Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_qium8jbn7h3vghm5j4dmd82vrn, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
موٽر وي پراجيڪٽ ۾ سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar موٽر وي پراجيڪٽ ۾ سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

موٽر وي پراجيڪٽ ۾ سنڌ حڪومت جي غير سنجيدگي

جڏهن به ن ليگ جي حڪومت ايندي آهي روڊ رستن جا پراجيڪٽ ٻين حڪومتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ شروع ٿيندا آهن. 2013ع ۾ جڏهن نواز ليگ جي حڪومت آئي ته پهريائين لاهور کان سکر تائين موٽر وي جي رٿا جو خاڪو سامهون آيو ۽ ستت پوءِ چائنا ۽ پاڪستان جي حڪومتن سي پيڪ جي نالي سان پاڪستان ۾ گڏيل رٿائن جو اعلان ڪيو ۽ اڳتي هلي اها موٽر وي پشاور کان ڪراچي تائين رٿي وئي. ان دوران مختلف معاملا ۽ مرحلا آيا ۽ نيٺ سکر تائين موٽر وي ٺهي وئي ۽ حيدرآباد کان ڪراچي وارو سيڪشن به مڪمل ٿيو. نومبر 2019ع تائين ٻيا سمورا سيڪشن پورا ٿي ويا پر سکر ۽ حيدرآباد وارو حصو رهيل آهي. اهو ايئن آهي ڄڻ سامهون وارن ڏندن مان هڪ ڏند ڀڳل هجي. هاڻي صورتحال اها آهي جو سکر حيدرآباد موٽر وي جو ڪم شروع ٿيڻ بجاءِ نئين سري سان ٺيڪو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اڳ ۾ مختلف وقتن ۾ مدو وڌائي 2018ع ۾ اهو حصو به مڪمل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو پر ان بعد به سرڪاري اعلانن باوجود ڪم شروع نه ٿيو. شروع ۾ ان رٿا جا 296 ڪلوميٽر لاءِ پيسا رکيا ويا هئا ۽ چائنا جي انجنيئرنگ ڪمپني کي ٺيڪو به مليو هو جن کي اهو 2017ع جي ڊسمبر مهيني کان شروع ڪري 2019ع ۾ مڪمل ڪرڻو هو پر اهو ڪم شروع نه ٿيو ۽ وقت گذري ويو جنهن بعد وفاقي رٿا بندي واري وزارت پاران موٽروي جو اهو حصو پبلڪ پرائيوٽ پارٽنرشپ تحت مڪمل ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ ڏهه ڪلوميٽر وڌيڪ روڊ ٺاهيو ويندو هاڻ اهو حصو 306 ڪلوميٽر هوندو جنهن جي خانگي ۽ سرڪاري طور گڏيل رٿا تحت اڳ جي ڀيٽ ۾ 50 ملين جي بچت جو ڪاٿو لڳائڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي. 22 اپريل 2020ع تي وفاقي رٿا بندي ۽ ترقي واري وزارت پاران 306 ڪلوميٽر سکر حيدرآباد موٽروي اسڪيم منظور ڪري پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ تحت مڪمل ڪرائڻ لاءِ جون 2020ع ۾ قومي اسيمبلي مان پاس ٿيل بجيٽ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ايڪنڪ مان پاس ڪرائي وئي هئي. ۽ نئين مالي سال لاءِ 50 ارب رپين تائين ان رٿا جو ڪم ڪرائڻ جو رٿيو ويو آهي. ان رٿا جي رقم 182 بلين رٿي وئي آهي. جيڪا اڳ ۾ سي پيڪ جي ساڳي نوعيت واري ڪمن کان 50 بلين گهٽ ٻڌائي وڃي ٿي. نومبر 2019ع ۾ ٽريفڪ لاءِ شروع ٿيل سکر ملتان موٽر وي تي في ڪلوميٽر 760 ملين خرچ ڪيو ويو هو پر سکر حيدرآباد واري حصي تي 596.4 ملين في ڪلوميٽر جي حساب سان تجويز ڪيا ويا آهن. پر ٻئي پاسي هٿ ڪيل ڊاڪيومنٽس موجب 2017ع ۾ ساڳيو سکر حيدرآباد موٽروي وارو حصو چائنا ڪنسٽرڪشن انجنيئرنگ کي 175 بلين ۾ ڏنو ويو هو ۽ اهو پڻ بي اوٽي جي بنياد تي هيو جڏهن ته سرڪار پاران هن وقت سکر ملتان واري اگهه سان ان جي ڪٿ ڪري پئي جيڪو ٻن سرڪارن جي وچ ۾ هو ۽ ان تي قرض به کنيل آهي.
سکر حيدرآباد رٿا ڪيئن آهي؟
سکر حيدرآباد ايم 6 رٿا پڻ ملڪ جي ٻين موٽرويز جيان ٻنهي پاسن کان ٽي ٽي لين هوندو. ابتدائي طور ظاهر ٿيل شرطن موجب جنهن به خانگي شعبي سان سرڪار اها رٿا شروع ڪندي اهو 25 سالن تائين حاصل ٿيندڙ آمدني مان 90 سيڪڙو تائين کڻندو ۽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي ان مان رڳو 10 سيڪڙو ملندو سو به ڏهن سالن بعد، هوڏانهن ان رٿا لاءِ سرڪار پاران ان مد ۾ 7.4 بلين ڏنا ويندا. ٽينڊر ٿيڻ بعد ڪم مڪمل ٿيڻ جو مدو 33 مهينا رکيو ويو آهي. اڳ اهو روڊ 296 ڪلوميٽر جو ڇهه لين روڊ ٺهڻو هيو، هاڻ اهو موٽروي 306 ڪلوميٽر هوندو جنهن ۾ 89 پليون ۽ 234 انڊر باءِ پاس ۽ 15 انٽرچينج ٺهندا. سکر کان حيدرآباد تائين ويندڙ روڊ لاءِ پندرنهن جاين تي انٽر چينج ڏيڻ جي رٿ ڪئي وئي آهي. رٿا موجب پهرين انٽر چينج سکر روهڙي وٽ ايم 5 روڊ جي آخر وٽ آهي، ان بعد پيرڳوٺ لڳ، ٽنڊو مستي ڀرسان لاڙڪاڻي روڊ وٽ، ان بعد گڏيجي، محراب پور، ڀريا روڊ، پڊعيدن نوشهروفيروز روڊ، دوڙ مورو روڊ، سڪرنڊ روڊ نواب شاهه وٽان، هالا روڊ ( شهدادپور واري پاسي)، ڀٽ شاهه روڊ وٽان، اڏيرو لال (کيبر روڊ وٽان)، مٽياري (ٽنڊو الهيار روڊ وٽان)، حيدر آباد اين 5، ڄامشورو سيوهڻ روڊ وٽان ۽ ايم 9 وٽ ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته پنج سروس اسٽيشنن هونديون. ۽ پلين جي ڪجهه جاين جو اڃان حتمي فيصلو ناهي ٿي سگهيو.
ڇا پي ٽي آءِ حڪومت موٽر وي مڪمل ڪرائي سگهندي؟
پي ٽي آءِ حڪومت توڙي سي پيڪ اٿارٽي جون دعوائون سامهون آيون آهن ته جيڪا هن وقت رٿا منظور ٿي آهي اها حڪومت مڪمل ڪرائيندي. اهو به چيو ويو آهي ته ڪم 2020ع جي ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو ۽ 33 مهينا ان جو مدو هوندو. جيڪڏهن ايئن آهي ۽ هي حڪومت ڊسمبر ۾ ڪم شروع به ڪرائي ٿي ته ان جو مدو اڍائي سال پورو ٿي چڪو هوندو ۽ ڪٿيل مدي تائين هي حڪومت اٺ نو مهينا اڳ مدو پورو ڪري چڪي هوندي. ان ڪري اهو امڪان نه ٿو لڳي ته هن حڪومت هوندي اها اهم رٿا پوري ٿيندي. پر اهم سوال اهو آهي ته خساري واري بجيٽ هوندي اهو پراجيڪٽ شروع ٿي سگهندو؟ جيڪڏهن ڪا ٺيڪيدار پارٽي اهو ڪم شروع به ڪري ٿي ته ان لاءِ اهو سوال به هوندو ته ايندڙ ڪا نئين حڪومت رٿا کي رولڙي جو شڪار ته ڪونه بڻائيندي! ڇو ته فزيبلٽي جي ڏنل وقت کان دير ٿيڻ سان ريٽ روائيز جا معاملا به اچڻا آهن، ان جو ڪارڻ اڳ وارا تجربا موجود آهن.
زمينن جي حاصلات ۽ اگهه:
سکر ملتان موٽروي ۾ سنڌ واري ضلعن ۾ مقامي ماڻهن جي آيل ملڪيتن ۽ زمينن جا ڪيترن ئي ماڻهن کي اڃان معاوضا ناهن ملي سگهيا. انهن ماڻهن جو مستقل زرعي روزگار ختم ٿيو آهي. قانوني مونجهارا ڄاڻائي سوين ماڻهن جون رهتون ادا ناهن ڪيون ويون. سکر ملتان موٽروي جي حصن ۾ مقامي ماڻهن جون لکين ايڪڙ ٻنيون ۽ باغ اچي ويا انهن سان پنج سال اڳ ۾ معاهدا ٿيا ۽ قيمتون مقرر ٿيون پر موٽروي مڪمل ٿيڻ باوجود سوين کاتيدارن کي معاوضو نه مليو آهي ۽ نه وري انهن جا اگهه روائيز ڪيا ويا آهن. ضلعن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن ميٽنگن ۾ کين دير سان معاوضا ڏيڻ جي ڪري اهي وڌائي ڏيڻ جا به ساڻن واعدا ڪيا آهن پر آبادگارن کي لاڳيتو اها ئي شڪايت رهي آهي ته انهن کي پيسا اهڙي نموني قسطن ۾ ڏنا پيا وڃن جو اهي ٻيون زمينون خريد ڪرڻ يا ٻي ڪنهن ڪم ۾ بهتر انداز ۾ ڪتب آڻي ناهن سگهيا. ان کانسواءِ جتي سروس اسٽيشنس ٺهيون آهن انهن کان مقامي ماڻهن کي روزگار يا سهولتن جي سلسلي ۾ پري رکيو ويو آهي ۽ انهن مان برساتي پاڻي جي نيڪال توڙي ڊرينيج جي حوالي سان واضع حڪمت عملي سامهون ناهي آئي نه وري گهوٽڪي ۽ سکر ۾ موٽروي جا سروس روڊ مڪمل ٿي سگهيا آهن، جڏهن ته سرڪار پاران رٿا کي مڪمل ڄاڻايو ويو آهي. سکر حيدرآباد سيڪشن جي الائنمنٽ وارن علائقن ۾ پڻ زمينن جي خريداري وارو ڪم به پورو ٿي ناهي سگهيو ۽ زمينن جي ماليت تي به سنڌ جا ماڻهو سوال اٿارين ٿا جو پنجاب جي ڀيٽ ۾ زمينن جي اگهن ۾ فرق آهي.
سنڌ حڪومت جي سنجيدگي؟
موٽر وي جي پراجيڪٽ ۾ سنڌ حڪومت جي سنجيدگي سامهون ناهي اچي سگهي، سنڌ وارا حصا دير سان تعمير ٿيا آهن ۽ هڪ حصو پورو نه ٿيڻ سبب اڌ کان گهڻي سنڌ موٽروي جي معاشي فائدي کان محروم آهي. ايڪنڪ جا اجلاس هجن يا ٻين فورمس اتي هن مسئلي توڙي ٻين معاملن تي سنڌ جي ميمبرن جي وفاقي پراجيڪٽن تي سنجيدگي نظر ناهي آئي. ايستائين جو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا سنڌ وارا ميمبر هن مسئلي تي لڳ ڀڳ خاموش ئي رهيا آهن ڇو ته اهي روڊن تي گهٽ جهازن ۾ وڌيڪ سفر ڪن ٿا!

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *