Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_95itp4rk9drl9l4vrj1fjlq5i9, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
مڪاني نظام مان سنڌ ۽ عوام کي ڇا مليو!!  - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar مڪاني نظام مان سنڌ ۽ عوام کي ڇا مليو!!  - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *بخشاپور ويجهو پوليس اٽالن جي ڳوٺ تي چڙهائي، 4 ڄڻا مبينا گرفتار *پوليس اٽالن لطف علي ڊومڪي تي چڙهائي ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي تشدد ڪيو: ڳوٺاڻا *پوليس حبيب الله، ضامن علي، ذاڪر حسين ۽ جعفر علي ڊومڪي کي کنڀي کڻي وئي: ڳوٺاڻن جو الزام*
  • *ڏهرڪي : ميرپور ماٿيلو ريلوي اسٽيشن ڀرسان اڌوڙٽ شخص جو چچريل لاش هٿ *چچريل لاش جي منڊي بهاول الدين واسي محمد عالم طور سڃاڻپ ڪئي وئي: پولس *لاش ريلوي اسٽيشن تي پيل آھي، سسي به چچريل آھي : پوليس*
  • *اسلام آباد بار ڪائونسل جون چونڊون: پولنگ عمل جاري *پنجن سيٽن تي 23اميدوارن وچ ۾ مقابلو، ساڍا 4هزار وڪيل ووٽ جو حق استعمال ڪندا*
  • *العزيزيا ۽ ايون فيلڊ ريفرنسز ۾ نواز شريف جي سزا خلاف اپيلون *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو *نوازشريف جو اشتهار لڳائيندڙ ايف آئي اي آفيسر اعجاز احمد ۽ طارق 2ڊسمبر تي عدالت طلب *نوازشريف جو اشتهار برطانيا موڪليندڙ پرڏيهي کاتي جو آفيسر مبشر خان به طلب *عدالت شاهدن جا بيان قلمبند ڪرڻ بعد نوازشريف کي اشتهاري قرار ڏيندي *جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪيو*
  • *اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي والده بيگم شميم اختر جو مڙهه لندن کان لاهور آندو ويو *شهباز شريف ۽ حمزه شهباز ايئرپورٽ پهچي مڙهه وصول ڪيو *وارثن بيگم شميم اختر جو مڙهه کڻي جاتي امرا پهچايو *
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر ۾ باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿيل ٻارڙي فوت، فوتين جو انگ وڌي 2 ٿي ويو *ڪجهه ڏينهن اڳ ايس ايڇ او مارڪيٽ سرتاج جاگيراڻي جي گھر ۾ گئس سلينڊر مان باهه ڀڙڪي پئي هئي *باهه ۾ سڙي زخمي ٿيل ٻارڙيءَ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو *ايس ايڇ او سرتاج جاگيراڻي جي گهرواري 4ڏينهن اڳ ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي هئي *
  • *ميرپورخاص ضلعي ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 13نوان ڪيس ظاھر، متاثر گهرن ۾ آئيسوليٽ *گذريل ڏينهن 223 ماڻهن جا سيمپلز ورتا ويا ھئا، 13ڄڻن ۾ ڪورونا جي تصديق *ضلعي ۾ ڪورونا متاثرن جو انگ 1553 ٿي ويو *
  • *پني عاقل واسڻ 4 عورتن سان پنجاب ۾ جنسي ڏاڍائي جو انڪشاف، متاثر ڪٽنب ٿاڻي تي پهچي ويو، قانوني ڪارروائي جو مطالبو *ٻن زالن ۽ ڀاڄائي سميت 4 عورتن کي زيادتي جو نشانو بڻايو ويو:همٿ علي *مڇي مارڻ لاءِ پنجاب گهرائي4 عورتن سان ڏاڍائي ڪري قيد ڪيو ويو:متاثر*

مڪاني نظام مان سنڌ ۽ عوام کي ڇا مليو!! 

بلدياتي چونڊون ملڪ ۾ انهيء ڪري ڪرايون وينديون آھن ته جيئن علائقائي ۽ مقامي ماڻهو چونڊرائي انهن جي معرفت عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪرائي سگهجن ۽ اھي چونڊيل مڪاني نمائيندا عوام جي ھر ڏک، درد ۽ تڪليف وقت انهن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺا رھن ته جيئن انهن کي ڪا تڪليف نه اچي سگهي، ان ڳالھه جي اھميت ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي اھو نظام دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ متعارف ڪرايو ويو آھي جيڪو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ ڪاميابي سان ھلي رھيو آھي ۽ پاڪستان ۾ به ڪيترن ئي سالن کان اھو نظام ھلي رھيو آھي. پاڪستان ۾ شروعات ۾ اھو نظام تمام سٺو پئي ھليو جنهن جي ذريعي عوام جا ڪيترائي بنيادي مسئلا حل ٿيندا رھيا ۽ ماڻهن کي توقع کان وڌيڪ سهولتون ميسر ٿينديون رھيون جنهن ۾ يوسي چيئرمين، ٽائون چيئرمين کان وٺي ميمبرس عوام جي خدمت ڪندا رھيا، بعد ۾ جيئن ئي ھر اداري کي ڪرپشن جي ھوا لڳي ته ھر ھڪ ادارو ۽ کاتو ڪرپشن جي ور چڙھندو ويو اھڙي طريقي سان مڪاني ادارا به پنهنجو پاڻ کي ڪرپشن کان بچائي نه سگهيا. ھن کاتي ۾ چيئرمين، ناظمن، ميمبرن ۽ ڪائونسلرن جيڪا ڪرپشن ڪئي آھي ان جا مثال اگر تاريخ ۾ ڳولبا ته ھڪ ته ملندا نه اگر مليا ته ڪارن اکرن سان ڀريل ملندا. سنڌ حڪومت جي ماتحت قائم ضلعي حڪومتون به عوام جا ڏک، درد، اھنج، تڪليفون ۽ مسئلا گهٽائي نه سگهيون آھن يوسيز سطح تي ملندڙ فنڊز جو ناجائز استعمال ۽ پنهنجا نوازي پاليسي اختيار ڪئي وئي جنهن جو نتيجو اھو نڪتو ته حقدارن کي حق نه مليو ۽ چونڊيل نمائندن پنهنجا پيٽ ڀريا عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ بدران فنڊز جو غلط استعمال ڪري چئن سالن جو مدو پورو ڪري ويا پر مصيبت ۾ ماريل غريب عوام کي ڪجهه نه مليو، مڪاني ادارن جي نظام ۾ ھر يونين ڪائونسل جي چيئرمين کي سلائي جون مشينون ۽ معذورن لاءِ ويل چيئرس، سولر جون پليٽون، سولر جا پکا، اسٽريٽ لائيٽيون، پاڻي جا نلڪا ۽ رستن تي پليون ٺاھڻ لاءِ بجيٽ، ٽف ٽائل سرن واريون گهٽيون، عيد گاھه ۽ قبرستان جون چوديواريون ۽ ڊرينيج سسٽم کي صحيح ڪرڻ لاءِ مليل ڪروڙين رپين جي بجيٽ مال غنيمت سمجهي کائي کپائجي ويون، اھو ئي سبب آھي جو عوامي مسئلا، مشڪلاتون، تڪليفون اڄ به گهٽجي نه سگهيون آھن. گذريل چئن سالن ۾ عوام جا ننڍا، ننڍا ڪم به نه ٿي سگهيا، سنڌ جي سمورن شهرن، ٻهراڙين ۾ نيڪال جو سسٽم ۽ نالين جي صفائي جهڙا ڪم به نه ٿي سگهيا. سنڌ جي جنهن شهر يا ٻهراڙي جي ڪنهن ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿئي پيو ته اتي روڊن رستن تي گندي پاڻي جا تلاءَ نظر اچي رھيا ھئا ۽ اُتان جا چونڊيل نمائيندا عوام جي نالي تي مليل پئسن تي ايئرڪنڊيشنڊ ڪمرن ۾ سُڪون جون ننڊون ڪندا رھيا. چيئرمين، ڪائونسلر ۽ ميمبرس گذريل چئن سالن ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي ويا آھن سرڪار طرفان جيڪي پئسا ۽ راشن مليو اھو سمورو سامان پنهنجو پاڻ ۾ ناني ويڙهو ڪري کائي کپائجي ويو ۽ غريب عوام کي سکڻا آسرا ۽ دلاسا ڏئي چار سال پورا ڪري ويا. ھنن جو عملي ڪم ڪٿي به نظر نه ٿو اچي جنهن جي ڪري ان چوڻ ۾ ڪابه هٻڪ محسوس نه ٿي ٿئي ته مڪاني ادارن جي ناقص ڪارڪردگي رھي آھي. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ سنڌ جو عوام جاڳندو يا سالن کان وٺي جيڪو ھلندو پيو اچي ته دھل وڄي ۽ دوسو بيهي، اھو ئي ٿيندو؟ ھاڻي جيئن ئي مڪاني چونڊن جي نئين تاريخ ڏني ويندي ته پنهنجي پنهنجي تڪن جا پير، مير، وڏيرا، جاگيردار ۽ سرمائيدار غريبن وٽ سالن جون رھيل تعزيتون ڪري سنڌ جي اٻوجھه مسڪينن، غريبن ماروئڙن کي ٺلها دلاسا آسرا ڏئي ووٽ وٺي ھليا ويندا ۽ وري ان پاسي سالن تائين منھن نه ڪندا ۽ غريب ھميشه جيان غريبي واري زندگي گذارڻ تي مجبور ھوندو، منهنجي ذاتي خواھش آھي ته سنڌ ۾ پڙھيل، لکيل نوجوان ٻڌي ۽ ايڪو جو مظاھرو ڪري انهن روايتي اميدوارن جو ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڀرپور مقابلو ڪن جيئن غريبن ۽ مسڪين ماروئڙن سميت سنڌ تان اھو سالن جو ڀوتارڪو نظام ختم ٿي سگهي ۽ سنڌ جا روڊ، رستا، گهٽيون، چونڪ ۽ چوراھا صاف ۽ چمڪندڙ نظر اچن، جيڪڏهن ھاڻي ايئن نه ٿيو ته سڀاڻي وري ساڳيا ماڻهو چونڊجي ايندا جن جا پهريان کان ئي پيٽ وڏا آھن ۽ انهن جا اھي پيٽ ڪڏھن به ڀرجي نه سگهندا ۽ عوام جو رھيل رت چوسي ڪمند جي پوپي وانگر ڪري ڇڏيندا.

Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *