تازا ترين
  • *سيوهڻ ۾ ايڪتا ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي، نوجوانن پاران قومي گيتن تي جهمريون *نوجوان اتحاد پاران جھاز چوڪ کان شاندار ايڪتا ريلي ڪڍي وئي، مختلف علائقن جو گشت*
  • *اسلام آباد بارڪائونسل جي 5 ميمبرز جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو *سيد قمر حسين سبزواري 1455 ووٽ حاص ڪري ميمبر بار ڪائونسل چونڊجي ويو *راجا حليم عباسي 1335، ذوالفقار عباسي 1101 ووٽ حاصل ڪيا:نوٽيفڪيشن*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*
  • *لاڙڪاڻو: ڦل روڊ تان اڻڄاتل شخص جو لاش هٿ، پوليس حدبندي جو جواز ڄاڻائي لاش اسپتال منتقل نه ڪيو *اطلاع باوجود پوليس ناهي پهتي، ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاش روڊ تي پيل آهي، نوٽيس ورتو وڃي: شهري*
  • *ٽنڊو محمد خان ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 20 ڪيسن جي تصديق، متاثرن جو انگ وڌي 167 ٿي ويو *ڪورونا متاثرن ۾ 2 پي پي ايڇ آءِ جا ملازم ۽ 18 شهري شامل *ڪورونا متاثرن کي سندن گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي: فوڪل پرسن*
  • *پرڏيهه ۾ به ايڪتا ڏهاڙي جا پڙاڏا، قطر جي دوها شهر ۾ ثقافتي پروگرام منعقد، قومي گيتن تي جهمريون *نواب ولي محمد واسي نوجوانن پاران ثقافتي ڏهاڙي تي قومي گيتن تي جهمريون هنيون ويون*
  • *مورو ويجهو مبينا مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڏوهاري سميت 3 ڄڻن خلاف ڪيس داخل *پوليس پاران زخمي ڏوهاري نذير عرف لوٽي جت برهماڻي سميت ٽن ڄڻن خلاف مقابلي جو ڪيس داخل*

ميرپور خاص ٻڏي ويو انتظاميا ظاهر نه ٿي

سنڌ جو چوٿون نمبر وڏو شھر برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل آھي سانوڻي جي تيز طوفاني برسات سبب ميرپورخاص ضلعي جا شھري تعلقا ڊگھڙي ، جھڏو ڪوٽ غلام محمد ، شجاع آباد ، سنڌڙي ، حسين بخش مري جي سمورن علائقن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي. اھڙي طرح ميرپورخاص شھر تعلقي جي شھرن توڙي ڳوٺن ۾ برسات جو پاڻي بيٺل آھي، جڏھن ته وسڪاري جي ايندي ئي بجلي جي بند ٿيڻ سبب برسات جي پاڻي جو نيڪال سخت متاثر ٿيو جڏهن ته ضلعي انتظاميا 24 ڪلاڪن تائين پاڻي جي نيڪالي لاءِ بجلي بحال ٿيڻ جو انتظار ڪندي رھي ۽ پاڻي نيڪال لاءِ ڪي به خاص قدم نه کنيا ويا. شھر ۾ برسات جي رپورٽنگ دوران نظر آيو ته ڊويزن جي ھيڊ ڪواٽر واري شھر ۾ نالي ماتر انتظام ڪيا ويا هئا.
ميرپورخاص ضلعي ۾ سومر جي شام کان شروع ٿيل برسات اڱاري ڏينھن سڄو ڏينھن تيز ھوائن سان وسندي رھي جنھن سبب ميرپورخاص ضلعيجي تقريبن هر شهر ۾ ٻوڏ واري صورتحال جامنظر ڏسڻ لاءِ مليا. ميرپورخاص شھر جي اسٽيشن روڊ ، سول اسپتال روڊ ، بلديا سينٽر روڊ ، غريب آباد روڊ ، ھيرآباد روڊ ، سبزي منڊي روڊ ، سٽلائيٽ ٽائون ، کڏ پلاٽ روڊ سميت مھراڻ ڪالوني ، پاڪ ڪالوني ، سيال ڪالوني ، خاصخيلي پاڙو ، علي ٽالپر ٽائون ، ھاشم نگر وارن علائقن ۾ پاڻي گهرن داخل ٿي ويو،
ڪيئي شھري پنهنجا سامان کڻي گھر خالي ڪري شھر جي مٿاهين وارن علائقن ۾ رھندڙ رشتيدارن ۽ دوستن جي گھرن ڏانهن ھليا ويا. ماڻهن کي ريسڪيو ڪرڻ لاءِ ضلعي انتظاميا حرڪت ۾ نه آئي ۽ نه ئي ماڻهن جي ڪا سار ن لڌي. گذريل ڏينهن ڪيترائي مسڪين خاندان پنهنجي گھرن ۾ سھولتن جي اڻھوند سبب رڌ پچاءُ ڪري نه سگھيا.
تيز برسات ۽ وڌيڪ پاڻي بيھڻ سبب دڪان ، ھوٽل ۽ خريداري وارا مرڪز کلي نه سگھيا، بازارن ۾ پاڻي بيٺو رھيو شھر جا مرڪزي روڊ پاڻي سان ڀريل رھيا روڊ تي ٽريفڪ نه ھلي سگھي . تيز ھوائن سبب روڊن تي ڪيئي وڻ ڪري پيا ۽ شھر جي روشن پلازا لڳ روڊ تي ھڪ وڻ ڪرڻ سبب ھڪ ڪار دٻجي وئي ڪوٽ غلام محمد واري علائقي ۾ ڇت ڪرڻ سبب ھڪ ڄڻو دٻجي فوت ٿي ويو ضلعي جي مختلف علائقن ۾ بجلي جون تارن ۽ پول ڪري پيا ضلعي جي مختلف روڊن تي گاڏيون گھٽ نظر آيون. برسات سبب عام ماڻهن جي زندگي مفلوج بڻيل رھي، ضلعي جي سڀني علائقن کان وڌيڪ برسات ڊگھڙي تعلقي ۾ پئي. ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن پنھنجي مدد پاڻ تحت پاڻي ڪڍڻ لاءِ ڪوششون ڪندا رھيا ،
ڪيترن ئي ماڻهن جو گهرو سامان ٻڏي ويو ، ريلوي پل ھيٺان برسات جو 8 فوٽ پاڻي بيٺل رھيو ضلعي انتظاميا پاڻي ڪڍڻ لاءِ صرف دعوي’ ڪندي رھي.انتظاميا جي اهڙي رويئي سبب شھري سخت ڪاوڙيل ۽ بيوس نظر آيا. طوفاني برسات سبب ميرپورخاص ۾ ٻوڏ واري صورتحال آھي،جڏھن ته ڪپھه سميت مختلف فصلن کي وڏو نقصان پھتو آھي. ميرپورخاص شھر ۾ 170 ملي ميٽر برسات پئي برسات سبب ميرپورخاص جي مختلف علائقن مان سم نالا ابتا وھڻ شروع ٿي ويا آھن، ميرپورخاص ضلعي ۾ تيز برسات سبب سبزي منڊي سخت متاثر ٿي ۽ لکين روپين جو ڪاروبار ٿي نه سگھيو ، ميرپورخاص شھر ۾ ڪالونين ۾ پاڻي جي بيھڻ ڪري شھري گھرن کان ٻاھر نه نڪري سگھيا ۽ کاڌي پيتي جي شين کان وٺي کير وٺڻ لاءِ پريشان رھيا اھڙي حالت ۾ ضلعي حڪومت کاڌي پيتي جي سلسلي ۾ شھرين جي ڪا به مدد نه ڪئي ۽ شھري ھڪ ٻئي کان پاڙي جي حيثيت ۾ کاڌي جون شيون ورتيون ، ميرپورخاص جي سول اسپتال ۾ برسات دوران رهائشي ڪالوني ۾ هڪ ڪوارٽر جي ڇت ڪري پئي پر ڪوارٽر ۾ گھر ڀاتي موجود نه ھئا ميرپورخاص جي ريلوي ڪالوني جا علائقا به برسات جي پاڻي ۾ ٻڏل رھيا، ميرپورخاص جي ڊگھڙي شھر ۾ سڀني کان وڌيڪ برسات پئي جتي 233 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي ۽ تقريبن سڄو شهر ٻڏل آهي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *