تازا ترين
  • انتظامي رڪاوٽن باوجود پي ڊي ايم جو ملتان ۾ سياسي پاور شو، قاسم باغ اسٽيڊيم ۽ گهنٽا گهر چوڪ تي ڪارڪنن جي آمد جاري*پي ڊي ايم سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ آصفه ڀٽو زرداري ۽ مريم نواز به ليگي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي قافلن سان گڏ جلسي گاهه پهتل*آءِ جي پنجاب جي هدايتن تي ملتان جي رستن تان ڪنٽينرز ۽ ٻيون رنڊڪون هٽايون ويون. ملتان ۾ موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل*

مڙيا مڇ هزار، ڀاڱا ٿيندي سهڻي

ڪراچي هينئر سمورن وفاقي ادارن، ميڊيائي ادارن جي اک ۾ آهي، ملڪ جي سمورن سربراهن جون بيٺڪون ڪراچي ۾ ٿي رهيون آهن، جنهن مان محسوس ٿي رهيو آهي ته ڪراچي بابت ڪي وڏا فيصلا ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ڪراچي وڏي عرصي کان وٺي نه رڳو ملڪي پر غير ملڪي قوتن جي اک ۾ رهي آهي، هي شهر جاگرافيائي حوالي سان ڏکڻ ايشيا جو اهڙو ته سڻڀو شهر آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ پر ورهاڱي کان اڳ به ايشيا جي ڪيترن ئي لٽ ماڙ ڪندڙ ۽ ڦورو طبقن جي نشاني تي رهيو آهي. ورهاڱي وقت به ڪراچي کي ملڪ جو تخت گاهه بڻائڻ ۽ ان کان پوءِ لڏ پلاڻ ڪري آيل ماڻهن کي هتي آباد ڪرائڻ جي نيت به ان شڪ جي نگاهه سان ڏٺي وڃي ٿي. ورهاڱي بعد به ڪراچي کي اک ۾ رکي ويٺل ڌرين قومن کي ويڙهائڻ جي حوالي سان جيڪي وڏيون سازشيون ڪيون انهن ۾ شايد سڀ کان وڏي سازش ڪراچي لاءِ ئي جو ڙي هئي، اهو ئي سبب آهي جو رنگ، نسل ۽ ٻولي جي بنياد تي جيترا جهيڙا ڪراچي ۾ ٿيا آهن، جيترا خون ڪراچي ۾ وهيا آهن، جيترو ملڪيتن کي نقصان ڪراچي ۾ پهچايو ويو آهي اهڙو شايد ملڪ جي ڪنهن ٻئي حصي ۾ نه ٿيو هجي.
ڪجهه ڏينهن پهريان کاٻي ڌر جي اردو ڳالهائيندڙ اڳواڻ مرحوم معراج محمد خان جو انٽرويو ٻڌڻ لاءِ نصيب ٿيو معراج محمد خان چيو ته مون کي اصل اقتدار ڌڻين گهرائي چيو ته ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ جماعت جو بنياد وجهو اسين اوهان کي مڪمل سپورٽ ڪنداسين، اها ساڳي ڳالهه ڪافي سال اڳ ڪراچي بابت هڪڙي ڪانفرنس ۾ رسول بخش پليجو هيئن چئي هئي ته “مونکي هڪڙو نياپو موڪليو ويو ته اوهان اسان جي ڳالهه مڃو نه ته اسان ڪراچي کان اهڙي سياست جي شروعات ڪري رهيا آهيون جنهن جي سزا جو اوهان تصور به نه ٿا ڪري سگهو.” مٿين ٻنهي اڳواڻن جو ن ريڪارڊ تي ڪيل ڳالهيون ۽ ذري گهٽ 4 ڏهاڪن تائين ڪراچي ۾ ٿيل رتوڇاڻ اهو ثابت ٿي ڪري ته ملڪ جي هن سڀ کان وڏي شهر کي فسادن ۽ سازشن جي هڪ اهڙي اڏي ٺاهيو ويو جتي نه رڳو قومن جي حقن کي ڪٺو ويو پر ڪيئي اصول ۽ ڪيئي آئيني حدون هتي لتاڙيون ويون. ڪيترائي ڏهاڪا ملڪ جو هي سڀ کان وڏو صنعتي ڪاروباري، رهائشي ۽ جديد شهر، جنهن کي پاڪستان جو گيٽ وي به سڏيو وڃي ٿو اهو “نامعلوم” دهشتگردن جي ڪنٽرول ۾ رهيو سڄي ملڪ جي ميڊيا ڪراچي جي انهن نامعلوم ماڻهن جي ڌاڳي ۾ رهي، هن شهر جا سڀ وسيلا انهن جي حوالي هئا شهر جا سڀ ادارا انهن جي ڪنٽرول ۾ هئا ويندي هن شهر جي ڪروڙين ماڻهن جي جان ۽ مال انهن جي رحم ڪرم تي هئي. ڏينهن ڏٺي جو ڀري بازار ۾ هو ڪنهن کي به ماري ڇڏين ڪابه گاڏي ساڙي ڇڏين، ڪنهن به دڪان بينڪ ۽ فيڪٽري کي باهه ڏئي ڇڏين پر هن ملڪ جا سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ انصاف ڏيندڙ ادارا هن شهر ۾ اچي پنهنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيندا هئا، اهو ته عجيب اتفاق ٿيو جو هي شهر جنهن ماڻهو جي حوالي ڪيو ويو هو اهو آخر ۾ ٻين جي هٿن ۾ کيڏڻ لڳو ۽ اصل اقتدار ڌرين کي اها ڳالهه نه وڻي جن کيس هن شهر جي بي تاج بادشاهي تان هڪ ئي ڌڪ سان لاهي پٽ تي اڇلائي ڇڏيو. شهر مٿان سياسي راڄ جي خاتمي جو اعلان ته ڪيو ويو پر ڪراچي مان هٿ ڪڍڻ ۽ سياسي قيادتن حوالي ڪرڻ لاءِ اڃان به راضي ناهن، اهو ئي سبب آهي جو سڄي ملڪ ۾ مينهن وسن ته ملڪي ميڊيا مٿين جي اشاري تي برساتن کي خوشگوار موسم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو پر ڪراچي ۾ مينهن وسن ته ايڏو طوفان برپا ڪيو وڃي ٿو جو ڄڻ انسان صرف ڪراچي ۾ ئي رهندا هجن.
سيد مراد علي شاهه ڪالهه پريس ڪانفرنس دوران ملڪ جي هن نام نهاد قومي ميڊيا کي طعنو ڏيندي چيو ته ڪراچي ۾ برسات پئي ته عوام تمام گهڻو شور مچايو پر هن وقت بدين ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ برسات تمام گهڻي تباهي آندي آهي ڀل مون تي تنقيد ئي ڪيو پر نقصان ته ڏيکاريو . ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کان ناراض ٿي هن شهر جو مينڊيٽ جنهن پي ٽي آءِ کي ڏنو ويو لڳي ايئن پيو انهن کي به اسڪرپٽ اهو ئي ڏنو ويو جيڪو ايم ڪيو ايم کي ڏنو ويو هو انڪري ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ به ساڳي ئي ايجنڊا، ساڳي ٻولي ۽ ساڳي طريقي سان ڪم ڪري رهي آهي جيئن هن شهر ۾ ايم ڪيو ايم ڪيو هو. هي اهو شهر آهي جيڪو سنڌ صوبي جو حصو هوندي به 60 سيڪڙو کان وڌيڪ وفاقي ادارن جي ڪنٽرول ۾ آهي.
هن شهر اندر 7 ڪنٽونمينٽ بورڊ آهن، جن اندر سنڌ حڪومت جو ڪو به اختيار ناهي هلندو، هن شهر جو سڀ کان وڏو روڊ شاهراه فيصل ذري گهٽ ٻنهي پاسن کان وفاقي ادارن جي ڪنٽرول ۾ آهي، مراد علي شاهه هن شهر کي وڌائڻ ۽ ويڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته کيس ٽي فٽ وڌائڻ جي به اجازت نه پئي ملي، هن شهر جا سامونڊي ڪنارا 90 سيڪڙو وفاقي ادارن جي ڪنٽرول ۾ آهن، هاڪس بي واري پاسي کان اچبو ته وڏو حصو نيوي جي ڪنٽرول ۾ آهي، جنهن بعد ڪراچي پورٽ جون حدون شروع ٿين ٿيون ۽ ڪراچي پورٽ کي به وفاق ڪنٽرول ڪري ٿي جتي ڪراچي پورٽ ختم ٿئي ٿو اتان کان ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي جون حدون شروع ٿين ٿيون ۽ ڊي ايڇ اي به جن جي هٿن ۾ آهي اهو ڪنهن کان لڪيل ناهي، ڊي ايڇ اي کانپوءِ رڳو ابراهيم حيدري ۽ ريڙهي ڪراس ڪبي ته سامهون قاسم پورٽ جا گارڊ ڏنڊا کڻي بيٺل هوندا ته هاڻ اسان جون حدون شروع ٿين ٿيون. هن شهر جا سڀ کان مهانگا، خوبصورت ۽ رٿابندي سان ٺهيل رهائشي علائقا مختلف ڪينٽونمنيٽ جي حدن ۾ اچن ٿا.
مراد علي شاهه تي ته هونئن ئي وفاق ناراض آهي پر اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾، ان وقت جي سمورن وفاقي ادارن جو سڀ کان وڏو لاڏلو ناظم مصطفيٰ ڪمال به برساتي ڏينهن ۾ دانهون ڪري چوندو هو ته ڪراچي 37 سيڪڙو منهنجي ڪنٽرول ۾ آهي باقي شهر تي ته منهنجا اختيار نه ٿا هلن. جنهن شهر جا 63 سيڪڙو علائقا وفاق جي حوالي هجن ان شهر جي صوبائي حڪومت مٿان اها تنقيد چوٽ چڙهيل هجي ته هو شهر لاءِ ڪجهه نه ٿي ڪري اهڙي تنقيد کي جيڪڏهن سازش جي نگاهه سان ڏسجي ته غلط نه ٿيندو. ڪراچي جي هڪڙي صحافي جي حيثيت ۾ آئون سمجهان ٿو ته پيپلز پارٽي جي موجوده حڪومت جييترو ڌيان ڪراچي شهر تي ڏنو آهي ايترو ڌيان سنڌ جي ٻئي ڪنهن به شهر تي ناهي ڏنو. ان باوجود سمورا وفاقي ادارا ورکنجي ڪراچي ۾ لٿل هجن ته يقينن اهو چئي سگهجي ٿو ته هن شهر لاءِ ڪي گهريون سازشون سوچيون پيون وڃن، مينهن ته سڄي ملڪ ۾ پيا آهن، عمرڪوٽ، بدين، ميرپوخاص ۽ سانگهڙ ضلعن ۾ لکين ماڻهو فصل تباهه ٿيڻ، گهر لڙهي وڃڻ سبب روڊن رستن تي ويٺل آهن پر وزيراعظم سميت ڪو به وفاقي ادارن جو سربراهه انهن کي هن ملڪ جو شهري سمجهي انهن وٽ وڃڻ لاءِ تيار ناهي. اهڙا مينهن ته سوات، گلگت بلتستان، لاهور ۽ ملڪ جي ٻين علائقن ۾ به پيا آهن پوءِ ڇو ڪراچي گٽر نالن کي ملڪي سرحد سمجهي سڀئي لڏو لاهي ويٺل آهن، ان مان لڳي ٿو ته سمورن جو نگاهون ڪراچي تي ۽ ڪراچي جي وسيلن تي آهن، وزيراعظم ڪراچي بابت اجلاس ڪري ۽ ڪراچي جي دورن جا پروگرام پيو ٺاهي، ڪراچي بابت ڪميٽيون ٺاهي وفاق سڌي ريت مٿان مانيٽر ڪرڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي جنهن مان اهو نتيجو ڪڍجي سگهي ٿو ته هن شهر خلاف سازشن ڪو ڇيڙو ناهي ڪيو، پ پ حڪومت مٿان ڪيتري به تنقيد ڪجي پر مون کي الائي ڇو ايئن محسوس ٿئي ٿو ته پ پ ڪراچي کي ڦرجڻ کان بچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي، پ پ ڪيترو ڪامياب وڃي ٿي اهو سوال پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿو پر جڏهن ملڪ جا سڀ ادارا ڪراچي ۾ اکيون وجهي ويهن ته هتان جي ماڻهن کي ڳڻتي ضرور آهي ته ڪٿي هي اسان جو شهر اسان کان کسيو ته نه ويندو.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *