تازا ترين
  • *پي ڊي ايم طرفان 13 ڊسمبر تي لاهور جي مينارِ پاڪستان گرائونڊ تي جلسو ڪرڻ جو فيصلو*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان نواز شريف اشتهاري قرار*
  • *اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ عبدالغني مجيد جي پارڪ لين ريفرنس ۾ حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *ملڪ ۾ قاتل وائرس ڪورونا وڌيڪ 75 ماڻهن کان حياتيون کسي ورتيون، 2 هزار 829 نوان ڪيس ظاهر*
  • *وفاقي وزير شبلي فراز جي نواز ليگ اڳواڻ اسحاق ڊار تي تنقيد، سچ اڳيان اسحاق ڊار جا هٿ پير ٿڌا ٿي ويا: شبلي فراز*
  • *ڪيسز ۽ گرفتارين سان عوامي احتجاجن کي نٿو روڪي سگهجي: پ پ اڳواڻ نيئر بخاري*
  • *عمران خان کي 13 ڏينهن جو الٽيميٽم ڏنو آهي، بهتر آهي ته استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي: مريم اورنگزيب*عمران خان استعيفيٰ نه ڏني ته عوام کيس گهرڀيڙو ڪري ڇڏيندو: نواز ليگ اڳواڻ*
  • *پنجاب سرڪار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي پرول تي آزادي ۾ هڪ ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي*

مڪاني ادارا ۽ انهن جون نيون تڪبنديون مڪاني ادارا ۽ انهن جون نيون تڪبنديون

ڪنهن به جمهوري ملڪ ۾ ٽئين درجي جي حڪمراني طور مشهور مڪاني ادارن جو ڪردار ان ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ تمام اهم هوندو آهي. اسان جي ملڪ ۾ به وقت بوقت مڪاني ادارا جڙندا ۽ ڊهندا رهيا آهن. ڪڏهن جمهوري دور ۾ مڪاني ادارن کي پنهنجي لاءِ خطرو سمجهي انهن کي معطل ڪيو ويو ته وري ڪڏهن غيرجمهوري حڪومتن ۽ آمريتن ۾ مڪاني ادارن کي هٿيار بڻائي پنهنجو ڪم هلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن ڪري اسان وٽ مڪاني ادارا ايترا مضبوط نه ٿي سگهيا ۽ اهي عوام جا اهنج گهٽائڻ ۾ ناڪام رهيا. چار سال اڳ جڏهن اسان جي ملڪ ۾ پارٽي بنيادن تي مڪاني چونڊون ٿيون هيون ته ان وقت به عوام کي انهن مان ڪا گهڻي اميد نه هئي جنهن ڪري مڪاني چونڊن ۾ ٽرن آئوٽ به ڪو ايترو گهڻو نه رهيو هو.
جڏهن 2018ع جي عام چونڊن ۾ تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت جڙي ته ان جي قيام بعد ٽن صوبن پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختون خوا ۾ مڪاني ادارن کي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون جڙڻ جي ڪجهه عرصي بعد کي گهرڀيڙو ڪيو ويو هو جڏهن ته سنڌ ئي اهو واحد صوبو آهي جتي مڪاني ادارن پنهنجو مدو پورو ڪيو آهي. مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن ميئرز، چيئرمينز، ڪائونسلرن سميت سمورن مڪاني نمائندن جو 4 سالن وارو مُقرر مُدو مڪمل ٿيڻ جو سنڌ حڪومت پاران باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. مدو پورو ڪندڙ مڪاني ادارن جي چونڊيل نمائندن جي جاءِ تي ميونسپل ڪمشنرز، چيف ميونسپل آفيسرز، ٽائون آفيسرن ۽ يونين ڪائونسل جي سيڪريٽرين کي عارضي ايڊمسٽريٽر مقرر ڪيو ويو آهي ۽ ادارا هلائڻ جون ذميواريون کين سونپيون ويون آهن. مڪاني ادارن جي کاتي پاران بلدياتي ادارن کي مليل سامان جي به فزيڪل آڊٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. اهو جمهوريت ۾ لازمي پڻ آهي ته احتساب پڻ ڪيو وڃي. مڪاني ادارن جو مدو پورو ٿيڻ بعد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سنڌ ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ نيون تڪبنديون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن لاءِ شيڊيول پڻ جاري ڪيو ويو آهي. شيڊيول تحت تڪبندين لاءِ ڊيلميٽيشن ڪاميٽيون جوڙيون وينديون، تڪ بنديون واريون ڪاميٽيون 9 کان 22 سيپٽمبر تائين يونين ڪائونسل، يونين ڪاميٽي ۽ وارڊ سطح جون تڪبنديون ڪنديون، جڏهن ته 23 سيپٽمبر تي تڪبندين جي ابتدائي لسٽ پڌري ڪئي ويندي. تڪبندين تي 23 سيپٽمبر کان 7 آڪٽوبر تائين اعتراض ٻڌا ويندا، اعتراض 8 کان 22 آڪٽوبر تائين اڪلايا ويندا، 30 آڪٽوبر تي تڪبندين حتمي لسٽ جاري ڪئي ويندي. ان بعد جيڪڏهن حالتون سازگار رهيون يا وري وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن اجازت ڏني ته مڪاني چونڊن جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويندو.
اسان وٽ سنڌ ۾ خاص طور تي تڪ بنديون سدائين تڪراري هونديون آهن، سياسي اڳواڻ ۽ پارٽيون الزام هڻندا رهيا آهن ته تڪ بنديون ڪنهن هڪ ڌر کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ماضي جا ڪيل فيصلا ان جي شاهدي پڻ ڏين ٿا. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته تڪ بنديون هجن يا عام يا مڪاني چونڊون ان لاءِ اليڪشن ڪميشن کي بااختيار بڻايو وڃي. اها خودمختياري نه رڳو مالي پر انتظامي پڻ هجڻ گهرجي. اليڪشن ڪميشن آزاد هوندي ته اها اهڙا فيصلا ڪندي جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ اعتراض ٿيندا، پر جيڪڏهن ماضي جيان ڪم ڪرايو ويو ته نه رڳو مڪاني ادارن جي تڪ بندي درست نه ٿيندي ۽ ان تي اعتراض ڪيا ويندا پر هاڻ ته سياسي صورتحال اهڙي ڪئي وئي آهي جو ان معاملي تي امن امان جو مسئلو پڻ پيدا ٿي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هر سياسي پارٽي جي خواهش هوندي ته اها نه رڳو ڪراچي پر حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص، نوابشاهه، لاڙڪاڻي، خيرپور، جيڪب آباد، بدين، مٺي ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ پنهنجا ڪائونسلر ڪامياب ڪرائي ته جيئن کين انهن شهرن جو ميئر يا چيئرمين چونڊرائڻ جو موقعو ملي سگهي. ان ڪري هو چونڊن ۾ ڪاميابي لاءِ هر حربو استعمال ڪندا. ان لاءِ اهو ضروري آهي ته مڪاني ادارن جون تڪ بنديون شفاف نموني ڪرايون وڃن ان لاءِ ڪنهن به پارٽي يا ڪنهن ٻئي اداري جي مفادن کي سامهون نه رکيو وڃي پر ان ڳالهه کي سامهون رکڻ گهرجي ته تڪ مان چونڊ وڙهڻ جو حق هر شخص کي هجڻ گهرجي ۽ ڪنهن جي به هڪ هٽي قائم نه ٿئي. جڏهن ته شفاف تڪ بندين بعد مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ لاءِ فوري طور تي انتظام ڪيا وڃن ته جيئن عوام کي مقامي سطح تي پنهنجا نمائندا چونڊڻ جو موقعو ملي سگهي. ائين نه ٿئي جو ماضي جيان مڪاني چونڊن لاءِ به سالن جا سال انتظار ڪرڻو پوي ۽ عوام جي اها راءِ درست ثابت ٿي وڃي ته سياسي پارٽيون مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرائڻ جون حامي ناهن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *