تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

مينهن ۽ گهارن ۾ ٻڏي ويل سنڌ جي درد ڪٿا!

هيلوڪي مينهن اسان غريبن جا لاهه ڪڍي ڇڏيا. ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايان! مينهن اسان کي “پسائي، وڃائي ۽ رلائي ڇڏيو.” هڪڙو ته مينهن وسائڻ وارو والو ملائڪ سڳورن فل کولي ڇڏيو. ٻيو اسان واري وفاقي، صوبائي سرڪار ۽ انتظاميا بي وس، بي حس ۽ بي ترس هئي. ٽيون ته اسان جا آبپاشي عملدار بچن شل مينهن وسڻ کانپوءِ فيملي سميت هني مون ملهائڻ ۾ پورا هئا. مينهن جي تباهي کانپوءِ جيڪي نئين، نالن، شاخن، واهن ۽ سم نالين ۾ گهارا پيا، تن ته ماڳهين اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو. اسان جا غريباڻا ڪچا اجها ڪري پيا، فصل پاڻي ۾ ٻڏي ويا. نه ڪو گهارا بند ڪرڻ وارو هو نه ڪو پاڻي نيڪال ڪرڻ وارو هو. شهرن ۽ ڳوٺن جي گهٽين ۽ رستن تي ڪٿي گڏهه جيڏو، ڪٿي گهوڙي جيڏو ته ڪٿي اٺ جيڏو پاڻي بيهي ويو. مينهن ۾ لوڙها به ويهي رهيا. مون ماسات ماڪوڙي ۽ سئوٽ صدوري جي لوڙهي تان چوري ڍنگهر لاهي پنهنجي لوڙهي تي هڻي ان کي ايترو مٿي ڪيو هو جو ڪو ماڻهو اتان اٺ تي چڙهي مٽيندو هو ته به کيس اندر ڪجهه به ڏسڻ ۾ ڪو نه ايندو هو. مينهن جو 440 ملي ليٽر پيو ته لوڙهو سسي وڃي 220 ملي ميٽر تي پهتو. حالت اهڙي ٿي جو ڪو به کودي تي چڙهي لوڙهي جي ڀرسان مٽيندو هو ته اندر اسان جا سڀ پرڪار کيس ڏسڻ ۾ ايندا هئا. ملڪ سڄو ڪينجهر لڳو پيو هو سو ڪٿان ته ڍنگهر آڻي لوڙهو مٿي ڪريان، ماڻهو لوڙهي کان ٻاهران بيهي طوطن ماءُ کي ڏسندا هئا ته مون کي غيرت جا گند چڙهي ويندا هئا. ڪنهن سان وڙهي ڪنهن سان وڙهان! اوچتو مينهن سان گڏ اهڙي واءُ لڳي جو اسان وارو اڀرو اجهو به ڪري پيو. ٻين غريبن وانگر اسان به پنهنجا ٽپڙ ٽاڙي کڻي ڏهوڙ جي ڀوني واري مٿاهين جاءِ تي وڃي پهتاسين. سامان ڇا هو؟ هڙ ڪپڙن جي، هڙ ٿانون جي، ٻه ٽي رليون، ٻه ٽي ڇڙون ۽ هڪ ڪڇ ۾ پکو، ٻي ڪڇ ۾ ٽوئو، کڻي گهر کي الوداع ڪيوسين،. وتائي فقير واري  ڳالهه ته ڪڏهن ڪڏهن سڃائي به ڪم اچي ويندي آهي. مٿانهين جاءِ تي ته پهتاسين پر اتي بک ۽ اڃ ۾ تباهه ٿي وياسين. گهر ۾ سيڌو سامان ڪونه هو جو کڻي نڪرون ها.
اوچتو اسان وارو ڊي سي صاحب فل ڪمپليٽ سوٽ ۾، ٽائي ٻڌي گاڏين جو قافلو ساڻ ڪري اچي پهتو. اسان کان احوال ورتائين چيومانس “صاحب! اڃ ۽ بک ۾ مريو پيا مرون اسان جي واهر ڪريو” چيائين توهان جي چئوطرف هيترو پاڻي اسان موڪليو آهي پوءِ به توهين اڃ پيا مرو! چيم صاحب اهو سم نالي جي گهاري مان آيل زهريلو پاڻي آهي. سڄي دنيا جو گند انهي ۾ اچي ٿو. توهان پي ڏسو جي توهان کي سوري نه ٿئي ته آئون دوسڻ دوساڻي جو پٽ ئي ڪو نه آهيان! اهو ٻڌي چيائين ڏاڍي ڪونه ڳالهائبو آهي! چيومانس صاحب رڳو پنج منٽ توهان جا ٻچڙا اسان جي ٻچڙن وانگر بنا اجهي جي اڀ هيٺان، اڃ ۽ بک ۾ تڙپندي رڙندا هجن ها ته توهان به گلو ڦاڙي ڳالهايو ها! اهو ٻڌي ڊي سي صاحب ماڳهين چڙي  پيو. چيائين توکي ڳالهائڻ جي تميز ئي ڪانهي ڪا! اهو چئي وڃي گاڏي ۾ ويٺو تيسين هڪ پوليس واري اچي مون کي داٻا ڏنا. سندس ڪلهي ۾ لٽڪندڙ بندوق ڏسي آئون ڊڄي ويس. مون کي پڪ ٿي ته هي نانگو مون کي فل فراءِ ڪري ٿاڻي تي وڃي رپورٽ لکرائيندو ته هڪ روپوش ۽ خطرناڪ ڌاڙيل پوليس مقابلي ۾ ماري آيو آهيان. منهنجو لاش ايڌي جي سردخاني ۾ پيو سڙندو ۽ هي همراهه پيو انعام ۽ ايوارڊ وٺندو. اهو سوچي مون منهن ماري تان هٿ کنيو ۽ اداس ٿي سور پي اچي ٻچڙن وٽ پهتس.
چوندا آهن ته الله سائين ڪنهن کي ڪونه ٿو ڇڏي سو مون کي به اوڙي پاڙي مان رکو سکو ٽڪر پئي مليو. هڪ دفعي هڪ مائي مون کي ٽن ڏينهن جو پاروٿو ميهن جو ٻوڙ ڏنو. آئون ٻوڙ لاءِ سڪيس پئي سو ٺوڪي سڀ کائي ويس. پوءِ مون کي اهڙا اچي جلاب ٿيا جو وارو نڪوڪ سامي جهڙو سم نالي کي گهارو پئجي ويو هجي. اتي هڪڙي سهوليت هئي جو چئوطرف پاڻي هو ان ڪري پاڻي جو ڪرو کڻي وڃڻ جي ضرورت ڪا نه ٿي پئي. جلابن جي ڪري منهنجي اچ وڃ پئي پئي. جهڙو ماڪوڙا ڳڙ جي ڳنڍي تي پيا اچ وڃ ڪن. صفا ستو ٿي پيس. مون کي پڪ ٿي ته اهڙي حالت ۾ آئون پٺاڻ واري ڳالهه ته پرديس ۾ مردار ٿي ويندس، پوءِ طوطن يتيم ۽ طوطن ماءُ بيواهه ٿي ويندا. نيٺ پاڻي جهاڳي آئون ڀر واري شهر جي سرڪاري اسپتال ۾ پهتس. اسپتال ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل هجي. ڊاڪٽر به گوڏ ٻڌي پئي هليو. منهنجي حالت ڏسي ڊاڪٽر کي رحم اچي ويو تنهن هڪ ڀت تي سمهاري مون کي چار پنج بوتلون ۽ ويهه پنجويهه سيون هڻي تيار ڪيو. تيسين ڪنهن خيراتي اداري طرفان مريضن لاءِ ڀت اچي پهتو. اڳي ڀت ڦيلين ۾ ڏيندا هئا پوءِ ٿيلهين ۾ پر هاڻي عاليشان اڇن دٻن ۾ ڀت پئي مليو. اهو دٻو مون کي کولڻ ئي نه اچي سو ٻاهر نڪري بئنچ تي ويٺس ڏٺم ته هڪ ڪتو ۽ ڪتي مينهن جي موسم جي ڪري رومانٽڪ موڊ ۾ مستي ۾ لڳا پيا هئا. گانا پئي ڳايائون “رم جهم رم جهم پڙي پهوار تيرا ميرا نکهرا پيار” پر چوندا اهن ته بک ۾ عشق به وڏو آزار آهي. مون ڀت جو دٻو کوليو ابا اهو ڪو ابتو هو ته اڌ ڀت پٽ تي هارجي پيو. ڪتي ۽ ڪتو ڀت کائڻ آيا ته عشق اتي ڇٽو ڀت تي هڪٻئي سان وڙهي پيا. هڪٻئي کي چڪ هڻي رتورت ڪري ڇڏيائون. ثابت ٿيو ته بک عشق کان وڌيڪ بڇڙي بلا آهي.
اتي مون ٽي وي ۾ خبرون ڏٺيون. مينهن سڄي سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو هو پر اردو چينلن تي رڳو ڪراچي جون خبرون هيون. ڪراچي ڊوب گيا، ڪراچي لڙ سڪ گيا، ڪراچي سمندر بن گيا، حرام جو ڪا خبر بدين، سجاول، ٺتي، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ سنڌ جي ٻين ضلعن جي هجي پر شابس هجي سنڌي چينلن جي نمائندن کي جن سنڌ جي ٻڏل شهرن ۽ ڳوٺن جون خبرون پئي ٻڌايون. مون اتي موبائيل چارج ڪيو 100 جو بئلنس وجهرايو ۽ عمران خان سان فون تي ڳالهايو. چيومانس “وزيراعظم صاحب! اسين هتي سنڌ ۾ ٻڏون پيا ۽ مرون پيا تون رات ڏينهن پيو ايف اي ٽي ايف ۽ ڪشمير مسئلي تي ڳالهائين!” چيائين توهان سان اها تعدي صوبائي سرڪار ڪئي آهي منهنجو ڪو به ڏوهه ڪونهي! مون وري صوبائي سرڪار جي وڏي صاحب سان ڳالهايو ان چيو ته وفاق اسان جا پئسا کائي ويو. هٿ وٺي هيڪاندا بادل اسان ڏانهن موڪليس. اسان سان هتي سڄي جٺ ايم ڪيو ايم وارن ڪئي آهي، انهن جا ميئر سڀ مال کائي ويا. مون وري ايم ڪيو ايم جي ميئرن سان ڳالهايو. انهن قسم کڻي ٻڌايو ته مال سڀ مٿيان کائي ويا. اسان کي جيڪي ڪجهه مليو سو اسان لنڊن موڪليو، ڪجهه پنهنجي به ڏاٺ ڪوسي ڪئيسن. اسان جو ڏوهه ڪونهي. جمعدارن نالن جي صحيح صفائي ڪانهي ڪئي. مون وري جمعدارن سان ڳالهايون انهن چيو اسان کي مليو ٽڪو به ڪونه! پگهارن لاءِ به اسان ٻهارا اڀا ڪري پئي احتجاج ڪيا، مال سڀ مٿيان کائي ويا. باقي صفائي آڱوٺي مان ٿيندي. اهو ٻڌي آئون حيران ٿي ويس. اوچتو ڏهوڙ جي پوٺي تي ڇڏي آيل بي يارو مددگار طوطن ۽ طوطن ماءُ مون کي ياد آيا. آئون پاڻي جهاڳي واپس اچڻ لڳس. گس ۾ مون ڏٺو هزارين دربدر ٿيل منهنجا غريب هم وطن، واهن ۽ سم نالين جي ڪپن، رستن جي ڀر ۾ ۽ دڙن تي ويٺل هئا. انهن کان پڇڻ وارو ڪير به ڪونه هو. سندن ٻارڙن بک ۾ پئي رڙيون ڪيون. اهي دردناڪ منظر ڏسي منهنجو جيءُ جهري پيو ۽ هانءُ ڦاٽڻ لڳو مون کي وري به وفا ناٿن شاهي جو هي بيت ياد آيو.
جهرڪين جا خدا باز کي پر نه ڏي
بند برسات ڪر يا ڪچا گهر نه ڏي

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *