپ ڪيس ۽ انسانيت جي ڳولا - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

موٽروي ريپ ڪيس ۽ انسانيت جي ڳولا

موٽروي ريپ ڪيس بابت روزانو اهڙيون خبرون اچي رهيون آهن جيڪي هاڻي روايتي بيمار سماج جي ذهنيت جي عڪاسي رهيون آهن ۽ ظلم ته اهو به ٿي رهيو آهي جو ان اهم ڪيس تي به هاڻي سياست ٿي رهي آهي.هڪ طرف هن ملڪ جي حاڪمن جي ٻولي آهي جيڪا عورتن جي زخمن تي لوڻ ٻرڪي رهي آهي ته ٻئي طرف مخالف ڌر آهي جيڪا ان واقعي تي به صرف سياست ئي ڪري رهي آهي ۽ مريم نواز جهڙي اڳواڻ کي به ان سياست جي ور چڙهندي اوهان ڏٺو هوندو جڏهن هن لاهور جي پوليس چيف خلاف بيان ڏنو.ريپ واقعن کي يا محڪوم طبقن سا ٿيل واقعن کي ڏسجي ته حاڪمن جي ٻولي هميشه اهائي رهي آهي جيڪا لاهور جو پوليس سربراهه استعمال ڪري رهيو هو جنهن ۾ واقعو ڪندڙ بدران متاثر عورت ڏوهاري لڳي ٿي ته رات جو ٻارهين وڳي ان عورت کي نڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي.اڪيلي عورت ڇو گهران نڪتي وغيره. لاهور جي پوليس سربراهه عمر شيخ کي ڪهڙي خبر ته ان واقعي تي ملڪ ۾ ڪيتري حساسيت ڦهلجي وئي آهي . هن ته ان ئي حاڪماڻي ترنگ ۾ ٽي وي تي فون ذريعي بيان ڏئي ڇڏيو جنهن ترنگ ۾ اڳوڻي آمر پرويز مشرف پنهنجو اهو بدنام زمانه بيان ڏنو هيو ته عورتون ٻاهرين ملڪن ۾ ويزا وٺڻ ۽ منتقل ٿيڻ خاطر ريپ جون خبرون هلائي رهيون آهن.جنهن بعد سندس ان عورت دشمن سوچ خلاف سجاڳ ڌرين سميت عورت تنظيمن ايئن احتجاج ڪيو هو جيئن هاڻي لاهور جي ان طاقتور سي سي پي او خلاف احتجاج ڪري رهيون آهن ته سندس عورت دشمن سوچ سبب کيس هٽايو وڃي.ان سلسلي ۾ هڪ دلچسپ بيان گينگ ريپ واري پئنچاتي فيصلي جي متاثره عورت مختاران مائي جو سامهون آيو آهي ته عورتن خلاف ريپ ڪرائي پرڏيهه مستقل رهائش اختيار ڪرڻ جا الزام هڻندڙ پرويز مشرف پاڻ ته پرڏيهه فرار ٿي ويو پر مختاران مائي اڃان به پنهنجي ملڪ ۾ رهي عورتن جي حقن جي حفاظت لاءِ ڪم ڪري رهي آهي.
موٽروي ريپ ڪيس سبب هاڻي هڪ نه پر ڪيترائي بحث کلي پيا آهن جنهنڪري وفاقي حڪومت مٿان ايترو دٻاءَ اچي ويو آهي جو مواصلات واري وزير عجيب بيان ڏنو ته مخالف ڌر منهنجي استعيفا جو مطالبو ڇو ڪري رهي آهي ريپ ڪيس ته موٽروي تي ٿيو ئي ناهي.مسئلو اهو آهي ته ريپ ڪيس موٽروي تي ٿيو آهي يا موٽروي کان هيٺ لهي ٿيو آهي پر عورت جي تحفظ واري اصلي موضوع بدران آسپاس جي ڳالهين طرف وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي.سماج ۾ اڃان اهو بحث هلي ئي رهيو هو ته وزيراعظم عمران خان هميشه جيان هڪ انوکو مثال کڻي اچي قوم کي ٻڌايو ته هن جي خواهش آهي ته ريپ ڪندڙن کي ڪيميڪل ذريعي يا سرجري ذريعي اهڙو ناڪارا بڻائي ڇڏجي جو هو آئينده اهڙو ڪم نه ڪري سگهي.سندس انوکي بيان تي ايئن واهه واهه ٿي وئي جيئن سندس ڏسيل مختلف ٽي وي ڊرامن ۽ ڪتابن بابت ٿيندي آهي پر هن بيمار سماج ۾ ڇا اهو ممڪن آهي.هن بيمار سماج ۾ ڪنهن فرد جو عضوو ناڪارا ڪرڻ بدران سندس ناڪارا ذهنيت کي ڇو نه سڌارجي ته اڳتي هلي هو ڪنهن اڪيلي عورت کي راهه ويندي ڏسي ڪڏهن به ريپ جو نه سوچي. ڇو ته جيڪڏهن سزائن جي خوف سبب ڏوهن ۾ ڪمي اچي ها ته گوانٽانامو بي واري اذيت گهر بعد دنيا مان آمريڪي پاليسين خلاف نفرت ختم ٿي وڃي ها.
هي بيمار معاشرو جتي عورت دشمن ڳالهيون ۽ فلسفا مختلف مقدس نالن جي آڙ ۾ ننڍپڻ کان ئي مردن جي ذهنن ۾ڪٽي ڪٽي ڀريا وڃن ٿا سي معاشرا خصي ٿيڻ سان ايئن ڪونه سڌرندا جيئن ڇتي ڪتي جو چڪ خصي ٿيڻ سان ڪونه ختم ٿيندو.ڇو ته پوري ڏکڻ ايشيا ۾ اهڙي ته وحشيت ۽ جنونيت جي لهر ڇانيل آهي جو انڊيا ۾ اسي سالن جي ڏاڏي عورت به محفوظ ناهي نه ئي ڪراچي جي پنجن سالن جي اها ٻارڙي مروه محفوظ آهي جنهنکي سندس پاڙي جي ٻن افعاني باشندن گندي ارادي سان کڻي وڃي گند جي ڍير تي ريپ ڪيو ۽ ساهه ٻوساٽجڻ بعد جڏهن اها معصوم گڏڙي فوت ٿي وئي ته ٻئي وحشي درندي ان مئل لاش سان به ايئن ريپ ڪيو جو منٽو جي ڪهاڻي “ٺنڊا گوشت” وارو ٻلونت سنگهه ياد اچي ويو.هن سماج کي بيمار سماج نه چئون ته ڪهڙو صحتمند سماج چئون جتي اسپتال ۾ اڪيلي عورت محفوظ ناهي جتي ٻهراڙين ۾ زمينن تي ڪم ڪندڙ عورت محفوظ ناهي ته شهر خاص ڪري ميٽروپول شهرن ۾ ڪيب سروس ۾ اڪيلي سر سفر ڪندڙ عورت محفوظ ناهي تڏهن ته عورتون احتجاج ڪندي ڪاوڙ مان اهي بينر کڻي احتجاج ڪرڻ نڪرن ٿيون ته اڪيلي عورت موقعو ناهي ذميواري آهي.پر هي بيمار سماج اها ڳالهه بار بار سمجهائڻ جي باوجود سمجهڻ کان قاصر آهي ڇو ته کيس پڪ آهي ته هتان جو سسٽم کيس ڪنهن به سزا کان ايئن بچائيندو جيئن ڪوئيٽا بلوچستان جي ان بااثر فرد کي بچائي ويو جنهن چوراهي تي بيٺل ٽريفڪ سپاهي مٿان پنهنجي وڏي گاڏي چاڙهي ڇڏي هئي.سندس اهو ڪارنامو سي سي ٽي وي ڪئميرائن کي ته نظر آيو پر هن بيمار سماج جي بيمار سسٽم کي نظر نه آيو جنهن کيس سرخرو ٿي آزاد ٿيڻ جي فتوا جاري ڪئي.موٽروي ريپ ڪيس بعد وزيراعظم عمران خان جي ان بيان تي ڪيترائي ماڻهو جذباتي ٿي ها ۾ ها ملائي رهيا آهن جنهن ۾ هن چيو آهي ته اهڙا واقعا ڪندڙن کي چوڪ چوراهن تي ٽنگيو وڃي يا سندن اها جنسي صلاحيت سرجري يا ڪيميڪل آپريشن ذريعي ختم ڪئي وڃي.اهو تمام جذباتي انداز عام ماڻهن جي واهه واهه جي حد تائين ته سمجهه ۾ اچي ٿو جيڪو هميشه اپوزيشن ڪندي رهندي آهي ۽ ريپ تي سياست به اسان جي ملڪ ۾ عام ٿيندي آهي.ماضي ۾ نواز شريف لاءِ ته مشهور هوندو هيو ته جتي به ريپ ڪيس جو ٻڌندو هو هيلي ڪاپٽر کڻي وڃي اتي پهچندو هيو ۽ ان وقت سندس سياسي مخالف بينظير ڀٽو جي تڪ ۾ به هڪ ڀيري اچي لٿو هيو.هن ڀيري موٽروي ڪيس ۾ متاثر عورت جي تڏي تي ڪنهنکي پهچڻ جي اجازت انڪري به نه ملي سگهي آهي ته متاثره عورت خود پڙهيل لکيل ۽ فرانس جي رهاڪو آهي جنهنڪري هن اهي ئي پروٽوڪول اختيار ڪيا آهن جيڪي ٻاهرين ملڪن ۾ ريپ متاثر عورتن بابت لاڳو ٿيل هوندا آهن، نه ته هن مهل تائين سندس ڪيترائي فوٽو سيشن ٿيل هجن ها. جنهنڪري متاثر عورت ان فوٽو سيشن مافيا کان ته بچيل آهي پر ڇا واقعي اسانکي ڪنهن اهڙي نئين قانونسازي جي ضروت آهي جنهن ذريعي اسان ريپ ملزمن کي چوڪن چوراهن تي لٽڪايون ۽ سندن جنسي صلاحيت ختم ڪريون. وزيراعظم جي خواهش تي اگر اهڙي قانون سازي ٿي به وئي ته ڇا اهو قانون سڀني ملزمن مٿان لاڳو ٿيندو يا بااثر ان قانون کان ايئن آجا هوندا جيئن هاڻي سمورن قانون کان آجا آهن.ڇو ته اگر قانون سڀني لاءِ برابر هجي ها ته سئي ۾ ريپ جو شڪار ٿيل ليڊي ڊاڪٽر کي انصاف ضرور ملي ها جنهنکي انصاف ڏيارڻ خاطر سينيئر بلوچ اڳواڻ اڪبر بگٽي کي پنهنجي جان ڏيڻي پئي.تنهنڪري پاپولر نعرن ۾ اچي اهڙن قانونن جي پرچار نه ڪئي وڃي جيڪي سموري دنيا ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي واري ذمري ۾ اچن ٿا ۽ انهن مٿان ڪجهه آفريڪي ملڪ ئي عمل ڪري رهيا آهن.اسان جي بيمار سماج ۾ بهتر مرد پيدا ڪرڻ واري مشق شروع ڪئي وڃي جنهن تحت عورتن جو احترام هر سطح جي نصاب ۾ شامل ڪري ايندڙ نسل جي برابري واري سوچ سان تربيت ڪئي وڃي ته ڪجهه ڏهاڪن ۾ انساني سهپ وارا فرد پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي ورنه اهڙين سزائن سان ته هڪ طرف مجرمن ۾ واڌارو ايندو ٻئي طرف جلادن ۾ اضافو ٿيندو باقي عورتن جي تحفظ وارو سوال ته اتي ئي چوراهي تي لٽڪيل هوندو جيئن هاڻي لٽڪيل آهي ۽ حڪمران فيصلو نٿا ڪري سگهن ته آخر اڪيلي عورت جو تحفظ هن بيمار معاشري ۾ ڪيئن ممڪن بڻائي سگهجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *