Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_5pgn78risdrit96sbbv53pmpci, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مڪاني ادارن جو مدو پورو پر صاف پاڻي به نه مليو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مڪاني ادارن جو مدو پورو پر صاف پاڻي به نه مليو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *ڀرياسٽي ۾ پوليس حراست دوران ڏوهارين جي فرار ٿيڻ وارو مامرو *ايس ايڇ او سميت 6 اهلڪارن کي پنجن ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو *عدالت پاران ايس ايڇ او ۽ وڏي منشي سميت 4 اهلڪارن جي 20،20 هزار روپين عيوض ضمانت منظور*
  • *گمبٽ ۾ آبپاشي کاتي جي زمين تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن جاري، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *اسسٽنٽ ڪمشنر جي نگراني ۾ عدالتي حڪم تي شادي هال، دڪان ۽ گهر ڊاهڻ جو سلسلو جاري *دڪاندار پاڪ ڪتاب کڻي دڪانن آڏو بيهي رهيا، فيصلو واپس ورتو وڃي: مطالبو*
  • *ڪورونا سبب ملڪ جا سمورا تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو *26نومبر کان ملڪ جا تعليمي ادارا بند ڪيا ويندا:شفقت محمود * تعليمي ادارن ۾امتحان به ملتوي ڪرڻ جو فيصلو:شفقت محمود *26نومبر کان 24 ڊسمبر تائين هوم لرننگ جاري رهندي:شفقت محمود *25ڊسمبر کان 10 جنوري تائين سياري جي موڪل هوندي:شفقت محمود اسڪولز، ڪاليجز، يونيورسٽيز ۽ ٽيوشن سينٽرز بند رهندا:شفقت محمود *11جنوري تي ملڪ جا تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان: شفقت محمود تعليمي ادارا کولڻ بابت ڪورونا صورتحال جو جائزو ورتو ويندو:وفاقي وزير*
  • *لاڙڪاڻو: اوستا محمد ويجهو ڪار ۽ مزدا ۾ ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو *تيز رفتار ڪار گڏهه گاڏي کي بچائيندي مزدا سان ٽڪرائجڻ سبب 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا *زخمين کي چانڊڪا اسپتال نيو ويو جتي ڪار ڊرائيور محمد ابراهيم شاهه فوت ٿي ويو*
  • *ٺري ميرواهه ۾ شهرين پاران اسپتال ۾ دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو، ٽائرن کي باهه *اسپتال ۾ نانگ ڪکيل ۽ ڪتن ڏاڙهيلن واري ويڪسين اڻلڀ آهي: مظاهرين*
  • *ٽنڊوجان محمد ۾ بوائز ڊگري ڪاليج جا 2 ليڪچرار ڪورونا جو شڪار *ڪورونا جا ڪيس ظاهر ٿيڻ تي مير حاجي خدابخش ٽالپر بوائز ڊگري ڪاليج هفتي لاءِ بند*
  • *سنڌهاءِ ڪورٽ ۾ آرزو راجا ڪيس جي ٻڌڻي *آرزو راجا والدين سان گڏ وڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، عدالت درخواست اڪلائي ڇڏي *پوليس اختياريون معاملي جي جاچ ڪري ماتحت عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائين: عدالت *عدالت آرزو جي تعليم ۽ ٻين سهولتن جو انتظام ڪرڻ جي هدايت *روزانو گهرو کاتي جي طرفان ڪو نمائندو هڪ ڪلاڪ آرزو سان ملاقات ڪندو: عدالت *آرزو چاهي ته پنهنجو فيصلو واپس وٺي سگهي ٿي: عدالت*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ جعلي اڪائونٽس اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي *عدالت جوابدار شفقت ممتاز جي ريمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي *نيب جوابدار شفقت ممتاز کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو *جيترو جلدي ٿي سگهي، جاچ مڪمل ڪئي وڃي:عدالت*
  • *دادو ۾ سڱاوتي تڪرار تان فائرنگ ۾ زخمي ٿيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *مقتول امتياز برهماڻي جو مڙهه داخل منتقل ڪيو پيو وڃي *
  • *غوثپور ويجهو ٽرالر جو رڪشا کي ٽڪر، ٻن عورتن سميت 4ڄڻا سخت زخمي *انڊس هاءِ وي تي انڙ اسٽاپ وٽ حادثو پيش آيو، زخمي اسپتال منتقل*
  • *اسلام آباد: احتساب عدالت ۾ آصف زرداري جو گهر سيل ڪرڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي *احتساب عدالت جي نمبر هڪ جج محمد بشير جي موڪل سبب ٻڌڻي ڪارروائي کانسواءِ ملتوي *ڪيس جي ٻڌڻي 18 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي *آصف زرداري ڪراچي جي ڪلفٽن ۾ قائم گهر کي سيل ڪرڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي رکي آهي*
  • *اسلام آباد: وڪيلن جي بغير انٽري ٽيسٽ انرولمينٽ وارو معاملو *چئني صوبن جي وڪيلن جو سپريم ڪورٽ جي مک دروازي آڏو احتجاج، ايڇ اي سي خلاف نعريبازي *اسان کي اسان جي ووٽ جو حق واپس ڏنو وڃي: احتجاج ڪندڙ وڪيل *

مڪاني ادارن جو مدو پورو پر صاف پاڻي به نه مليو

سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي ۽ سنڌو ڪناري آباد سکر شھر جي لکين رھواسين جي لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي ورھين کان خواب بڻيل آھي، ان سان گڏ ڊرينيج نظام به ورھين کان تباھه حالي جي ور چڙھيل آھي، عام چونڊن توڙي بلدياتي چونڊن وقت سکر مان چونڊيل نمائندن شھرن جي ڄاڻايل ٻئي بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جا سنھرا خواب ڏيکاريا، پر افسوس ھن وقت تائين اھي ٻئي بنيادي مسئلا حل ناھن ٿي سگھيا، جيتوڻيڪ مختلف وقتن تي اربين روپيا ٻنھي اسڪيمن تي خرچ به ٿي چڪا آھن، ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ سميت سمورن يونين ڪاميٽين جي چيئرمين سميت بلدياتي نمائندن جي مدت پوري ٿيڻ باوجود اهي مسئلا شھر ۾ موجود آھن، جن جي حل لاءِ وڏي رقم خرچ به ڄاڻائي وئي آھي، پر لاڳيتو چونڊن ۾ ڪامياب ٿي حڪومت ٺاھيندڙ پيپلز پارٽي جي قومي، صوبائي ميمبرن توڙي بلدياتي چونڊن ۾ ڪامياب اميدوار ھن وقت تائين پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراھمي وارو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آھن. نساسڪ، ميونسپل ڪارپوريشن، پبلڪ ھيلٿ جي ماتحت ھلندڙ پاڻي فراھمي توڙي ڊرينيج جو نظام بدستور ٺيڪ ناھي ٿي سگھيو.
سکر ۾ ايڊمنسٽريٽر جي مقرري متعلق به سياسي اختلاف سامھون آيا، تنھن ڪري اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ ايڊمنسٽريٽر جي موجودگيءَ ۾ ميڊيا آڏو ترديد ڪرڻ تي مجبور ٿيو ته خورشيد شاھ ۽ اسان ۾ ايڊمنسٽر جي مقرريءَ تان ڪو به اختلاف ناھي.
سکر جي سڄاڻ ڌرين ھاءِ ڪورٽ بار سکر جي اڳوڻي صدر ھادي بخش ڀٽ، ڊسٽرڪٽ بار سکر جي جنرل سيڪريٽري شفيق بابر لغاري، جي يو آءِ سکر جي جنرل سيڪريٽري مولانا محمد صالح انڍڙ، وڪيل ۽ سماجي اڳواڻ فرزانا کوسو، سکر اسمال ٽريڊرز جي صدر حاجي جاويد ميمڻ، تحريڪ انصاف جي اڳواڻ مبين احمد جتوئي، سني تحريڪ جي مرڪزي اڳوڻ حافظ محبوب سهتو، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حزب الله جکرو، مشرف محمود قادري، وڪيل سڪندر جوڻيجو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ عيدن جاگيراڻي، لالا ارشاد پٺاڻ ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت نساسڪ جي قيام وقت شھرين کي پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊرينيج جا مسئلا مستقبل بنيادن تي حل ٿيڻ جا سنھرا خواب ڏيکاريا، جنھن سکر ۾ اربين روپيا به خرچ ڪيا پر ان باوجود ٻئي بنيادي مسئلا حل نه ٿيا، جنھن کان پوءِ ميونسپل ڪارپوريشن وري پبلڪ ھيلٿ کي اھي نظام ڏنا ويا جن به ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا آھن پر ھن وقت تائين پيئڻ جي پاڻي وارو مسئلو حل ناھي ٿي سگھيو ۽ نه ئي وري ڊرينيج نظام بھتر ٿي سگھيو آھي. سکر جي اڳوڻي ميئر ارسلان اسلام شيخ ۽ اڳوڻي ڊپٽي ميئر طارق حسين چوھاڻ چيو آھي ته پاڻيءَ جو مسئلو اڄ جو نه پر ڪافي پراڻو آھي، ميونسپل ڪارپوريشن پاڻي فراھمي لاءِ 30 ڪروڙ روپين جي 90 ڪلو ميٽر تائين پائيپ لائين تبديل ڪئي، بکر آئرلينڊ ذريعي پاڻي فراھمي کي يقيني بڻائي پاڻي کوٽ ختم ڪئي، سکر ۾ مجموعي طور 22 لک گيلن جي سپلائي آھي فلٽر گھٽ ٿئي ٿو پر ڪوالٽي پاڻي بھتر آھي ان باوجود ڪجهه ھنڌن تان شڪايتون پڻ اينديون رھيون آھن. پاڻي ۽ ڊرينيج نظام کي ميونسپل ڪارپوريشن ڪنٽرول ڪري ورتو ۽ شڪايتون ختم ٿي ويون پر عدالتي حڪم تي اھو نظام پبلڪ ھيلٿ حوالي ڪيو ويو، جيڪڏھن اسان وٽ اختيار ھجن ھا ته صورتحال وڌيڪ بھتر ھجي ھا. شھرين تائين پيئڻ واري صاف پاڻي جي فراھمي فلٽريشن جي لاءِ 4 کان 5 ارب روپيا لڳي ويندا، اسان پلاننگ ڪري اختيارين کي آگاھ به ڪيو آھي. پر اميد ته مستقبل ۾ ان تي ڪم ڪيو ويندو ۽ پيئڻ جي پاڻي وارو بنيادي مسئلو حل ٿي ويندو. سنڌ حڪومت ۽ سکر جي چونڊيل نمائندن کي گھرجي ته سکر واسين جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪن ته جيئن ورھين کان مسئلن ۾ ڦاٿل شھري سک جو ساھه کڻي سگھن.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *