تازا ترين
  • *خيرپور: اي ايس آءِ بلاول وساڻ جي قتل ڪيس ۾ گرفتار 2 جوابدار دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش *فراز راجپوت ۽ سيد ثقلين شاهه کي 7ڏينهن جو جسماني ريمانڊ پورو ٿيڻ تي اي ٽي سي ۾ پيش ڪيو ويو*
  • *کپرو: هٿونگو ۾ ليکڪ ايوب گل جي پلاٽ تي مبينا قبضي جي ڪوشش دوران جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي *جهيڙي دوران رحمت الله ۽ قادر بخش راڄڙ زخمي ٿي پيا، اسپتال منتقل* جهيڙي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، تڪراري پلاٽ جو معائنو*
  • *ڪراچي ۾ 3 مهينا اڳ مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل لاڙڪاڻي واسي جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو *فيصل ابڙو جي وارثن پاران ڪراچي پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، معاملي جي شفاف جاچ جو مطالبو *فيصل کي ڪراچي پوليس ڪوڙي مقابلي ۾ قتل ڪيو، انصاف ڪيو وڃي: وارث*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *راڌڻ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي ڀاءُ سميت 3ڄڻن جي گرفتاري خلاف ٻئي ڏينهن احتجاجي مظاهرو، ڌرڻو *شهرين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن سڪندر جوڻيجو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ ٽن ڄڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻو هنيو *پوليس امين جوڻيجو ۽ سندس ٻن ڀائٽين کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو آهي: مظاهرين*
  • *جهڏو ۾ ڪورونا جي پکيڙ جاري، وڌيڪ 26 ڄڻن جي ٽيسٽ رپورٽ پازيٽو اچي وئي *جهڏو ۾ ڪورونا مريضن جو انگ وڌي 30 ٿي ويو *
  • *مٺي ويجهو جيپ روڊ ڪناري بيٺل ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي، عورت فوت، 10 ڄڻا زخمي *بدين روڊ تي ڳوٺ هيلاريو پير وٽ حادثي ۾امران زال ٽاڀو ميگهواڙ فوت، امولک، مٺو ميگهواڙ ۽ ٻيا زخمي*
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

ميونسپل جو ڊانوانڊول نظام عوام لاءِ آزار

گذريل ٻن اڍائي مهينن کان جڏهن بلدياتي نظام جو مدو پورو ٿيو آهي، تڏهن کان پوري سنڌ سميت خيرپور ۾ پڻ ميونسپل ڪاميٽي ۽ ٽائون ڪاميٽين ۾ ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا ويا آهن ته جيئن شهرن جي صفائي سٿرائيءَ ۽ عوام کي مٺي پاڻي جي فراهميءَ ۾ ڪو رخنو نه پئجي سگهي.خيرپور شهر جيڪو پنهنجي وڌندڙ آباديءَ ڪري ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيئي رهيو آهي پر ان ۾ سڀ کان وڏو مکيه مسئلو خيرپور شهر جي صفائي سٿرائي ۽ مٺي پاڻي جي فراهمي آهي.جنهن جي ذميواري ميونسپل ڪاميٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي هجي ٿي. خيرپور ميونسپل ڪاميٽي جو ايڊمنسٽريٽر اي ڊي سي ون مقرر ڪيل آهي جنهن ميونسپل ڪاميٽي جون واڳون گذريل ٻن ميهينن کان سنڀالي ورتيون آهن.موجوده ايڊمنسٽريٽر ميونسپل خيرپور مقرر ٿيڻ سان خيرپور جي عوام ۾ اهي اميدون جاڳيون هيون ته هاڻ شهر مان گند ڪچري ۽ بيٺل گندي پاڻيءَ جا مسئلا حل ٿيندا ڇاڪاڻ ته اڳ سياسي نمائندن هجڻ ڪري ميونسپل خيرپور جي بجيٽ جو درست استعمال نه پئي ٿيو. نئين ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيڻ سان خيرپور جي ميونسپل ڪاميٽيءَ جا حيرت ۾ وجهندڙ انڪشاف به سامهون آيا، جيئن روزانو هڪ هزار پيٽرول جيڪو ميونسپل انتظاميا پاران گند ڪچرو ڍوئيندڙ لوڊر رڪشائن ، ٽريڪٽرن ۽ ٻي مشينري کي ڏنو ويندو هو اهڙي پيٽرول جي ونڊ ورهاست ۾ سياسي ماڻهن کي پڻ حصو ملندو هو جيڪو شايد هاڻ مستقل نه رهي سگهيو آهي. پر اهو پڻ معلوم ٿيو آهي ته گند ڪچرو ڍوئيندڙ عملي کي پڻ پورو پيٽرول نه ٿو ملي جن جون شڪايتون آهن ته هڪ ته پگهار وقت تي نه ٿي ملي ۽ ٻيو وري گاڏين ۾ پيٽرول به نه ٿو ملي جنهن ڪري شهر مان گند ڪچرو نه ٿا کڻي سگهون. خيرپور شهر جي ميونسپل ڪاميٽي جيڪا 5 يوسيز جيلاني ،بخاري،ڀرڳڙي،لقمان۽ شاهه لطيف تي مشتمل آهي جنهن جي آبادي 5لکن تائين ڦهليل آهي. جڏهن ته نيون هائوسنگ اسڪيمون ايتريون وڌيون آهن جن جي ڊرينيج جي گندي پاڻيءَ جي نيڪالي ۽ گهرن جو گند ڪچرو نيڪال ڪرڻ لاءِ ڪوبه عملو مقرر ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري اهڙين 50 کان وڌيڪ هائوسنگ سوسائيٽين ۾ هزارين نوان خاندان رهائش پذير آهن جن کي مٺي پاڻي جي فراهمي سميت سوئي گئس، بجلي جون سهولتون ميسر ناهن.اهڙين لاوارث هائوسنگ سوسائيٽين کي ميونسپل انتظاميا کي پنهنجو ڪرڻ گهرجي ۽ اتي مٺي پاڻي جي فراهمي سميت صفائي سٿرائي جو عملو مقرر ڪرڻ گهرجي.پر حالت اها آهي ته ميونسپل خيرپور شهر جي قديمي محلن جي صفائي ۽ گندي پاڻي جي نيڪال ڪرڻ جي به قابليت وڃائي ويٺي آهي۽ اها ڪمي نون ايڊمنيسٽريٽرن مقرر ٿيڻ بعد تهائين وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وڃي.خيرپور جي ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسا شاهه پاران جوڙيل واٽس اپ گروپ “اين اي 208” ۾ شهر جي مختلف محلن جي صفائي تي پنهنجي ڪارڪنن کي ذميورايون سونپيون ويون آهن جيڪي روزانو جي بنياد تي رضاڪاراڻي طور پنهنجن پاڙن جون صفايون ڪرائين ٿا ۽ ميونسپل عملي جا مددگار بڻيل آهن.پر تنهن هوندي به شهر جي پکيڙ وڌي هجڻ ڪري سوين پاڙا اهڙا به آهن جن ۾ لقمان،مل ڪالوني ، اعظم ڪالوني،شاهه لطيف ڪالوني،ڏٻر، ڀرڳڙي، جتي رضاڪار به گم آهن ۽ اتي گندگيءَ جا ڍير لڳي ويا آهن جنهن ڪري بيماريون ڦهلجڻ اڻٽر بڻجي ويون آهن.
خيرپور ميونسپل ڪاميٽي ۾ نئين مقرر ايڊمنسٽريٽر ۽ ميونسپل عملي ۾ هم آهنگي ۽ اعتماد جي به کوٽ محسوس ٿئي پئي جنهن سبب به ميونسپل عملو ۽ ان جو ڪمانڊر ايڊمنسٽريٽر ٻنهي جا منهن هڪ ٻئي کان پاسيرا نظر اچن ٿا اهڙي انتظامي بدنظمي ڪري ميونسپل ڪاميٽي خيرپور جو ڪم ڊانوانڊول نظر اچي ٿو. جيتوڻيڪ نئين ايڊمنسٽريٽر پراڻي چيف ميونسپل آفيسر مشتاق جماڻي جي بدلي به ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ان جي جاءِ تي نئون سي ايم او پڻ مقرر ٿي آيوآهي پر ان جي باوجود به خيرپور ميونسپل جي ايريا ۾ سوين پاڙن ۾ گند ڪچرو ۽ گندو پاڻي عام جام ملي ٿو خاص طور تي لقمان ، شاهه لطيف، بخاري يوسي جي سوين پاڙن جو عوام گندگيءَ جي آزار کي ڀوڳي رهيو آهي.
خيرپور ميونسپل انتظاميا پاران شهر جو گڏ ڪيل گند ڪچرو ريلوي ٽريڪ سان گڏ ٺيڙهي ڦاٽڪ وٽ ساڙيو وڃي ٿو جنهن سبب اتان گذرندڙ ماڻهو اٿندڙ دونهين سبب شديد پريشاني کي منهن ڏين ٿا،سڙندڙ گند جو دونهون ايترو ته وڌي وڃي ٿو جو آسمان ۾ ڪڪر ٺهي وڃن ٿا ۽ آس پاس ۾ ڪلوميٽرن تائين دونهين جو ڄار ڦهلجي وڃي ٿو جنهن سبب ايندڙ ويندڙ گاڏين جي ڊرائيورن کي ڪجهه نظر به نه ٿو اچي.جڏهن ته ڪيترائي ئي ساهه يا دم جا مريض واٽهڙو اهڙي دونهين سبب دم ۽ کنگهه جي شديد دوري ۾ مبتلا ٿي وڃن ٿا.ميونسپل خيرپور پاران شهرين لاءِ قائم ڪيل اهڙي آزار جو تدارڪ ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته ٺيڙهي ڦاٽڪ روڊ شهر جو انتهائي مصروف روڊ ته آهي ئي پر اتي قائم ڪامپريهينسو هاءِ اسڪول ۽ ٻيا خانگي تعليمي ادارا موجود آهن جن جو تدريسي عمل دونهين سبب شديد متاثر ٿئي ٿو.
خيرپور ميونسپل انتظاميا جي وهنوار کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ سياسي ڌرين کي ته اک پٽڻ گهرجي پر ڊپٽي ڪمشنر خيرپور کي پڻ اڳتي اچي پنهنجو ڪردار نڀائڻ گهرجي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *