Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_qd5nsnmrpcoftveqjm660t8ama, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مڪاني ادارا ۽بجلي ڪمپنيون ڪڏهن سڌرنديون؟ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مڪاني ادارا ۽بجلي ڪمپنيون ڪڏهن سڌرنديون؟ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

مڪاني ادارا ۽بجلي ڪمپنيون ڪڏهن سڌرنديون؟

سموري سنڌ انيڪ مسئلن جي ور چڙهيل آهي، عام ماڻهو کي بنيادي شيون بجلي، پيئڻ جو صاف پاڻي، صفائي سٿرائي، ڊرينيج سسٽم ، صحت ۽ انصاف به ميسر ناهن ،عام ماڻهو ته انهن مسئلن ۽ حڪومتي توڙي انتظامي نا اهلي تي دانهون ڪندو رهي ٿو ۽ شايد ئي ڪو شهري هجي جيڪو انهن سهولتن ملڻ بابت مطمئن هجي پر هاڻي حالت اها وڃي بيٺي آهي جو اهي بنيادي شين جا معاملا به اعليٰ عدالتن تائين پهتا آهن،۽ معزز جج صاحبان به عوام کي اهي شيون نه ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن.ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ گندگي بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جسٽس خادم حسين شيخ هڪ ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهيو هو ته وڪيلن جج صاحب کي ڪجهه تصويرون ڏيکاريون . ان ڪيس ۾ مڪاني ادارن وارو سيڪريٽري به ڌر بڻيل هو پر اهو عدالتي حڪم باوجود پيش نه ٿيو هو. جنهن تي جسٽس خادم شيخ فوري طور تي کيس طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي جي حالت ڏسي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي ڇا ڪنهن وڏي شهر جي اهڙي حالت هوندي آهي؟ ڪير پنهنجي ذميواري پوري ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ريمارڪس ڏنا ته سياستدان جڏهن اقتدار ۾ ناهن هوندا ته وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندا آهن، پر جيئن ئي انهن وٽ پاور اچي ويندو آهي ته اهي پنهنجا واعدا وساري ويهندا آهن جڏهن ته وري ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن وارا آئي ڏينهن فنڊ نه ملڻ جون دانهون ڪندا آهن ته فنڊ ناهن ڪم ڪيئن ڪيون.؟ سنڌ سرڪار ٻڌائي ته جڏهن ڪي ايم سي کي فنڊ جاري نه ٿا ڪيو ته توهان پاڻ ڪم ڇو نه ٿا ڪيو، شهر جي صفائي ڇو نه ٿي ٿئي؟ عدالت جي اهڙي سوال تي مڪاني ادارن واري کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر چيو ته شهر کي صاف ڪرڻ جي ذميواري ڪي ايم سي جي آهي ۽ جيڪڏهن اها ڪم نه ڪندي ته سنڌ سرڪار انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جا اختيار رکي ٿي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪري سگهون ٿا. عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سنڌ سرڪار کان جواب طلب ڪيو آهي ته ٻڌايو ته ڪيتريون ڪارروايون ڪيون ويون ۽ شهر مان گند ڪچرو کڻي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.جيڪڏهن ڏسجي ته اهو رڳو هڪڙي شهر جو مسئلو ناهي اهو ته هڪڙو ڪيس هو ڪراچي جو جيڪو عدالتن جي آڏو آيو آهي انهي کانسواءِ سنڌ جي هر شهر جي اها حالت آهي جتي نه شهرين کي پيئڻ جو صاف پاڻي ٿو ملي نه ئي نيڪال جو ڪو اثرائتو نظام آهي جنهن جو مثال ڪجهه ڏينهن اڳ ٿوري برسات هئي جنهن ڪري ڪيترائي شهرن جا روڊ رستا تلائن جي صورت اختيار ڪري ويا هيا. ڪنهن به شهر ۾ صفائي نالي ڪا شيءَ نظر نه ايندي هر روڊ رستو گند ڪچري جو ڍير لڳو پيو هوندو آهي. انهي کانسواءِ بجلي جو به مسئلو آهي جنهن جي هر شهر ۾ 18 ،18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ٿيندي رهي ٿي پر ڪير انهي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. جنهن ڪري اهو معاملو به عدالت ۾ آيل آهي،
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ بجلي جي معاملي تي به هڪ اهم ٻڌڻي ٿي هئي عدالتي حڪم باوجود ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ ختم نه ٿيڻ تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪي اليڪٽرڪ عوام لاءِ عذاب بڻجي وئي آهي، اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ڇو نه ڪي اليڪٽرڪ جو لائسنس رد ڪيو وڃي. ڪي اليڪٽرڪ ۾ صرف نااهل ماڻهو ڀرتي ٿيل آهن. اهڙي حالت رڳو ڪي اليڪٽرڪ جي ناهي ،حيسڪو ۽ سيپڪو جي ته انهي کان به حالت وڌيڪ خراب آهي ،ڪراچي وڏو شهر هجڻ ڪري اتي ٿيندڙ مسئلن جي دانهن حڪمرانن تائين جلد پهچي وڃي ٿي پر ننڍن شهرن سان ته اهو عذاب آهي ته مسئلا حل ٿيڻ ته پري جي ڳالهه رڳو دانهن به حڪمرانن ۽ انتظاميا جي ڪنن تائين نه ٿي پهچي يا اها دانهن پهچائڻ لاءِ ماڻهن کي مسلسل احتجاج ڪرڻو پوي ٿو.سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته نيڪال نظام،گندگي ۽ بجلي جهڙا بنيادي مسئلا به جڏهن انتظاميا حل نه ٿي ڪري سگهي۽ انهن لاءِ به عدالتن کي مداخلت ڪرڻ پئي يا هدايتون ڏيڻيون پون ته اهي ته پوءِ هي حڪمران ۽انتظامي مشينري ڪهڙي مرض جي دوا آهي جيڪا عوام جي ٽئڪس جي پئسن مان پگهارن سميت سموريون سهولتون وٺي رهي آهي ؟ ڪراچي وڏو شهر هجڻ ڪري اتان جي رهواسين کي ڪٿي نه ڪٿي رليف ملي وڃي ٿو ڇو جو ڪراچي واسي ڪڏهن ڪورٽن ٻاهران ته ڪنهن مهل ريڊزون ۾ ته ڪنهن مهل ڪي اليڪٽرڪ جي هيڊ آفيس آڏو ڌرڻو هڻي ويهي ٿا رهن ۽ انهن جا مسئلا 100 سيڪڙو نه ته به ڪنهن حد تائين حل ٿي وڃن ٿا پر حيسڪو ۽ سيپڪو جي صارفين سان ته ان کان وڌيڪ حالت خراب آهي ڇو ته اهي ٻئي بجلي ورهائيندڙ ڪمپنيون ته ڪي اليڪٽرڪ وارن کان به چڙهيل آهن انهن جي ايرياز ۾ ته 18 کان 20 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي ٿي پر انهن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي ايتري حد تائين جي ڪنهن علائقي جا رهواسي اگر لوڊشيڊنگ خلاف احتجاج ڪن ٿا انهن علائقن جا ٽرانسفارمر لاهي انهن کي سزا ڏني ويندي آهي ته جيئن اهي احتجاج جي وري ڪوشش نه ڪن.اسان سمجهون ٿا ته جڏهن ٿوري بهتر انتظام ڪاري سان جيڪي مسئلا حل ٿيڻ جوڳا هجن انهن بابت اعليٰ عدليا جي جج صاحبان جا اهڙي ريمارڪس اچن ته دل رت جا ڳوڙها ٿي ڳاڙي ته انهي کان وڌيڪ ذميوار ادارن ۽ سنڌ حڪومت جي ڪهڙي خراب ڪارڪردگي ٿي سگهي ٿي .ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لاڳاپيل ادارا پنهنجي شهرين کي بنيادي قسم جي سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڪم ڪار جي طريقيڪار تي نظر ثاني ڪن جيئن عوام مشڪلاتن ۽ عملدار عدالتي پڇاڻي کان بچي سگهن .

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *