Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_beemm7tf6uqvd2ufjekgbvml2r, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مينهن ۾ ڀِڳل ڳالهيون - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مينهن ۾ ڀِڳل ڳالهيون - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

مينهن ۾ ڀِڳل ڳالهيون

سوير اٿيم، ڌڻي سڳوري جي نيري ڇٽيءَ هيٺان، ڪڪرن ۾ عورت، هاٿي ۽ گهوڙا ٺهندا پئي ويا، مان هٿ منهن ڌوئي، بوٽ پائي، مارننگ واڪ لاءِ نڪري پيم. (الک شاهه شهيد) جي مزار ٽپيم ته مينهن ڪڻيون رحمت بڻيون، گرميءَ جو زور ٽٽو. هانو تي ڇنڊو پيو. شاهي باغ پڳم. مينهن ڪري حاضري گهٽ هئي. هڪ ٻن همراهن کان سواءِ (مقيم علي ابڙو) سان دعا سلام ٿي. او جي ڊي سي ۾ انجنيئر آهي. سٺو ماڻهو آهي. چپن تي سدائين مرڪ هوندي اٿس. فوٽن جو شاعرن اياز گل، جواد جعفري ۽ امداد سولنگيءُ وانگر وڏو شوقين مڙس آهي. روزانو دوستن سان فوٽو ڪڍرائي هڪ دم فيس بڪ ۽ پنهنجي واٽس ايپ گروپ شڪارپور فرينڊس تي رکندو آهي ڪنهن ڏينهن دل گهريو نه مليس ته واٽ تي هلندڙ گڏهه سان فوٽو ڪڍي، شوق پورو ڪندو آهي.
مون پنهنجي وس آهر گهمڻ ۽ ڊڪڻ پورو ڪيو. مينهن لهي پيو. وڻ هيٺان اچي بيٺم، جيڪو ماڻهو ڪڏهن مينهن ۾ وڻ هيٺان بيهي پسيو ناهي، سو شاعريءَ کي نه سمجهي سگهندو. مينهن هلڪو ٿيو. لٽا آلا ٿي ويا هيا. باغ خالي ٿي چڪو هو. عشرت چوڌري ته ڇا مالهي به ڪونه هو جو مون کي ڏسي، چيلهه تي هٿ رکي، گانو چوڻ لڳي “ڪڇ دير تو رڪ جائو برسات ڪي بهاني، ڪرلين گي چار باتين ڪسي بات ڪي بهاني”.
مان گهر آيم، ڪپڙا مٽايم، بجلي ستل انسان جي وات وانگر بند هئي. گهر ڀاتي خوابن جي دنيا ۾ هيا. فرج مان ڍٻل ڪڍيم. انب ڪو نه هو، بيسڻ جون ٽڪيون ۽ تريل ٻٽالو پيا هيا. بورچي خاني ۾ اچي، رشوت خور آفيسر جي ڪاري دل جهڙي تئي تي رکي، گرم ڪيم. کاڌم، شهنشاهه اڪبر بڻجي ويم. مٿان چانهه ٺاهي پيتم، ڊسٽ بدران روبي جو مزو اچي ويو. آهلي پيم. اک لڳي وئي. ڏهين وڳي کلي دعا گهريم شل! ڪنهن سهڻي عورت سان اک لڳي. ويٺم مس ته صلاح الدين اوستي جي فون آئي. سائين! ڊاڪٽر زاهد ڀٽي جي امڙ گذاري وئي. منجهند ٻي وڳي نماز اٿو. دل ۾ چيم جيئري هئي ڇا؟ نوي جي ڏهاڪي ۾ سندس سهڻي ڌيءَ ڊاڪٽر فوزيه ڀٽو کي ظالمن ماري ڇڏيو. صدمو اڌ هليو ويو هيس، ته سندس پيار ڪندڙ مڙس ڊاڪٽر لعل منهن موڙي ويو ته صدمو موٽي آيو. سورن کي ٿڦڪيون ڏئي سمهاري پئي، ته گذريل سال سندس سهڻو سدورو وڏو پٽ، سنڌ جو ڏاهو، ذهين، فلسفي، ادب ۽ سياست جو وڏو ڄاڻو جاويد ڀٽو، آمريڪا ۾ هڪ نيگرو هٿان شهيد ٿي ويو.
جاويد ڀٽو صاحب ٻٽي سال اڳ شڪارپور آيو، اوستو هائوس تي ٻه راتيون سنگت سان ڪچهري ۾ ڏاڍو خوش ٿيو. سنڌ يونيورسٽي جي حوالي سان يادن کي اٿلائي چوڻ لڳو. “مون کي ٽن شاگردن مرحوم عاصم آخوند، اياز مغيري ۽ لياقت ٿهيم تي فخر ٿيندو آهي. هڪ شاگردياڻي تي سخت ندامت ٿيندي آهي”
مان ۽ محمد آزاد جوکيو جنازي جي نماز لاءِ وياسون، نماز کان پوءِ لاش قبرستان کڻي ويا. اسان وٽ گاڏي نه هئي. صدر ۾ احسان مريءَ جي هوٽل تي سندس اوسيئڙي ۾ ويٺاسون. وقت چئي آءُ بادشاهه! ان هوٽل تي ويهه ورهيه اڳ ڊاڪٽر اعجاز انڙ، ڊاڪٽر اعجاز قاضي، عديل مهر، سجاد مهر ۽ اشفاق آذر جهڙا شاعر ۽ ليکڪ، استاد نظر محمد ڪاغذي ۽ استاد منظور ڦلپوٽو جهڙا ڪرڪيٽ جا وڏا رانديگر ويهي، منڊلي مچائيندا هيا. هاڻي ڀتين کي دونهين ڪارو ڪري ڇڏيو آهي.
همراهه جاويد صاحب جي امڙ کي، مڙس، پٽ ۽ ڌيءَ ڀرسان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪري، آڪهه ڀرسان رکي موٽي آيا.
اسان موسيقار شاهد ڀٽو ۽ ڊاڪٽر زاهد ڀٽو سان عذر خواهي ڪئي. پريل مري، ماما رياض، استاد منظور ڦلپوٽو، محسن معجائي، صلاح الدين اوستو، سعيد پيراڻي، ڊاڪٽر سليم پيراڻي، ڊاڪٽر اعجاز قاضي، وحيد پيراڻي ۽ علي رضا پيراڻي جن سان سلام دعا ٿي، ڊاڪٽر سليم پيراڻي سال ڏيڍ اڳ هائوس جي مهربانيءَ سان ڊي، ايڇ، او ٿيو، هٿ ٻڌي، جان ڇڏايائين جو مليس لک، ڏئي اڍائي لک ! چور ويا چوريءَ تي، سامان ڪٺو ڪري کٽ تي رکيائون، سامان ڏسي چورن جي سردار چين”مال ناهي کڻڻو، موٽائي رکو“، پڇيائونس: ” ڇو؟“ ورندي ڏنائين: اڙي چَريئو ! سامان ڏهن هزارن جو به ناهي، صوبيدار سان ٻولي پنجاهه هزارن جي ڪئي آهي، چاليهه هزار گهران ڀري ڏيون ڇا ؟“
ٻئي ڏهاڙي سنگتي ۽ شاعر زبير سومرو سان تڏي تي وڃڻ ٿيو، زبير سومرو جونيئر به هو. جيڪو باشعور ۽ ادب جو پانڌيئڙو آهي. اسان لکي در تان چنگچيءَ ۾ ويٺا سون، ٻئي اڳيان ويٺا، مان پوئين سيٽ تي ويٺم، هڪ اڌ سواري اچي ته هلي، هڪ چڱيرڙي زائفان ايندي ڏٺم ته مون کلي ڪري سنگت کي چيو: ”اڄ ته ڀاڳ ٿا کلن.“
هن مون کي ڏسي ويهڻ کان انڪار ڪيو، نڪَ کي موڙو ڏئي، ٻئي چنگچي ڏانهن هلي وئي، نيٺ چنگچي هلي. جماڻي هال وٽئون هڪ اڌڙوٽ عورت، منهن مهانڊو به موهيندڙ نه هيس، ڪڇ تي ٻار سوڌو، چڙهي، مان سري ڪري چيو مانس: ”ويهه امان ويهه“ هوءَ اسپتال وٽ لهي وئي، اسان ڦاٽڪ اوريان لٿاسون ته زبير ميان کلي چوڻ لڳو: ”واهه سائين واهه!” “ڇو ڇا ٿيو؟“ پڇيومانس، چوڻ لڳو: ”جوان مائي ڏسي چيو ڀاڳ ٿا کلن. ٻار واري اچي ويٺوَ ته چيو سُونئن”ويهه امان ويهه.“ منجهند جو موٽ ٿي، ماني کائي، احمد شاڪر جو موڪليل ڪتاب”پور وڇوٽ پاڇا“ کڻي، پڙهڻ لڳم، احمد شاڪر نوجوان، ڳنڀير، کلڻو ۽ عشق جو ڏنگيل آهي. فريدآباد جي ماڻڪن جوهر بروهي ۽ علي دوست عاجز جن جا پيرا کڻي، ادب جي واٽ تي آيو. گس پنهنجو ورتائين، هو سيلاني به آهي، چوندا آهن ”زائفان رُلي ته ڀُلي، مرد رلي ته کُلي“. هي گذريل مهيني گهوٽڪيءَ پاسي سنگت ڏانهن ويو، موٽ تي سکر مئون فون ڪيائين. ”سائين! اوهان لاءِ ڪتاب ڪاٿي رکان؟“ مون پڇيو مانس: ”شڪارپور روس ۾ آهي ڇا؟ سکر کان پنڌ ڪيترو ؟ ٽهڪ ڏئي، معذرت ڪيائين. چيومانس: ايريگيشن آفيس ۾ ليکڪ ۽ دلبر ماڻهو بشير منگي اٿي، ان وٽ رکيو وڃ.“ هن سکر ۾ هڪ اڌ سنگتيءَ ڏانهن فون ڪئي، لنوائي، تڏي تي ويهڻ جا بهانا ڪيائونس، ان شهر ۾ هڪ تڪ بند شاعر ڏاڪدر آهي، شاعريءَ وفا، جفا پڙهي، پڙهندڙ خفا ٿي ڪتاب دريءَ مئون اڇلائي، ٻئي شهر وڃي، ميزبان کي ٻٽا ڀاڪر پائي، گهور وڃيس، منٿون ڪري، مشاعري ۾ خاص مهمان بڻجي ويهي، مانيون ٽڪيون ڳري، چانهيون ڏوگهي، واپس ٿئي، قسمتي ميزبان سکر اچي. هن ڏانهن فون ڪري ته رکو جواب ڏيندي چئيس: ”ادا ! مان ته ٺري ميرواهه آهيان.“
احمد شاڪر جي ڪتاب ”پور وڇوٽ پاڇا” ۾ خط آهن. جيڪي هن لاڪ ڊائون ۾ مختلف شاعرن، ليکڪن ۽ سنگتين ڏانهن لکي، فيس بڪ تي رکيا. اتي بنا پڙهڻ جي مدح سراحي شروع ٿي وئي. شاعر پنهنجي پر ۾ خوش ته خطن ۾ مرزا غالب کي ماري ويم. لاڪ ڊائون ختم ٿيو. ڪتاب اک ڇنڀ ۾ ڇپجي ويو.
ادب ۾ کوڙ خطن جا ڪتاب ڇپيل آهن، سنڌي، انگريزي، اردو ۽ ٻين ٻولين ۾ هزارين ڪتاب ڇپيل آهن. ڪي شاهڪار آهن، ڪن ۾ مزو ناهي. هن ڪتاب ۾ ايڪويهه خط آهن. لکت ۾ رواني آهي. هر خط ۾ محبوبا جو ذڪر آهي. جيڪو ٿورو ٿڪائي ٿو. جوانڙو آهي. هن کي وڻندو هوندو پر بالغ نظر واري کي متان نه وڻي. مون کان هڪ پڇيو “سائين! عشق ڪٿي پهتو؟” وراڻيو مانس: “من! مان ته ٺهي ويو آهيان، جڏي هوءَ ٺهي”.
خطن ۾ تشبيهن جي لٺ لڳي پئي آهي. لٺ ته وري مٿو ڦاڙيندي آهي. ڪتاب ۾ هڪ ڳالهه اڻ ٺهڪندڙ آهي. شهيد لفظ نج اسلامي مذهب جو آهي ۽ لاڳو به مسلمان تي ٿيندو. اهو به ان شخص تي جيڪو وطن جي راهه ۾، دين لاءِ يا بي گناهه ماريو وڃي. اسان وٽ ته هڪ وفاقي وزير، وڏي ماڻهوءَ زال ماري، پاڻ خودڪشي ڪئي، جنهن جي جنازي نماز جي به منع آهي، اهو به شهيد بڻجي ويو.
ڪتاب ٺيڪ ٺاڪ آهي. هڪ ڀيرو پاڻ پڙهي، ٻئي کي ڏيڻ سان ٻنهي ڄڻن کي خوشي حاصل ٿيندي. مون پڙهي، آزاد کي ڏنو، هاڻي آجو آهيان.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *