Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_smctb8mqnhveatutedkbn0of55, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مڪاني ادارن جي امڪاني سيٽ اپ لاءِ ڊڪ ڊوڙ - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مڪاني ادارن جي امڪاني سيٽ اپ لاءِ ڊڪ ڊوڙ - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

مڪاني ادارن جي امڪاني سيٽ اپ لاءِ ڊڪ ڊوڙ

جيتوڻيڪ بلدياتي چونڊون جلد ٿيڻ جي ڪا پڪ ڪانھي پر پوءِ به سياسي اڳواڻن کي اڳواٽ تياري ته ڪرڻي ئي ھوندي آھي، سو سجاول ضلعي ۾ پڻ ان سلسلي ۾ سياسي جوڙ توڙ جو عمل شروع ٿي چڪو آھي، دلچسپ ڳالھه اھا آھي جو سجاول ضلعي ۾ ڪا اپوزيشن ته آھي ئي ڪونه، ڇو ته ھتان جا سمورا مک سياسي اڳواڻ ھڪ ئي پيپلز پارٽي ۾ شامل آھن، ان باوجود ھتي اڳواڻن ۾ اندروني طور ڌڙابندي وقت بوقت ظاھر ٿيندي رھي آھي ۽ ھر ڪو گروپ چاھي ٿو ته ووٽرن ۽ پ پ قيادت وٽ بالادستي سندس ئي ھجي، ان ڪري اندروني طور گڏجاڻيون ھاڻي کان ئي شروع ٿي ويون آھن، ڪجھه ڏينھن اڳ ارباب وزير ميمڻ دڙي ۾ دعوت ڪئي ته ھن ريحانا لغاري ۽ ھير سوھو کي نه گھرايو، جنھن مان اندازو لڳايو پئي ويو ته ميرپور بٺورو تعلقي ۾ ارباب ۽ ريحانا وچ ۾ پاور تان اندروني جنگ ھلندڙ آھي، ڇو ته ڪارڪنن موجب جاتي، کاروڇاڻ ۽ شاھبندر تعلقا ملڪاڻين جي اثر ھيٺ آھن ته وري سجاول تعلقو شيرازين جي اثر ھيٺ آھي، باقي ميرپور بٺورو تعلقي ۾ پنھنجو سياسي اثر وڌائڻ لاءِ چار ڌريون ميدان تي موجود آھن، ھڪ طرف ھير سوھو ته ٻئي طرف الطاف خواجا، ٽئي طرف ارباب ۽ چوٿين طرف ريحانا لغاري آھي،
مبصرن موجب ميرپور بٺورو تعلقي ۾ اھي چارئي ڌريون ھڪٻئي کان گوءِ کڻڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آھن، اڃان ارباب جي دعوت کي ڪي گھڻا ڏينھن نه گذريا ھئا ته خبر اچي ملي ته ڪراچي ۾ ڊاڪٽر الطاف خواجا جي ميزباني ھيٺ سجاول جي پ پ اڳواڻن جي دعوت ڪئي وئي آھي ۽ عين ان وقت سماجي رابطن جي ويب سائيٽس تي ان دعوت جون تصويرون پڻ نروار ٿي پيون، وري پ پ جا اندروني ذريعا ٻڌائين ٿا ته اڳوڻي ايم پي اي شفيق شاھه بخاري جون پڻ شيرازين سان چونڊن جي سلسلي ۾ ڳالھيون ٻولھيون ٿيون آھن ۽ بخاري پاران پڻ اڳواڻن جي مان ۾ دعوت ٿيڻ واري آھي، اھڙين ڳالھين جي ٻنھي ڌرين پاران تصديق نه ڪئي وئي آھي پر پ پ جا ذريعا چون پيا ته شفيق شاھه بخاري جو پٽ ھن ڀيري سجاول ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين شپ جو اميدوار آھي جنھن لاءِ ماحول جوڙڻ خاطر بخاري مختلف اڳواڻن سان رابطا ڪري رھيو آھي،
جيڪڏھن اھا ڳالھه درست ثابت ٿي ته پوءِ ھر ھڪ جي ذھن ۾ سجاول ٽائون ڪاميٽي جو گذريل ڀيري واري چيئرمين جو نالو ضرور تري ايندو ڇو ته گذريل بلدياتي مدو پورو ڪندڙ چيئرمين شير علي شاھه بخاري پڻ شفيق شاھه جو ڀائٽيو آھي، پھرين جيڪا سيٽ ڀائٽيي کي ملي ھئي ھاڻي ساڳي سيٽ پنھنجي پٽ لاءِ وٺڻ جي خواھش فطري آھي، سو سيٽن تي اميدوارن جو حتمي فيصلو ته پ پ جي مرڪزي ۽ صوبائي قيادت ڪندي پر قيادت کي نالا شارٽ لسٽ ڪري وري به مقامي اڳواڻ ئي ڏيندا يا مقامي اڳواڻن کان تجويزون ته ضرور ورتيون وينديون، ان ڪري ئي سجاول جا اڳواڻ لابنگ ڪري رھيا آھن ته جيئن مرڪزي قيادت اڳيان ظاھر ڪري سگھجي ته اسان گھڻائي ۾ آھيون، پ پ ذريعن جو چوڻ آھي ته ھن ڀيري سجاول ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين شپ جو اميدوار شيرازي گروپ جو اميدوار ھوندو ڇو ته گذريل ڀيري مڪاني چونڊن ۾ شيرازي گروپ جو سربراھه شفقت شاھه شيرازي پاڻ چونڊن ۾ نه بيٺو ھو ۽ ھن ڀيري ٿي سگھي ٿو ته اڳوڻو ضلعي ناظم پاڻ ضلعي چيئرمين طور اميدوار بنجي يا پنھنجي گروپ جي ڪنھن اميدوار کي ميدان تي آڻي، جيڪڏھن ايئن ٿئي ٿو ته پ پ ڪارڪنن موجب ريحانا لغاري مخالفت ڪري سگھي ٿي پر کيس قيادت جي فيصلي تي ھائوڪار ڪرڻي پئجي ويندي ساڳي وقت وقت ملڪاڻي پڻ ڪوشش ڪندا ته ضلعي چيئرمين شپ سندن حصي ۾ اچي پر جيڪڏھن قيادت شيرازي اميدوار کي ئي آڻي ٿي ته امڪان آھي ته محمد علي ملڪاڻي، شفيق شاھه بخاري ۽ ارباب وزير ميمڻ سندن حمايت ڪندا ڇو ته چيو پيو وڃي ته اڳواڻن جو اندروني طور شيرازين سان ٺاھه ٿي چڪو آھي.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *