Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_rjo78449dqbvgl11o6mh07suva, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
موٽروي ميٽرو ۽ مني بس - ٻه پاڪستان - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar موٽروي ميٽرو ۽ مني بس - ٻه پاڪستان - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

موٽروي ميٽرو ۽ مني بس – ٻه پاڪستان

گذريل هفتي اسلام آباد، ائبٽ آباد ۽ پشاور گهمڻ ۽ اتان جي سوين پنجابي، هندڪو، پشتو ڳالهائيندڙ نوجوان ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين سان ملڻ جو موقعو مليو. اهي شهر اڳ به ڪئي دفعا گهمي چڪو آهيان پر هن دفعي مون کي احساس ٿيو ته سنڌ جي شهرن ڪراچي، حيدرآباد، لاڙڪاڻي جي مقابلي ۾ اهي علائقا گهڻو اڳتي وڌي چڪا آهن. پشاور 3 سال اڳ وڃڻ جو موقعو مليو هو تڏهن منهنجي ذهن ۾ فقط هڪ نقش رهجي ويو هو ته پشاور ۾ گهڻي ۾ گهڻا “چرسي تڪا” ريسٽورنٽ جا بورڊ لڳل هئا پر هن دفعي يونيورسٽي روڊ تي ايڪڙ ٻيڪڙ چرسي تڪن سان گڏ ننڍن وڏن مالز، گراسري اسٽورز، هوٽلن، گارمينٽ اسٽورن سان ڀريل هو. ڪٿي ڪٿي سٺا ڪتاب گهر به هئا جتان مون Silk Roads ۽ ٻيا ڪتاب ورتا. شهر ۾ ٽريفڪ جام هوندي به اهو صاف سٿرو نظر آيو حالانڪه مون شهر جي پراڻي حصي هشت ننگري جي ڳتيل بازار به گهمي پر اها ڪراچي جي جوڙيا بازار کان بهتر لڳي. لاهور کان پشاور موٽر وي ته اڳي ئي هو پر نواز شريف جي ئي زماني ۾ شروع ڪيل 180 ڪلوميٽر هزاره ايڪسپريس وي تي حسن ابدال کان ائبٽ آباد تائين عالمي معيار جي روڊ جنهن ۾ ڪئي سرنگون پڻ آهن تي سفر جو موقعو مليو، جيڪو هن سال ئي ٺهي پورو ٿيو آهي ۽ ٿاڪوٽ مانسهره تائين وڃي ٿو. اهو ADB کان 6ڪروڙ ڊالر قرض وٺي ٺاهيو ويو آهي. پشاور ۾ 2 راتين جي رهائش هوندي ئيBRT بس ٻيهر شروع ٿي جيڪو ملڪ ۾ چوٿون منصوبو آهي جنهن تي تقريبا اڌ ارب ڊالر خرچ آيو آهي۽ انهن ايئرڪنڊيشن بسن تي يونيورسٽي ٽائون کان مال آف حيات آباد اسٽيشن تائين اوٽ موٽ چڙهڻ جو موقعو به مليو جيڪي ڊيزل ۽ بجلي تي هلندڙ هائبرڊ بسون آهن. مونکي ڪنهن به وقت اهو احساس نه ٿيو ته پشاور ۾ آهيان پر ايئن لڳي رهيو هو ته ڄڻ ڪنهن ٻاهرين ديس ۾ هجان. اسٽيشنن تي لڳل برقي ڏاڪڻون، ٽڪيٽن جون خودمختيار مشينون، مسافرن جي مدد لاءِ تربيت يافته اسٽاف جنهن۾ ڇوڪريون به شامل هيون سي پراعتماد ۽ مدد ڪرڻ لاءِ آتيون پئي نظر آيون. سڀ کان وڏي ڳالھه ته پبلڪ انائوسمينٽ سسٽم تي پشتو ۾ به انائونسمينٽ ٿي رهي هئي جنهن مونکي ڏاڍو متاثر ڪيو. ميٽرو جي ڪرائي لاءِ اسمارٽ اليڪٽرانڪ ڪارڊ جي برانڊنگ تي به پشتو Zu لکيل هو جنهنجي معني “هل ته هلئون ” آهي ۽ ڪرايو بنا ڪنهن سرڪاري سبسڊي جي 15 کان 50 رپين تائين آهي جيڪي GT روڊ ۽ يونيورسٽي روڊ تي 27 ڪلوميٽرن تي ڦهليل 32 اسٽيشنن وچ ۾ 3 کان 5 منٽن جي وقفي سان صبح 6 کان رات 10 وڳي تائين هلن ٿيون جنهن تي روزانو سراسري طور هڪ لک مسافر سفر ڪن ٿا.

ان ئي ڏينهن لاهور ۾ پنج سال پهريائين بنياد رکيل اورينج ٽرين جي منصوبي جو به افتتاح ٿيو هو جيڪو 27 ڪلوميٽر پٽڙي مٿان 26 اسٽيشنن تي مشتمل آهي جتان وڌ کان وڌ 80 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بجلي تي هلندڙ پنجن گاڏن واريون 27 ريلون هلن ٿيون، جنهنڪري ڳتيل شهر اندر اڍائي ڪلاڪن جو سفر مني ڪلاڪ ۾ پورو ٿيندو ۽ انجي ٽڪيٽ فڪس 40 رپيا ۽ پنجاب سرڪار جي سبسڊي 63 رپيا آهي جيڪي سال ۾ 6 ارب رپيا ٿيندا پر 9 ڪروڙ مسافرن جون پنهنجيون گاڏيون نه ڪڍڻ، وقت ۽ ماحولياتي گدلاڻ جي بچاءَ سبب سال ۾ 60 ارب رپيا بچندا. اهو پڻ سيپيڪ تحت 1.6 ارب ڊالر قرض تي ٺهيل منصوبو آهي. اهڙي طرح لاهور ميٽرو بس جي30 ارب رپيا لاڳت سان 2013ع ۾ شروع ڪيل 29 ڪلوميٽر منصوبي تي روزانو 2 لک مسافر سفر ڪن ٿا ۽ انجو 30 رپياڪرايو آهي ۽ سرڪار ايتري ئي رقم پنهنجي کيسي مان ڀري ٿي. ملتان ۾ به ساڳي لاڳت ۽ سبسڊي سان 19 ڪلوميٽر ميٽرو بس هلي رهي آهي . انهن منصوبن جي خرچ، افاديت، مينٽيننس، سبسڊي سوڌو مالياتي پاسن تي بحث هلڻ باوجود اهي منصوبا عوام کي سهوليتون ڏئي رهيا آهن جنکي اڪائونٽنٽ جي اک بجاءِ اقتصادي نظر سان ڏسڻ جي ضرورت آهي.
انجي ابتڙ ڪراچي ۽ حيدرآباد وچ۾ پاڪستان جو سڀ کان پراڻو هاءِ وي جنهنکي سپر هاءِ وي سڏيندا هئا 160 ڪلوميٽر عالمي بينڪ جي امداد سان 1968ع ۾ ٺهي پورو ٿيو جنهنتي انجي باقائده افتتاح کان پهريائين ئي Hillman ڪار ۾ پنهنجي چاچي محترم غلام سرور شيخ سان گڏجي سفر ڪيو جنهن۾ اسان سئوٽ مرتضي، اعجاز، مجدد، ايوب ۽ ڀاءَ آفتاب به گڏ هئا. اهو روڊ 1991ع ۾ ٻيهر عالمي بينڪ جي ئي مدد سان وڌائي ٻٽو ڪيو ويو ۽ جنهنجو ٽول ٽيڪس سنڌ کان ڦري 20 سالن کان FWO وصول ڪري رهيو آهي، 2018ع ۾ BOT جي بنياد تي FWO ان ئي روڊ جي مرامت ڪري ٻنهي پاسي هڪ هڪ لين وڌائي وچ۾ نامڪمل ڀت هڻي 136 ڪلوميٽر ڊگهي رستي کي موٽروي M-9 جو نالو ڏنو جنهنجو افتتاح وزيراعظم نواز شريف ڪيو. حالانڪه ان وقت ئي ماڻهن انتي اعتراض ڪيو ته اهو موٽروي ناهي پر پوءِ به انجي آجيان ڪئي وئي جو پراڻو روڊ ايترو ته خراب ٿي چڪو هو جو هڪ دفعي رمضان ۾ ڪراچي مان صبح جو 4 وڳي پنهنجي ڪار ۾ نڪرڻ باوجود شهدادڪوٽ منجهند جو پنهنجي پڦي جي آخري رسمن ۾ نه پهچي سگهياسون. اهو عالمي معيار موجب موٽروي سڏائي نٿو سگهجي ڇوته نه انجو معيار عالمي آهي ۽ نه ئي ان ۾ اصل پلان موجب 2 ٽراما سينٽر، 2 سروس ايريا، 2 وزن ڪندڙ پليون، ٻنهي پاسي 275 ڪلوميٽر ڊگهي سروس لين، روڊ جي وچ ۾۽ ٻنهي پاسي جانورن، پيدلن، ڇڙواڳ گاڏين کي روڪڻ لاءِ مڪمل لوڙهو، داخل ٿيندڙ ۽ نڪرندڙ روڊن لاءِ باقائده اپروچ روڊ اڃان تائين نه ٺهيا آهن. معيار جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي ئي 2 سالن بعد خاص طور لوڻي ڪوٽ جي اردگرد ڪيترين جڳهن تي روڊ ويهجي ويو آهي، جڏهن ته ان روڊ جي عمر 25 سال ڄاڻائي وئي هئي. پاڪستان جو پهريون موٽر وي 334 ڪلوميٽر اسلام آباد کان لاهور نوازشريف جي حڪومت ۾ ڪوريائي ڪمپني ڪم شروع ڪيو جنهنکي 1997ع ۾ مڪمل ڪيو ويو ۽ 19 سالن بعد 2016ع ۾ انجي مرامت ڪئي وئي جنهن تي جهاز به لهي سگهن ٿا.انکانسواءِ پشاور، سوات، فيصل آباد، پنڊي ڀٽيان، ملتان، سيالڪوٽ جي شهرن کان به لاهور، پشاور، سکر ۽ اسلام آباد موٽروي اڏيا ويا آهن.پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سيوهڻ کان رتوديرو، ڪراچي کان بدين ٻٽو روڊ FWO ٺاهيو جڏهن ته حيدرآباد کان ميرپورخاص ڪوريائي ڪمپني BOT جي بنياد تي 7 ارب رپين جي لاڳت سان 70 ڪلوميٽر روڊ ٺاهيو جنهن سان سفر سولو ٿيو آهي پر اهي موٽروي نه آهن.ساڳيو حال رتوديرو خضدار روڊ جو آهي. سکر حيدرآباد موٽر وي تاخير جو شڪار آهي جيڪو هاڻي مين ريلوي لائين جي ڀر ۾ مٽياري کان اڏيرولال ٽنڊوآدم ۽ نوابشاهه کان ٿيندو سکر پهچندو. اهو پڻ سيپيڪ جو حصو آهي. اهڙي طرح سيوهڻ کان ڄامشورو روڊ جيڪو جپاني ڪمپني 1995ع ۾ ٺاهيو هو تنهنکي ٻٽو ڪرڻ جو ڪم هلي رهيو آهي. سنڌ FBR جي آمدني جو 45سيڪڙو ڏئي ٿو. ڪراچي حيدرآباد موٽروي سڀني کان مصروف روڊ آهي جيڪو سنڌ جي ٻن سامونڊي بندرن کي باقي ملڪ، افغانستان وچ ايشيا ۽ چين سان ملائي ٿو ۽ جتان اندازي موجب روزانو 40 هزار کان مٿي يعني هر 2 سيڪنڊن بعد هڪ گاڏي گذري ٿي پر انتي ڪريل معيار جو نام نهاد موٽروي 43 ارب رپين ۾ ٺاهي 25 سالن لاءِ 100 ارب رپين جي گارنٽيڊ نفعي تي ڏنو ويو آهي، جنهن مان اندازو آهي ته 25 سالن ۾ 850 ارب رپيا ٽول ٽيڪس گڏ ٿيندو. سنڌ ۾ مختلف آبادين وچ ۾ نفاق سبب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو۽ ٻين شهرن جتي ڪڏهن سرڪيولر ريل، ريل ڪار، ٽرام ۽ ڊبل ڊيڪر بسون هلنديون هيون هاڻي قبائلي علائقن مان آندل مني بسن جي ڇتين ۽ چنگچي تي شهري سفر ڪرڻ تي مجبور آهن. سرڪيولر ريل جي بحالي تاخير جو شڪار آهي جنهنتي اسان شاگردي جي زماني ۾ سفر ڪيو هو ۽ گرين لائين بس پڻ مڪمل ٿيڻ ۾ وقت وٺي رهي آهي.
ڪتاب “سلڪ روڊز” واپسي جي سفر تي پڙهڻ شروع ڪيم جنهنجي ليکڪ پيٽر فرينڪوپان سنڌوماٿري سان شروعات ڪندي موهن جو دڙو ۽ ھڙپا جي خاص طور ڊرينيج سسٽم جي ساراهه ڪئي آهي جيڪو 5,000 سال پراڻي زماني ۾ اهڙو جديد سسٽم هو جنهن جهڙو جديد يورپ ۾ ڪئي صديون بعد آيو.ڪنهن زماني ۾ بوسڪي چين جي نه فقط سڃاڻپ هئي پر ڪرنسي جيان دنيا جي ڪنهن به ڪنڊ ۾ سفارتي لاڳاپا رکڻ توڙي سون سميت ڪابه شي خريد ڪرڻ لاءِ هلندي هئي. هن چو چوڻ آهي ته د نيا جا مرڪز تبديل ٿيندا رهن ٿا ڪڏهن پرشيا جيڪو 1935ع بعد ايران ٿيو دنيا جو مرڪز هو، جنهنجي اها خوبي هئي ته هو ٻين جي سٺين عادتن خاص طور لباس جو نقل ڪندا رهندا هئا ۽ اها عادت سندن اندر ايتري ته کتل هئي جو فتح ڪيل علائقن جي ماڻهن جي سٺين عادتن کي به بنا ڪنهن آر جي پنهنجو ڪندا رهندا هئا. پر بعد ۾ مرڪز ڪڏهن يونان، روم، ڪڏهن عيسائي يورپ مان نشاط ثانيه مان گذرندو روشن خيال انگلينڊ ته هاڻي آمريڪا آهي جنهنجو 15 هين صدي جي پوياڙي ۾ ڪرسٽوفر ڪولمبس جي دريافت کان پهريائين ڪنهن نالو به نه  ٻڌو هو پر سندس ڪٿ موجب ڪوبه ملڪ دنيا جو مرڪز عارضي ئي ثابت ٿيو آهي جنهن۾ شاهراهن جو وڏو هٿ رهيو آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي مرڪز واپس چين، وچ ايشيا، انڊيا (۽ انڊس) ڏانهن موٽي اچي. تنهنڪري ملڪ جي اترين ۽ ڏاکڻن علائقن وچ۾ شاهراهن ۽ ان مٿان هلندڙ سوارين جي فرق کي اڳواٽ ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي انکان اڳ جو اهو اڳتي هلي ڪنهن تاريخي خليج کي جنم ڏئي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *